رابعہ بصري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

رابعہ بصري
(عربي ۾: رابعة العدوية خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
Rabia al-Adawiyya.jpg 

معلومات شخصيت
ڄم دهائي 710ء  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت سنه 801 (90–91 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت Umayyad Flag.svg خلافت اموي
Black flag.svg خلافت عباسيہ
Flag of Iraq.svg عراق[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملی زندگی
پيشو شاعر،فلسفي،ليکڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي صوفي،نظم  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي

رابعہ العدويہ القيصيہRābiʿa al-ʿAdawiyya al-Qaysiyya (عربي ٻولي: رابعة العدوية القيسية) (714/717/718 — 801 CE)[2] ھڪ صوفي عورت ھئي [3]اھا دنيا جي ڪجھ حصن ۾ بيبي رابعه بصري جي نالي سان مشهور آهي.'[4]

تفصيلي تعارف[سنواريو]

بيبي ”رابعه“ اسماعيل جي ڌيءُ هئي، جو عدوي قبيلي مان هو، ۽ بصري جو رهندڙ هو، وڏي ڪماليت وارو ماڻهو هو. رابعه کي ٽي ڀيڻون وڏيون ٻيون به هيون، پاڻ چوٿين هئي، تنهن ڪري ”رابعه“ جو نالو مليس، زهد ۽ تقويٰ توڙي علم ۽ فضل ۾ هوءَ مشهور آهي، علم حديث ۽ قرآن ۾ هوءَ قابل عالمن کان وڌي هئي. تصوف ۾ هن جو تمام وڏو درجو آهي، ۽ ڪشف ڪرامات ۾ به ملڪن ۾ مشهور ۽ ضرت المثل آهي. وڏا وڏا بزرگ ۽ اولياء سندس خدمت ۾ ايندا هئا، ۽ سندس صحبت مان فائدو حاصل ڪندا هئا. خواجہ حسن بصري ۽ سفيان ثوري سندس صحبت جا ڏاڍا شائق هئا، ۽ اڪثر کانئس مسئلا پڇڻ ايندا هئا. ابراهيم ادهم به ساڻس ملاقات ڪئي هئي. اهي ٽيئي بزرگ، مشهور اولياء ٿي گذريا آهن. هوءَ سڄي رات نماز پڙهندي هئي. صبح تائين بيٺي هوندي هئي _ اٽڪل هزار رڪعتون هڪ رات ۾ پڙهندي هئي. وفات به سجدي ۾ ئي ڪيائين، جا سنه 185هه (801ع) ۾ ٿي، سندس قبر بصري ۾ آهي. جڏهن رابعه وڏي ٿي، تڏهن پڻس جي مرضي ٿي ته هن جي شادي ڪريان، پر هوءَ خدا جي عبادت ۾ اهڙي محو هئي، جو چيائين ته ”جي آءٌ انهيءَ ”سنت“ تي عمل ڪنديس، ته گهڻا ”فرض“ مون کان ترڪ ٿي ويندا، تنهن ڪري شادي نه ڪنديس“ هوءَ دنيا کان تارڪ هئي، تنهنڪري هوءَ شاديءَ کان نفرت ڪندي هئي. جيئن حضرت عيسيٰ عليه السلام دنيا کان تارڪ ٿي، ڇڙهو رهيو. اهو پهاڪو مشهور آهي،” ته نه سڀ مڙس حضرت عيسيٰ آهن، ۽ نه سڀ عورتون رابعه بصري آهن“. هوءَ اهڙي بي پرواهه رهندي هئي، جو بادشاهه، وزير ۽ امير هن جي خدمت ۾ آيا، پر ڪنهن کي به ڪو ڪم نه چيائين، نه ڪنهن وٽ ڪو احتياج يا ضرورت ظاهر ڪيائين. سڄي عمر توڪل ۽ قناعت سان گذاريائين. هڪڙي ڀيري ڪا شيءِ گهربل هيس، جا وٽس ڪانه هئي، ماڻهن چيس ته فلاڻي شخص وٽ آهي، انهيءَ کان گهرندينءَ ته ملندوءِ. پاڻ چيائين ته ”دنيا جي ڪنهن به شيءِ جو سوال جڏهن آءٌ خدا کي نٿي ڪريان، جو مالڪ الملڪ آهي، تڏهن اهڙي شخص کي ڇا سوال ڪنديس، جو حقيقت ڪري ڪنهن به شيءِ جو مالڪ ناهي!“.[5]

نقل آهي ته ڪنهن ظريف، بيبي رابعه کي چيو ته “مڙسن جا ٽي رتبا آهن، جي زالن کي نصيب ناهن، هڪڙو ته مڙس پوري عقل وارا آهن، ۽ زالون ناقص العقل مشهور آهن، جو ٻن زالن جي شاهدي هڪڙي مڙس جي مَٽ آهي. ٻيو ته زالن جو دين به ناقص آهي، جو هر مهيني ڪيترا ڏينهن عبادت کان رهجي وڃن ٿيون، ۽ ٽيون ته ڪابه عورت پيغمبريءَ جي درجي کي نه پهتي. بيبي رابعه جواب ڏنو ته ”سچ آهي، ليڪن زالن ۾ وري ٽي فضيلتون آهن، جي مڙس ۾ نه آهن. هڪڙي ته زال کدڙي ڪانه ٿيندي، کدڙا رڳو مڙسن سان لاڳو آهن، ٻيو ته ڪنهن به عورت خدائيءَ جي دعويٰ ڪانه ڪئي، اها بي ادبي ۽ اهو ڪفر رڳو مڙسن کان ٿيندو اچي، ۽ ٽيون ته سڀ پيغمبر، اولياء ۽ ٻيا بزرگ عورت جي پيٽ مان ٿا پيدا ٿين، ۽ هنن جي جهولي ۾ ٿا پلجن!“.[6]

هڪڙي ڀيري” سفيان“ کانئس ”ايمان“ جي معنيٰ پڇي: هن چيو ته ”ايمان اهو آهي، ته ماڻهو الله جي بندگي نه بهشت جو اميد تي ۽ نه دوزخ جي ڊپ کان ڪري. پر محض محبت ۽ شوق کان ڪري“، پوءِ پنهنجا جوڙيل ڪيترائي معرفت جا شعر پڙهيائين. هو تمام چڱو شعر چوندي هئي، جنهن جي معنيٰ حقاني هوندي هئي. ڪنهن شخص پڇيس ته ”رسول الله ﷺ جي محبت تنهنجيءَ دل ۾ ڪيتري آهي؟“ هن جواب ڏنو ”خالق جي محبت، منهنجيءَ دل ۾ ڪنهن به مخلوق جي محبت لاءِ جاءِ ڪانه ڇڏي آهي“. خدا کي ڏسڻ جي نسبت ۾ پڇيائونس. چيائين ته ”ڏسڻ کانسواءِ پُوڄڻ ڪهڙو آهي. جي هن کي نه ڏسان، ته جيڪر سندس پرستش به نه ڪريان!“ پڇيائونس ته ”شيطان کي دشمن رکندي آهين، يا نه؟“ جواب ڏنائين ته ”آءٌ رحمان جي دوستيءَ ۾ اهڙي مشغول آهيان، جو شيطان جي دشمنيءَ بابت خيال ڪرڻ جي فرصت نه اٿم“. پنهنجي نالي چوندي هئي ته ”آءٌ هُن جهان کان آئي آهيان، ۽ وري به هُن جهان ڏي وينديس“ مگر مون کي ارمان اهو ٿو ٿئي، ته ماني هِن جهان جي ٿي کان، ۽ ڪم هُن جهان جو ٿي ڪريان!“[7] ”صالح مِري“ اولياء هڪڙي ڀيري چيو ته ”جيڪڏهن ڪو در پيو کڙڪائيندو، ته نيٺ اهو کلندو.“ رابعه چيس ته ”ڪيستائين پيو کڙڪائيندين ته پٽجي _ پهرين ٻڌاءِ ته در هُن ڪو پوريو به آهي ڇا، جو پٽي؟“ هڪڙي ڀيري پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ در بند ڪريو، عبادت ۾ مشغول ويٺي هئي، بهار جي موسم هئي، مينهن وٺو هو، ٻاهر خدائي رنگ ماڻهن پئي ڏٺا، هڪڙي اچي ڪوٺيءَ جي در وٽ سڏ ڪري چيس ته ”بيبي، نڪري ٻاهر ٿيءُ، قادر جي قدرت ڏس!“ هن کي جواب ڏنائين ته ”تون لنگهي اندر آءٌ، ته خود قادر کي ڏسين، ”قادر، جو مشاهدو چڱو، يا سندس ”قدرت“ جو؟“ هوءَ خدا کي سوال ڪندي هئي، ته ”يا خدا“ جيڪا دنيا ۾ منهنجي قسمت ڪئي اٿئي، سا پنهنجن دشمنن کي ڏي، ۽ جيڪا آخرت ۾ منهنجي قسمت ڪئي هجيئي، سا پنهنجن دوستن کي ڏي _ منهنجي لاءِ رڳو تون پاڻ بس آهين!“ هڪڙي ڀيري بيبي رابعه، حسن بصريءَ ڏي ٽي شيون ڏياري موڪليون ، شمع جو ٽڪر، سُئي ۽ وار، ۽ چوائي موڪليائينس ته ”شمع وانگي پاڻ به پيو سڙ، ۽ ٻين کي به روشني پيو ڏي، سُئي وانگي پاڻ اگهاڙو رهه، ۽ ٻين جا ڪپڙا تيار ڪري انهن جو ستر ڍڪ، ۽ وار وانگي ضعيف ۽ نستو ٿي گذار، ته تنهنجو ڪم ٺهي اچي!“[8]

بيبي رابعه جو گهڻو عربي شعر آهي. نموني لاءِ سندس مناجات مان چار بيت ڏجن ٿا.

احبڪ حبين _ حب الهويٰ وحبا لانڪ اهل لذالڪ: فاما الذي انت اهل لہ، فڪشفڪ لي الحجب حتي اراڪ، فاما الذي هو حب الهويٰ، فشغلي بذڪرڪ عمن سواڪ: فلا الحمد في زاد لا ذالڪ لي، ولڪن لڪ الحمد فِي ذا وذاڪ

(يعني، آءٌ توسان ٻه محبتون ٿي رکان _ هڪڙي محبت عشق جي، ۽ ٻي اها جنهن جو تون لائق آهين. پوءِ اُها محبت ، جنهن جو تون لائق آهين، تنهن جي نسبت ۾ آءٌ گهران ٿي، ته تون پردا کولي ڇڏين ته آءٌ توکي ڏسان، ۽ اها جا عشق جي محبت آهي. سا آهي تنهنجي يادگيري ءَ ۾ منهنجو مشغول رهڻ، ۽ توکان سواءِ ٻي سڀ شيءِ وسارڻ: پوءِ شڪر ناهي انهيءَ ۾ تنهنجي لاءِ منهنجو ، پر تنهنجي لاءِ شڪر آهي. هِن ۾ به هُن ۾ به.)[9]

حوالا[سنواريو]

  1. https://libris.kb.se/katalogisering/dbqst7sx4wnt56p — اخذ شدہ بتاریخ: 24 آگسٽ 2018 — شائع شدہ از: 18 سيپٽمبر 2012
  2. Margaret Smith (1995). Encyclopedia of Islam, 2nd ed., Vol. 8, "Rābiʻa al-ʻAdawiyya al-Qaysiyya". Brill. pp. 354–56. 
  3. سانچو:Citebook
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Hanif
  5. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 9 html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 9 html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  6. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 9 html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 9 html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  7. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 9 html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 9 html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  8. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 9 html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 9 html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  9. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 9 html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 9 html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}