خالد آزاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خالد آزاد

خالد آزاد وگهيو (انگريزي:Khalid Azad) سنڌي ٻولي جو نوجوان شاعر ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ محقق آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

خالد آزاد جو اصل نالو خالد حسين آهي. پهرين جنوري 1978ع تي ڳوٺ جلال وگهيو لڳ مسو ڀرڳڙي، حيدرآباد تعلقو،حيدرآباد ضلعو ۾ حاجي جڙيو وگهيو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. خالد آزاد نوڪري جي حوالي سان سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو ۾ مختلف عهدن تي خدمتون سر انجام ڏنيون آهن. ڪجهه وقت ساڳي اداري ۾ پبليڪيشن آفيسر طور ڪم پڻ ڪيائين ۽ هن وقت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ايڊمن) جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي.[1][2]

تعليم[سنواريو]

خالد آزاد شروعاتي ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي ڳوٺ ڀرسانمسو ڀرڳڙي شهر مان مان حاصل ڪئي. هن ٻارهين جماعت سائنس ۾ گورنمينٽ ڪاليجمٽياري منجهان پاس ڪئي. بي اي ۽ ايم ايسنڌي ادب ۾سنڌ يونيورسٽيڄامشورو منجهان پاس ڪئي.[1]

ادبي خدمتون[سنواريو]

خالد آزاد لکڻ جي شروعات 1993ع ۾ ڪئي. اول اول سندس لکڻيون ٻارن لاءِ نڪرندڙ رسالي ارچڪ مرچڪ ۾ ڇپيون.سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري ماهوار ڪينجهر، عبرت مئگزين، روزانه بختاور، ماهوار ادب ۾ ڇپيون.احد آزاد 1995ع کان 2000ع تائين مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سب ايڊيٽر ۽ ايٽر رهيو پر کيسادا سائين (رسالو) نالي رسالي جي ايڊيٽر طور پاڻ مڃايو. 2009ع ۾ کيس ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ بين الاقوامي اداري پاران انٽرنيشنل ريسرچ سوسائٽي ڦار چلڊرين لٽريچر جو پاڪستان ۾ اعزازي ميمبر مقرر ڪيو ويو. خالد آزاد سنڌ جي مختلف مڃيل ادبي ادارن جي ڪاميٽين جو ميمبر به رهيو آهي. ڪيترائي مڃتا ايوارڊ به ماڻيا آهن. سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.[1]

ڪتاب[سنواريو]

  • جيجل جي هنج ۾ ڪهاڻيون 2001ع
  • جانورن جو بادشاهه ترجمو(گڏيل) 2001ع
  • ڏاها ڀائر ڪهاڻيون 2001ع
  • سج اڀرڻ کان پوءِ ناول 2005ع
  • سنڌي دفتري لغت،(گڏيل)سنڌي لينگويج اٿارٽي 2010ع[3]

اوارڊ[سنواريو]

خالد آزاد کي دعوت اسلامي اسلام آباد پران ’نشان اعزاز، سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور، سنڌي ٻالڪ ادبي سنگت، نٽ کٽ گروپ آف پبليڪيشن، ماهوار ساٿي، روشن دنيا ٻالڪ سنگت، هيومن ڊيولپمينٽ ائسوسيئيشن ملير، اسٽوڊنٽس اينڊ رائيٽرز فورم ڪراچي، مونو پبلڪ انگلش هاءِ اسڪول حيدرآباد، پيرل قمبر ادبي سنگت شهدادڪوٽ، فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي ۽ ٻين ادارن کان مڃتا طور ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "خالد آزاد : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-10. 
  2. "خالد آزاد". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-07-15. 
  3. "دفتري لغت : (Sindhianaسنڌيانا)". encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-16.