مواد ڏانھن هلو

بطليموس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪلوڊيئس بطليموس (Claudius Ptolemy؛ یونانی:Κλαύδιος Πτολεμαίος؛ 168 ق.م - 90 ق.م)[1] قديم يوناني فلسفي ۽ فلڪيات جي ماهرن مان هڪ هو، جيڪو گهڻو ڪري مصر جي شھر اسڪندريا ۾ رهندو هو.

هن پنهنجي وقت جي ڄاڻايل ڪائنات لاءِ هڪ نمونو پيش ڪيو تہ، "ڌرتيءَ ڪائنات جي مرڪز ۾ آهي ۽ سج، چنڊ ۽ باقي سيارا ۽ ٻيا آسماني جسم ان جي چوڌاري گردش ڪن ٿا". بطليموس ھن زماني ۾، مدار جي بدران، جيڪو سيارن جو فرضي رستو آهي، برج جو تصور استعمال ڪيو.انھن جی خیال مطابق "فضا هڪ مضبوط ۽ پوشيده گول جسم آهي (جهڙوڪ شيشو) جنهن ۾ زمين مرڪز ۾ رکيل آهي ۽ سيارا مضبوط طور تي پنهنجي ماحول سان جڙيل آهن. جيئن تارا زمين جي چوڌاري گردش ڪين ٿا، سيارا پڻ ڌرتيء جي چوڌاري گردش ڪين ٿا". هن جي دور ۾، چار سيارا؛ عطارد، وينس، مريخ ۽ مشتري دريافت ڪيا ويا ء وڌيڪ دريافت نه ڪيا ويا. پڻ، بطليموس ايمان آندو ته خدا ۽ ملائڪ آسمانن کان پوء رهن ٿا. بطليموس ڪائنات جي باري ۾ جيڪو نظريو پيش ڪيو ان کي مرڪزي زمين جو نظریو سڏيو وڃي ٿو. چنڊ ۽ سج جي ظاهري حرڪت جو مشاهدو ڪندي هن مرڪزي زمين جو نظريو پيش ڪيو، نڪولس ڪوپرنيڪس مرڪزي سج جو نظریو پيش ڪيو ۽ انهن جي راءِ ۾ ترميم ڪئي.

حوالا

[سنواريو]
  1. لغت‌نامهٔ دهخدا