علامه علي خان ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

علامه علي خان ابڙو
معلومات شخصيت
عملي زندگي
مادر علمي سنڌ مدرسته الاسلام  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو ليکڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي


سندس والده جو نالو -بصره- خاتون هو. عمر فقير صوفي منش، عقل فهم جو مالڪ هو، پر شريعت ۽ روزي نماز کان پاسيرو هو، ’دوزخ کي دڙڪو ۽ -بهشت- کي دلاسو‘ سمجهندو هو. هن پنهنجن سڀني پٽن کي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو. -ان- طرح علي خان ابڙو اسڪول وڃڻ لڳو ۽ ٻارهن ورهين جي عمر ۾ 1901ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو. 1906ع ۾ سنڌ مدرسي مان مئٽرڪ ڪيائين، پرنسپال وائنس صاحب جي همت افزائيءَ سان جهونا ڳڙهه ۽ بمبئيءَ مان -تعليم- ورتائين ۽ فيلو ٿي رهيو. 1912ع ۾ ايم. اي ڪيائين. هو تعليمي ڪيريئر ۾ مئٽرڪ کان ايم. اي تائين سڄي -بمبئي- يونيورسٽيءَ ۾ پهريون نمبر ايندو رهيو. مرحوم دلي چاهه سان سوچي ويچاري -تعليم- کاتي کي پسند ڪيو ۽ تعليمي خدمتن جو آغاز -اين جي وي هاءِ اسڪول- ۾ ماستريءَ سان ڪيائين. رات ڏينهن ڪتابن جي انبار ۾ غرق رهيو، ادب، مذهب، -تاريخ- ۽ يورپي مفڪرن جا هزارين ڪتاب شوق سان پڙهيائين. مولانا حاليءَ جو مسدس پڙهڻ کان پوءِ -اسلام- ڏانهن علمي رغبت ۾ اضافو ٿيس. -ان- وقت شايد ئي ڪو اهڙو -انگريزي-، فارسي يا -اردو- زبان ۾ شايع ٿيل ڪتاب سندس مطالعي کان رهجي ويو هجي. خاص دلچسپي وٺي عربيءَ ۾ مهارت حاصل ڪيائين ۽ قرآن شريف جي سڀني مشهور تفسيرن جو مطالعو ڪيائين. -ان- کان پوءِ هن -اسلام- ۽ -الله- تعاليٰ جي جمالياتي پهلوئن تي لکيو ۽ وقت جي ڪن پيرن، گادي نشينن، مجاورن ۽ مولوي صاحبن جي دنياوي عملن کي بنياد بنائي ’رسومات تباهي‘ نالي ڪتاب لکيو. -ان- کان پوءِ تڏهوڪن مولوين ۽ پير صاحبن، مٿس ’ڪافر‘ هجڻ جون فتوائون -جاري- ڪيون. هن نه رڳو قلم پر مباحثن ۽ تقريرن ۾ هر جاءِ تي تمام نهٺائيءَ سان پنهنجو موقف رکيو. سندس چوڻ هو ته ”-اسلام- ملائيت، فرعونيت ۽ قارونيت کي ختم ڪرڻ لاءِ آيو آهي“، سندس آخري اڌوري مضمون (-آگسٽ- 1953ع) جون ڪجهه سٽون آهن ته ”جيڪو به ٻئي تي حڪومت ٿو هلائي، سو پاڻ کي خدا ٿو سڏائي ۽ جيڪو به ٻئي جي غلامي ٿو ڪري، سو به خدا کي ڇڏي ٻين جي پوڄا ٿو ڪري“. سندس عقيدو هو ته ’-انقلاب- جو بنياد اخلاق‘ آهي.[1].[2]

تصنيفون[سنواريو]

علي خان ابڙي جي ڪجهه ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:

(1). حالات نبوي،
(2). -احاديث نبوي-،
(3) رسومات تباهي،
(4). -تعليمات اسلام- (ٻه حصا)،
(5). -اسلام ۽ ترقي- (چار حصا)،
(6). اخلاقي گلدستو،
(7). -اسلام- ۽ چونڊون،
(8). -اسلام- ۽ ڪميونزم،
(9). -اسلام- جو مالي نظام،
(10). -اسلام- ۽ ڪميونزم (انگريزيءَ ۾)،
(11). يوسف زليخا (ڊرامو)،
(12). علم ۽ ديني علم“،
(13). ”سولي سنڌيءَ جي -تاريخ-“،
(14). ”-ائٽلس جاگرافي-“،
(15). ”نئون اروگيه وگيان“ (علم صحت)،
(16). ”اخلاقي ۽ مذهبي -تعليم-“،
(17). ”قرآن ۽ ڪانسٽيٽيوشن“،
(18). ”-ترقي- سنڌ مسلم“،
(19). ”پيسٽالازي،
(20). ”سنڌي گرامر“
انهن کان سواءِ ابڙي صاحب جا کوڙ سارا مضمون ملا اسڪول مخزن، -توحيد- ۽ -الوحيد- اخبارن ۾ شايع ٿيا. سندس مضمونن جو هڪ مجموعو ’انساني ڀلاين جو ديني شعور‘ سنڌيڪا اڪيڊميءَ شايع ڪيو آهي. تازو، سندس علمي خدمتن جو تقريباً سڄو رڪارڊ جمع ڪيو ويو آهي، جيڪو ”علي خان ابڙو، علمي خدمتون“ جي ٽائيٽل سان -اشاعت- هيٺ آهي. سندس لکڻ ۾ طنز يا ٽوڪ نه هئي. هو ”علم براءِ -اصلاح-“ جو قائل هو. عمل ۽ اعمال وٽس ڪسوٽي هئا. -تعليم- جو شعبو سندس تحريرن ۽ جهاد جو ٻيو اهم -ترين- دائرو آهي. -تعليم- کي عام ڪرڻ لاءِ هو سنڌ جي چپي چپي ۾ ويو. ڪانفرنسون ڪرايائين، ليڪچر ڏنائين. ڪچي، ڪاڇي ۽ -ٿر- جي دور دراز علائقن ۾ اٺن تي ويندو هو، هر هنڌ ماسترن ۽ مولوي صاحبن کي ٻارن جي نفسيات سمجهائيندو ۽ -پڙهائڻ جا طريقا- ٻڌائيندو هو. هن ايتري جانفشانيءَ سان ڪم ڪيو، جو وقت جي -انگريز- آفيسر لکيو ته ”He works with missionary spirit“. ابڙي صاحب جي ذاتي لائبريري 1942ع واري وڏي -ٻوڏ- ۾ لڙهي وئي. سندن دوستي علي بخش چنا، -الله- بخش -انصاري-، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ميان شمس الدين قريشي سان هئي. علامه دائود پوٽي سان سندس دلي دوستي هئي. محمد عثمان ڏيپلائي کانئس گهڻو متاثر هو. مولانا عبدالحق نصرپور وارو ۽ مولانا محمد اسماعيل مسڻ وارو وٽس ايندا هئا. باقي مولانا محمد صادق کڏي واري وٽ پاڻ وڃي علم ۽ فيض حاصل ڪيائين. مولانا -تاج- محمد امروٽي صاحب کان گهڻو متاثر هو ۽ اڪثر وٽن ويندو هو.

پويون دؤر[سنواريو]

1930ع ۾ مستقل لاڙڪاڻي لڏي آيو ۽ شهر جي ڪرمان -باغ- پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. -تعليم- کاتي ۾ مختلف اسڪولن ۾ پرنسپال جي حيثيت سان ملازمت ڪيائين، -جن- ۾ مدرسو هاءِ اسڪول ميرپور خاص به شامل هو. 1944ع ۾ رٽائر ڪيائين. تعليمي خدمتن جي مڃتا طور -انگريز- سرڪار ابڙي صاحب کي خانبهادر جو لقب ڏيڻ چاهيو، پر هن اهو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بعد ۾ نواب غيبي خان چانڊئي ابڙي صاحب کي پنهنجي پوٽي سلطان احمد خان جو اتاليق مقرر ڪيو، جيڪو پوءِ چانڊين جو نواب ٿيو. علي خان صاحب 1945ع ڌاري قرآن پاڪ جو -تفسير- ۽ ترجمو لکڻ شروع ڪيو ۽ -جُون- 1954ع ۾ مڪمل ڪيائين. اهو ”-تفسير- المنير“ اٽڪل 1200 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو 1998ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران شايع ٿيو،.[3].[4]

وفات[سنواريو]

علي خان ابڙو صاحب -تاريخ- 16 -جولاءِ- 1954ع تي لاڙڪاڻي ۾ دل جي عارضي سبب انتقال ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي شهر ۾ درگاهه قائم شاهه -بخاري- لڳ قبرستان ۾ آهي.[5].[6]

اولاد[سنواريو]

سندس اولاد ۾ شمس الدين ابڙو وڪيل لاڙڪاڻي جي مشهور ۽ قانوندان شخصيت ٿي رهيو، ٻيو نمبر پٽ ناميارو ليکڪ -جمال ابڙو- عدليه جي شعبي سان وابسته رهيو ۽ ٽيون نمبر پٽ انجنيئر ڪمال الدين ابڙو هو.[7].[8]

حوالا[سنواريو]

  1. ابڙو علامه علي خان : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  3. ابڙو علامه علي خان : (Sindhianaسنڌيانا)
  4. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  5. ابڙو علامه علي خان : (Sindhianaسنڌيانا)
  6. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  7. ابڙو علامه علي خان : (Sindhianaسنڌيانا)
  8. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }