مواد ڏانھن هلو

اسڪندريه

بيھڪ: 31°12′N 29°55′E / 31.200°N 29.917°E / 31.200; 29.917
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(اليگزينڊريا کان چوريل)
اسڪندريہ
Alexandria

الإسكندرية
ميٽروپولس
مٿيان کان مخالف گهڙي وار: اسٽينلي پل، مونٽازا محل، ڪورنيش، ببلياٿيڪا لائبريري، ابو العباس المرسي مسجد، قائتبي قلعو
اسڪندريہ Alexandria
جھنڊو
اسڪندريہ Alexandria}}
قومي نشان
عرفيت: "رومي سمنڊ جي ڪنوار"، "رومي سمنڊ جي ساحل جو موتي"
اسڪندريہ Alexandria is located in Egypt
اسڪندريہ Alexandria
اسڪندريہ
Alexandria
Location in Egypt
جاگرافي بيهڪ: 31°12′N 29°55′E / 31.200°N 29.917°E / 31.200; 29.917
ملڪ  مصر
گورنريٽ اسڪندريہ
قيام 331 ق.م.
باني سڪندر اعظم
حڪومت
 • گورنر محمد سلطان[1]
پکيڙ[مشڪوڪ]
 • ڪل 2,679 ڪ.م2 (1,034 ميل2)
بلندي 5 ميل (16 ft)
آبادي (27/11/2017[2])[مشڪوڪ]
 • ڪل 5,172,387
اسڪندريہ جي اسڪائي لائن، قائتبي قلعي کان

اسڪندريہ (Alexandria؛ /ˌælɪɡˈzændriə/ [3] عربي: الإسكندرية؛ قبطي: Ⲁⲗⲉⲝⲁⲛⲇⲣⲓⲁ,Ⲣⲁⲕⲟⲧⲉ)، مصر جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ رومي سمنڊ جي ڪناري تي سڀ کان وڏو شهر آهي. اهو نيل درياهه جي ڊيلٽا جي الهندي ڪناري تي واقع آهي. سڪندر اعظم طرفان لڳ ڀڳ 331 قبل مسيح ۾ قائم ٿيو، اسڪندريہ تيزي سان وڌيو ۽ يوناني تمدن جو هڪ وڏو مرڪز بڻجي ويو، آخرڪار ميمفس، اڄوڪي گريٽر قاهره، جي جاءِ تي مصر جي گاديءَ جو هنڌ بڻيو. بين الاقوامي سطح تي "رومي سمنڊ جي ڪنوار" ۽ "رومي سمنڊ جي ساحل جو موتي" سڏجن ٿا. اها هڪ مشهور سياحتي مقام ۽ سوئز کان قدرتي گئس ۽ تيل جي پائيپ لائينن جي ڪري هڪ اهم صنعتي مرڪز آهي.

اسڪندريہ جي بندرگاھه

اسڪندريہ لائيٽ ھائوس جي ڪري مشهور هو جيڪو دنيا جي ستن عجوبن مان ھڪ آھي. ان کان علاوه اتي دنيا جي قديم لائبريري، تاريخي قبرستان (Necropolis) پڻ ان جي مشھوري جو سبب آهن. اھو قديم دنيا جو روم کان پوءِ تمام وڏو شھر ھيو.

سڪندراعظم

تاريخ

[سنواريو]

اسڪندريہ جي عروج جو ڇھ سؤ ساله دور ٽين صدي قبل مسيح کان شروع ٿئي ٿو.ان دؤر ۾ انسان پنھنجي شعور جو تمام اھم سفر شروع ڪيو جيڪو اڄ اسان کي خلا جي ڪناري تي وٺي آيو آهي[4].ھن شھر جو بنياد سڪندر اعظم وڌو هو ۽ بعد ۾ ھن جي اڳوڻي محافظ ان کي مڪمل ڪرايو.سڪندر اجنبي تھذيب جي احترام ۽ کليل دل سان علمي تحقيق جي حمايت ڪندو هو.ھن پنھنجي جنرلن ۽ سپاھين کي ايراني ۽ ھندوستاني عورتن سان شادي ڪرڻ لاء ھمٿ افزائي ڪئي.ھن ٻين قومن جي ديوتائن جو احترام ڪيو.ھن پنھنجي استاد ارسطوءَ لاءِ ھاٿي گھرايو هو. ان جو ھي شھر اسڪندريہ فراخدليءَ سان ٺھرايو ويو تہ اھو واپار، علم ۽ تھذيب جو مرڪز ٿي سگھي. ھن شھر ۾ ٺھرايل 30 ميٽر ويڪريون سڙڪون ھن جي شان ۽ شوڪت ۾ اضافو ڪنديون هيون. فن تعمير جا نفيس نمونن ۾ مجسما، سڪندراعظم جو مقبرو، روشنيءَ جو وڏو منارو شامل آهن جن مان روشني جو منارو قديم ستن عجوبن ۾ شامل آھي.پر اسڪندريہ جو سڀ کان وڏو عجوبو ان جي لائبريري ۽ ان سان لڳولڳ عجائب گھر ھيو.اھا لائبريري دنيا جو پھريون تحقيقي ادارو ھيو ۽ ان جا عالم پوري ڪائنات جو مطالعو ڪندا ھئا. ھن لائبريري ۾ عالمن جي برادري ھوندي ھئي جيڪا طبعيات، ادب، طب، فلڪيات، جاگرافي، فلسفي، رياضي، جسمانيات،۽ انجنيئرنگ تي غور ڪري رهي هئي.اتي ذھانت جي پرورش ٿي رھي ھئي.اسڪندريہ جي لائبريري ۾ انسانن پھريون دفعو سنجيدگي۽ باقائدگي سان دنيا جا علم جمع ڪيا. اندازي مطابق عروج واري دؤر ۾ ان لائبريري ۾ پنج لک ڪتاب ھوندا[5].

ببلياٿيڪا اسڪندريہ _ قديم لائبريري جديد روپ ۾

حوالا

[سنواريو]
  1. "Alexandria Governor - Dr.Mohamed Ali Ahmed Ali Sultan". 
  2. CAPMAS. "الجهاز المركزي للتعبئة العامة والإحصاء". www.capmas.gov.eg. 
  3. "Alexandria". Collins Dictionary. حاصل ڪيل 24 September 2014. 
  4. {کتاب: کائنات؛ از:کارل ساگان؛ ترجمہ :منصور سعید؛اشاعت:1996؛ صہ 25 پبلشرز: فکشن ہائوس، لاہور }
  5. {کتاب: کائنات؛ از:کارل ساگان؛ ترجمہ :منصور سعید؛اشاعت:1996؛ صہ 26,27,28, پبلشرز: فکشن ہائوس، لاہور }