سيڪيولرازم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سيڪيولر ازم کان چوريل)

سيڪيولر ازم, سيڪيولرزم (انگريزي ٻولي: secularism) مان مراد اها آهي ته مختلف، مذهبن، ڌرمن، عقيدن، فرقن ۽ مسلڪن جا ماڻهو ڪنهن به سماج ۾ امن، شانتي ۽ ڀائيچاري سان تڏهن ئي رهي سگهن ٿا. سيڪيولرزم هڪ اهڙو نظام جنهن ۾ هر مذهب جي ماڻهن لاءِ بنا مت ڀيد جي قبوليت ۽ رواداري هجي ۽ ڪنهن به مذهب کي ٻئي تي فوقيت جو تصور نه هجي. اهڙي رياست جتي مذهب سياست (رياست) کان جدا هجي ۽ رياست جي رٿا بنديءَ تي مذهب جو سڌو سنئون دخل نه هجي . سيڪولر رياست جو ڪو به سرڪاري مذهب نه هوندو آهي . ان جي آئين موجب سمورن مذهبن کي برابريءَ جو درجو حاصل هوندو آهي۽ ڪنهن خاص مذهب جي مڃڻ وارن سان ترجيحي يا امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو آهي . سيڪولر رياست جو مقصد مختلف مذهبن ۾ تڪرار کي ختم ڪرڻ ۽ سندن مڃيندڙن ۾ يڪجهتي پيدا ڪرڻ هوندو آهي. [1].

جڏهن مذهبن، ڌرمن، عقيدن، فرقن، ۽ مسلڪن کي ذاتي ۽ شخصي قرار ڏنو وڃي ۽ هر هڪ کي پنهنجي عقيدي ۽ مذهب جي مطابق هلڻ جي آزادي هجي. پر اها آزادي نه هجي ته اهو پنهنجا عقيدا، ريتون ۽ رسمون ٻين تي مڙهي. باقي ٻيا رياستي، حڪومتي، سماجي، سياسي، قانوني، معاملا زندگي ۽ زماني جي گهرجن مطابق گذاريا وڃن.[2] سيڪيولر ازم جو مطلب آهي، هر انسان جي هڪجيتري عزت بنا ڪنهن مذهب، ڌرم، عقيدي، فرقي، رنگ، نسل، قوميت، ٻولي، صنف، جنسي ورتاءَ ۽ بنا ڪنهن سياسي راءِ جي فرق جي عزت ۽ احترام، آزادي ۽ تحفظ ڏيڻ آهي. سيڪيولرازم جو سادو ۽ سولو مطلب اھو آھي ته ھڪ اھڙو سماجي ۽ سياسي ورتاءُ، جنھن ۾ اھو مڃيو وڃي ته، عقيدي يا مذھب جو لاڳاپو ڪنھن به انسان جي پنھنجي ذات سان آھي، يعني اھو ان جو ذاتي معامرو آھي ۽ ان ۾ ڪنھن ٻئي کي اعتراض يا مداخلت ڪرڻ جو حق ڪونھي. ان کانسواءِ رياست، قانون ۽ سماج کي به ڪنھن جي ذاتي مذھب ۽ عقيدي ۾ مداخلت جو حق ناھي ھوندو ۽ نه ئي عقيدي ۽ مذھب جي بنياد تي ان سان ٻين کان ڪو الڳ سلوڪ ڪيو ويندو آھي. نه رڳو اھو پر سيڪيولرازم جو مطلب ”لادينت“ بلڪل به ناھي پر سيڪيولرازم جو مطلب ھر ڪنھن جي عقيدي ۽ مذھب جو احترام آھي. ”تنھنجو ڌرم تو لاءِ ۽ منھنجو دين منھنجي لاءِ“ ئي اصل ۾ سيڪيولرازم جو صحيح ۽ ٺيڪ ترجمو آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. سيڪيولر ازم | Indus Asia Online Blog, وقت 2022-01-24 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-11-26