بدر ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برک ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جي فرزند ۽ علامه علي خان ابڙي جي پوٽي نامياري ليکڪ، صحافي، لغت نويس ۽ محقق بدر ابڙو جو جنم 19 ڊسمبر 1953 تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.[1]

تعليم[سنواريو]

شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي، خيرپور، ٽنڊي الهيار ۽ سجاول مان ورتائين. مئٽرڪ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان 1969ع ۾ ڪيائين ۽ انٽر کان پوءِ ڪراچيءَ مان بي ڪام جي ڊگري حاصل ڪيائين.

ادب ۾ اچڻ[سنواريو]

ادبي گهراڻي سان تعلق سبب 1973ع کان مختصر ڪهاڻيون لکڻ سان آغاز ڪندي، سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي گڏجاڻين ۾ دلچسپي سان شريڪ ٿيندو رهيو. ان دور ۾ انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمان نقاش، مشتاق باگاڻي، بيدل مسرور، هدايت بلوچ ۽ ٻيا دوست سنگت ۾ سرگرم هئا، تاج بلوچ، شمشير الحيدري، بدر قريشي ۽ تاجل بيوس سندس سينيئر ساٿي هئا.

سياسي ڪردار[سنواريو]

1980ع ۾ ضياءَالحق جي مارشل لا واري عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف ڪارروائيءَ ٿي ته بدر ابڙو پنهنجي دوستن پروفيسر جمال نقوي، ڪامريڊ امر لال، سهيل سانگيءَ، شبير شر ۽ ڪمال وارثيءَ سميت گرفتار ڪيو ويو . ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دوستن تي خاص فوجي عدالت ۾ ڪيس هليو، جيڪو ”ڄام ساقي ڪيس“ جي نالي سان مشهور ٿيو، ان ڪيس ۾ ملڪ جا اهم ترين سياستدان محترمه بينظير ڀٽو، خان ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، مولانا شاهه محمد امروٽي ۽ ٻيا کوڙ صاحب بچاءَ جي شاهدن طور پيش ٿيا. بدر ابڙو چئن سالن تائين جيل ۾ رهيو. کيس ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ’ضمير جو قيدي‘ قرار ڏنو ويو.

صحافت ۽ ڪتابت[سنواريو]

ان بعد هن صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. 1985ع کان هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، 1990ع ۾ روزاني ”پڪار“ سکر جو ايڊيٽر ٿيو. بعد ۾ ”پڪار“ ڪراچيءَ مان ڇپجڻ لڳي ته اتي به سندس ايڊيٽر هو. 1993ع ۾ هن ادبي، سياسي ۽ سماجي مخزن ”روح رهاڻ“ جاري ڪئي، جنهن جا نوَ (9) پرچا اچي سگهيا. 1997ع ۾ پاڻ ”برسات“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. هن وقت تائين بدر ابڙي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ”تنقيد نگاري“ (1985ع)، ”رني ڪوٽ“ (1989)، ”هنگلاج ۽ لاهوت“ (تحقيق: 1992ع ۾)، ”رياست جهنگل جي آکاڻي“ (ڪهاڻيون: 1992)، ”جيل جي ڊائري“ (1994)، ”سنڌوءَ جو سفر“ (1994)، ڀڳوانن جي ڀونءِ (نيپال جو سفر نامو) 1996، ”رني ڪوٽ“ (اردوءَ ۾: 1997ع)، ”ماڻهو“ (1998)، ”سنڌ جو شاهه“ (2000ع) شامل آهن. ان کان علاوه سندس تحقيقي سفرناما به ڇپائيءَ هيٺ آهن، جن ۾ ”کيرٿر جو سفر“ جا پنج جلد، ”ڪوهستان جو سفر“، ”سنڌ ۾ پٿرن تي قديم نقاشي“، ”منڇر گاج دنيا“ ”ڪُتي جي قبر ڏانهن“ ۽ ”سيوهڻ جي تاريخ“ شامل آهن. ان کان سواءِ هن موضوع وار انسائيڪلوپيڊيا لاءِ به اهم معلومات تي مبني ڪتاب تيار ڪيا آهن، جن مان تازو ”سنڌ جي جهنگلي جيوت“ بابت ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان (2009ع) ۾شايع ٿيو آهي، ان کان سواءِ هن اداري پاران ڇپجندڙ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي عنوان سان تيار ٿيندڙ انسائيڪلوپيڊيا جي پهرئين جلد جي تياريءَ ۾ به سندس اهم ڪردار آهي. جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”خواب ۽ خيال“ (شاعري) ۽ صوفياڻي فلسفي تي ٻڌل تحريرن جو مجموعو ”پيهي جان پاڻ ۾“ شامل آهن. بدر ابڙي مختلف اخبارن ۾ ڪيترائي سلسليوار ڪالم، ايڊيٽوريل ۽ مضمون به لکيا، جن ۾ ”هيءَ سين“ جي سري هيٺ هلال پاڪستان ۾ ”زندگي جدوجهد، اڻٿڪ سفر“ (هلال پاڪستان). ”سنڌ باد“ (هلال پاڪستان) ”وتايو فقير سوچي ٿو“، (برسات)، ”آئينو“. (سنڌ، ڪاوش ۽ خبرون اخبارن ۾). دلچسپي جي ڳالهه ته هن هڪ درجن کن فرضي نالن سان پڻ ڪالم لکيا، جن ۾ ڪڏهن ”شهباز لطيف“ ڪڏهن ”مترش“، ”احسان الله“، ”بشير عباسي“، ”آديسي“، ”تمر لاهوتي“ ۽ ’سنڌ باد‘ جهڙا نالا استعمال ڪيا.

مڃتا[سنواريو]

کيس مڃتا طور APNS اوارڊ 1987ع ۾ مليو. آرٽس ڪائونسل مان مجسمي سازيءَ جو ڪورس ڪيائين جنهن سال هن کي سڄي ڪراچيءَ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ٿي. 1986ع ۾ بدر ابڙي شاهه لطيف جو خيالي مجسمو پڻ ٺاهيو. سندس زندگيءَ جو هڪ اهم پهلو مهم جوئي پڻ آهي. هن 1989ع ۾ ڪابل نديءَ کان ڪراچيءَ تائين ٻيڙين ذريعي سنڌوءَ جو سفر ڪيو ۽ لڳ ڀڳ سڄو کيرٿر ڏسڻ کان پوءِ ڪتابَ لکيائين.

ھن وقت[سنواريو]

بدر ابڙي ويجهي ماضيءَ کان آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ ۾ پڻ فرض نڀايا آهن، جتي پروجيڪٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان اهم انگلش سنڌي ڊڪشنرين جي تياريءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو اٿس. بدر ابڙو تحقيق ۽ آرڪيالاجيءَ سان دلچسپيءَ سببِ مختلف ماڳن جا سفر ڪندو رهي ٿو. هن وقت سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.[1]

بدر ابڙو اڪيڊمي https://www.badarabro.com[سنواريو]

بدرابڙو اڪيڊميhttps://www.badarabro.com محترم بدر ابڙي جي والد جمال ابڙي، بدر ابڙي جي ڏاڌي علي خان ابڙي ۽ بدر ابڙي جي ڪيل گڏيل علمي پورھئي جي ويب سائيٽ آھي. ھن ويب سائيٽ تي سنڌ جي ٽن وڏن عالمن ۽ ھڪ ئي خاندان جي 100 سال جيتري ڪيل ڪم جو مجموعو پيل آھي

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.

2-https://www.badarabro.com