تاج بلوچ
ڏيک
تاج بلوچ (جنم 25 مئي 1940 يا 1942، وفات 4 جون 2020) سنڌي ٻولي جو شاعر ھيو، ھن جو پورو نالو، تاج محمد بُلو (جتوئي) ھيو. سندس جنم 25 مئي 1940[1] (1942[2]) تي ضلعو سکر جي تعلقو پنو عاقل لڳ ڳوٺ سردار محمد مُراد خان بُلو ۾ ٿيو.[1] ھيءُ غزل ۽ نظم جو شاعر ھيو. تاج بلوچ ساھتي رسالو ماھوار ”سوجهرو“ جي چيف ايڊيٽر ھيو،[2][3] سندس خدمتن عيوض کيس صدارتي ايوارڊ پڻ مليو. ھي ريڊيو تي آرجي پڻ ھيو. ھن ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي ھئي.[2] ھي سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري ھيو.[4][5]
ادبي پورھيو
[سنواريو]تاج بلوچ جي شاعري جا چار ڪتاب ڇپيل آهن:[5]
- ’درد جو صحرا‘ (1970ع)،
- ’خوشبو جو زهر‘ (1987ع)،
- ’لفظن جو ماتم‘ (1994ع)،
- ’دل جزيرو اداس موسمن جو‘ (2004ع)
وفات
[سنواريو]تاج بلوچ 80 سال جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس صفوران ڳوٺ، ڪراچي ۾ دفنايو ويو.[2][6][7]
پڻ پڙھو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 "بلوچ تاج : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 06 جون 2020۔
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 "Daily Kawish - Sindhi News Paper", www.thekawish.com, حاصل ڪيل 06 جون 2020۔
- ↑ سندھی, زیب (05 جون 2020), "درد کے صحرا کا مسافر تاج بلوچ بھی بچھڑ گیا۔۔۔!", ہم سب (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 06 جون 2020۔
- ↑ "ناليوارو شاعر تاج بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو", Mazahimat (ٻولي ۾ en-GB), 04 جون 2020, حاصل ڪيل 06 جون 2020۔
- ↑ 5.0 5.1 "*تاج بلوچ سنڌ کي 4 ڪتاب ارپيا * ساس جو سيڪريٽري جنرل رهيو -" (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 06 جون 2020۔
- ↑ "Page No.01", kawish.asia, حاصل ڪيل 06 جون 2020۔
- ↑ "برک شاعر ۽ نقاد تاج بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو : ساس پاران سوڳ -" (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 06 جون 2020۔