خالد بن وليد
| خالد بن وليد | |
|---|---|
شام جي شهر حمص ۾ خالد بن وليد مسجد | |
| مقامي ٻولي ۾ | خالد بن الوليد بن المغيرة المخزومي |
| ٻيو نالو | * سيف الله • ابو سليمان |
| پيدائش | مڪه المڪرمه، حجاز، عربستان |
| وفات | 21 هجري 642 عيسوي حمص، شام |
| قبر جي جاء | مسجد خالد بن وليد، حمص، شام |
| وابستگي | * مڪي جا مشرڪ 625–628
|
| نوڪري/شاخ | اسلامي لشڪر |
| خدمت سال | 629–638ع |
| عهدو | ڪمانڊر |
| يونٽ | شام ۽ عراق جي مهمون |
| سالار |
|
| جنگيون/سورهيه |
|
| شريڪ حيات |
|
| تعلقات | Banu Makhzum (a clan of the Quraysh tribe) |
خالد بن وليد رضي الله تعالي عنه (عربي: خالد بن الوليد بن المغيرة المخزومي؛ وفات: 642ع) ستين صدي جا عرب فوجي ڪمانڊر هئا. هن ابتدا ۾ قريش جي طرفان رسول الله ﷺ جي خلاف مهمن جي اڳواڻي ڪئي ۽ پوء مسلمان ٿي، پنهنجي ڪيريئر جو باقي حصو رسول الله ﷺ ۽ پهرين ٻن راشد خليفن، حضرت ابوبڪر ۽ عمر (رضي الله عنهم) جي خدمت ۾ گذاريو. خالد 632-633ع ۾ عرب ۾ باغي قبيلن جي خلاف ردا جي جنگ، 633-634ع ۾ ساساني عراق ۾ ابتدائي مهمن ۽ 634-638ع ۾ بازنطيني شام جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
قريش جي طاقتور شاخ، بنو مخزوم، جيڪو رسول الله ﷺ جي مخالفت ۾ سڀ کان اڳ هو، جي هڪ گهوڙي سوار جي حيثيت سان، خالد بن وليد 625ع ۾ احد جي جنگ دوران مسلمان فوج جي شڪست ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سال 628ع ۾، خندق جي جنگ کان پوءِ، هو مديني پهتو ۽ اسلام قبول ڪيو. پيغمبر ﷺ کيس مسلمانن ۾ هڪ سرڪاري فوجي ڪمانڊر طور شامل ڪيو ۽ موته جي جنگ دوران کيس "الله جي تلوار" جو لقب ڏنو، جنهن ۾ هن، هڪ ڪمانڊر جي حيثيت سان، هڪ لک جر رومي لشڪر جي خلاف، 3000 جي مسلمان فوج جي محفوظ واپسي کي ممڪن بنايو. هن 629-630ع ۾ مڪي جي فتح دوران مسلمان فوج ۽ ماتحت بدوين جي اڳواڻي پڻ ڪئي ۽ 630ع ۾ حنين جي جنگ ۾ حصو ورتو. نبي ﷺ جي وصال کان پوءِ، خالد بن وليد کي نجد ۽ يمامه ۾ مرتدين جي سرڪوبي لاء مقرر ڪيو ويو ته جيئن انهن جي شورش کي دٻائي، انهن کي تابع ڪري سگهجي. انهن مهمن جو اختتام 632ع ۾ بُزاخه جي جنگ ۽ 633ع ۾ يمامه جي جنگ ۾، ترتيب وار، عرب باغي اڳواڻن طليحه ۽ مسيلمه ڪذاب جي شڪست ۽ قتل سان ٿيو.
پوء خالد عراق ۾ فرات جي وادي سان گڏ عيسائي عرب قبيلي، بنو لخم ۽ ساساني فوجن جي خلاف مهمون شروع ڪيون. بعد ۾ ابو بڪر کيس سرزمين شام ۾ مسلمان فوجن جي ڪمانڊ ڪرڻ لاءِ ٻيهر مقرر ڪيو، جتي هن پنهنجي فوجن کي شام جي ريگستان جي هڪ ڊگهي، پاڻي کان خالي حصي ۾ هڪ غير روايتي پيش قدمي جي اڳواڻي ڪئي، جيڪا هن جي هڪ شاندار فوجي حڪمت عملي واري ڪمانڊر جي حيثيت سان سندس شهرت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. جنگ اجنادين (634)، جنگ فحل (634 يا 635)، دمشق جي محاصري (634-635) ۽ يرموڪ جي جنگ ۾ رومي فوجن جي خلاف فيصلي واري فتح جي نتيجي ۾، اسلامي فوجون سڄي سرزمين شام کي مديني جي رياست جي ماتحت ڪيو.
خالد کي بعد ۾ ٻئي راشد خليفي عمر فاروق پاران فوج جي اعليٰ ڪمانڊ تان هٽايو ويو. هي هوندي به، خالد بن وليد حمص ۽ حلب جي محاصرن ۽ 637-638 ۾ قنصرين جي جنگ ۾ پنهنجي جانشين ابو عبيده بن الجراح جي اهم ليفٽيننٽ جي حيثيت سان خدمتون جاري رکيون. انهن مصروفيتن گڏيل طور تي شهنشاهه هرقل جي اڳواڻي ۾ شام مان شاهي بازنطيني فوجن جي پوئتي هٽڻ کي تيز ڪيو. سال 638ع جي آس پاس، حضرت عمر کيس قنصرين جي گورنري تان برطرف ڪيو. خالد 642 ۾ حمص، شام ۾ وفات ڪئي.
خالد کي مورخين طرفان وڏي پيماني تي هڪ انتهائي ماهر ۽ بااثر فوجي ڪمانڊر طور سمجهيو ويندو آهي، خاص طور تي ابتدائي مسلمان فتحن ۾ سندس ڪردار لاءِ مشهور آهي. پنهنجي اسٽريٽجڪ ذهانت ۽ قيادت لاءِ مشهور، هو اسلامي تاريخ ۾ هڪ اهم شخصيت رهي ٿو. تنهن هوندي به، سندس ڪيريئر تڪرار کان خالي نه هو، بنو جديما قبيلي جي خلاف سندس ڪاررواين ۽ مالڪ بن نوويره جي قتل جهڙن واقعن جي چوڌاري بحث مباحثا هئا. سندس وڌندڙ شهرت ڪجهه ابتدائي مسلمانن ۾ پريشاني پيدا ڪئي، خاص طور تي عمر، جنهن شخصيت پرستي جي امڪاني ترقي جي خلاف خبردار ڪيو.