دلشاد ڀٽو
دلشاد ڀٽو Dilshad Bhutto | |
|---|---|
| ڄمڻ | ڳوٺ سعيد خان ڀٽو، دادو |
| پيشو | ليکڪ، صحافي ، سياستدان |
| ٻولي | سنڌي |
| رهائش | ڳوٺ سعيد خان ڀٽو |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | ايم. اي |
| مادرِ علم | سنڌ يونيورسٽي |
| دور | هاڻوڪو |
| موضوع | ادب، صحافت، سياست |
دلشاد ڀٽو (انگريزي ٻولي:Dilshad Bhutto) سنڌ پاڪستان جو سياستدان ، ليکڪ ۽ صحافي آھي.[1]
زندگي جو احوال
[سنواريو]دلشاد علي ڀٽو سنڌ جي دادو ضلعو ۽ دادو تعلقو جي ڳوٺ سعيد خان ڀٽو ۾ محمد بخش ڀٽو جي گهر ۾ پهرين اپريل 1972ع ۾ پيدا ٿيو.[2][3]
تعليم
[سنواريو]هن پرائيمري تعليم ڳوٺ جان محمد خشڪ ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو شهر مان ڪيائين. انٽر دادو ڪاليج.۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين.[2]
ادب ۽ صحافت
[سنواريو]دلشاد ڀٽو جو ننڍپڻ کان ادب ڏانهن لاڙو هو. هن ادب، سماج ۽ سياست بابت مضمون لکڻ شروع ڪيا جيڪي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. هيءُ روزانه عبرت حيدرآباد جو اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو. پريس ڪلب دادو جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ ٽيو.[2]
سياست
[سنواريو]دلشاد ڀٽو اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ساٿي ٻارڙا سنگت جو ميمبر بڻيو. پوءِ هيءُ وطن دوست انقلابي پارٽي ۾ شامل ٿيو. دلشاد ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي دادو ضلعي جي نظرياتي شعبي جو انچارج رهيو. بعد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيو. مهراڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ جو مرڪزي نائب چيئرمين به رهيو. ان کان علاوه ٽريڊ يونين ايڪشن ڪاميٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهيو.[2] دلشاد ڀٽو سنڌ نيشنل پارٽي ۾ به اهم عهديدار ٿي رهيو[4] دلشاد ڀٽو 2013ع وارين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 232[5] ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر پي ايس 75 تي چونڊ لڙيو.[6] [7]سياسي طور کيس هيسائڻ لاءِ مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا.[8] هن انساني حقن جي جدوجهد ۾ به ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪيو آهي.[9]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Buriro, Riazat (2013-08-21). "سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: پيا ڄمندا ڄام - ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ (Dr. Dur Muhammad Pathan)". سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا. 2021-08-14 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. 2019-12-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Poets and writers". Aziz Kingrani (انگريزي ۾). 2014-12-17. 2019-12-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Demo against oil firm held". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2003-12-16. 2019-12-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "NA 232 Election Result Candidates, Constituency Details". hamariweb.com. 2019-12-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Dilshad Ali Bhutto - Profile, Political Career & Election History". UrduPoint (انگريزي ۾). 2019-12-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "PS-75 Sujawal, Sindh Assembly, Results, Candidates & Votes". UrduPoint (انگريزي ۾). 2019-12-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Report, Dawn (2008-02-21). "Candidates accuse rivals of massive rigging". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2019-12-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "KARACHI: Teachers' rally baton-charged". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2005-08-07. 2019-12-22 تي حاصل ڪيل.