ادا سائين (رسالو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نٽ کٽ گروپ آف پبليڪيشن، حيدرآباد پاران سنڌيءَ ۾ ٻارن جو هيءُ ماهوار رسالو ”-ادا سائين-“ ڊسمبر 2006ع ۾ حيدرآباد مان شايع ڪيو ويو. هن رسالي جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين نواز علي ڀٽو ۽ چيف -ايڊيٽر- محمد وسيم خان آهي. رسالي جو -ايڊيٽر-خالد آزاد آهي، جڏهن ته قربان شيخ ۽ روپلو جويو اسسٽنٽ -ايڊيٽر- آهن. هيءَ رسالو پنهنجي دؤر جو ٻارن جو معياري ۽ سڀ کان وڌيڪ شايع ٿيندڙ رسالو رهيو آهي. هن رسالي ۾ نوجوان ليکڪن کان سواءِ معروف ليکڪ ڊاڪٽر -ادل سومرو-، -اياز گل-، نصيرمرزا،علي دوست عاجز ۽ ٻيا مستقل لکندا رهيا آهن. هن رسالي ۾ ٻارن جي ڪهاڻين، شعرن ۽ مضمونن سميت مستقل سلسلا، جهڙوڪ: ڪتابن سان ڳالهيون، خبرون چارون، ٻالڪ ڊائري، پروفائيل ۽ سڀ رنگ وغيره شايع ٿيندا رهيا آهن. هيءُ رسالو نٽ کٽ گروپ آف پبليڪيشن، حيدرآباد پاران شايع ٿي، بي -7، نسيم اپارٽمينٽ حيدرآباد مان پڌرو ٿئي ٿو. رسالي جي سائيز ڊيمي ۽ صفحا 80 آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "ادا سائين : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-16.