جوکيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جوکيا
ٻوليون

سنڌي

مذھبَ

اسلام

جوکيا، جوکيو:(انگريزي: Jokhia ) ھيءَ ذات سمن ۾ اچي ٿي ۽ راجپوت نسل جي آھي[1][2] ۽ مڪران مان سنڌ ۾ آئي. نومڙين سان ڳنڍيل آھي[3]. ھي ماڻھو لاڙ ۾ اچي رھيا ۽ ٻن سون ورھين تائين چوري ۽ ڦرمار تي گذاريائون. انھن مان ھڪڙي شخص بجار جوکئي کي ميان غلام شاه ڪلھوڙي جاگير ڏني، جو ھن ڌاراجه جي راجا کي وڃي ماريو، جنھن تڪليف ٿي ڏني. پوءِ ھنن ماڻھن ملير جي ڏکڻ ڏي حب ندي ۽ گھاري جي وچ ۾ زور ورتو[3]. اوائل جي ڏينھن ۾ جيڪو واپار جو مال ڪراچيءَ مان ٺٽي ڏي ويندو ھو، تنھن تي سرڪار ھنن کي ساليانو ساڍا ڇھ ھزار ڏيندي ھئي[3]. اھي جوکيا ۽ نومڙيا ٻئي ٻڌل ھئا ته جيڪي قافلا ڪراچيءَ کان سيوھڻ ڏي ويندا ھئا، تن جي سُرَڪشا ڪندا ھئا. سيوھڻ جا پنوھر ۽ لس ٻيلي جا برفت انھن سان ڳنڍيل آھن[3].جوکين وٽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي سند هئي[4]. مير فتح علي خان سندن جاگير کي جيڪا ٽن سؤ ميلن ۾ هئي، بحال رکي[4]، پر جوکيا سنڌ جو پهريون قبيلو هو، جنهن انگريزن سان لاڳاپا رکڻ شروع ڪيا هئا[4]. 1843ع ۾ مير نصير خان سندن سردار ڄام مهر علي خان کي انباري ۾ هدايت ڪئي[4]. پر هو سيٺ نائون مل جو گراهڪ بڻجي انگريزن کان ٺيڪا کڻڻ لڳو[4].

حوالا[سنواريو]

  1. "جوکيا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-03-31. 
  2. "جوکـيا | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2021-03-31. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 [قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ]
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو