انور پيرزادو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌي ادب ۽ صحافت جو ناميارو نالو آهي. سندس اصل نالو محمد پريل هو، پر ادبي دنيا ۾ ”انور پيرزادي“ (Anwar Pirzaado) جي نالي سان مشهور ٿيو، 25 جنوري 1945ع تي ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ (جيڪو سندس نانو ھيو) المعروف ٻلھڙيجي، ڳوٺ ٻلهڙيجي، سنڌو درياهه ۽ مھين جي دڙي جي ڀرَ ۾ آهي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتائين. سندس والد شفيع محمد ڳوٺ جي ھڪ مسجد جو پيش امام ھيو. انور پنهنجي والد سان گڏ نه رڳو پنج وقت نماز پڙهندو هو، پر مسجد جو ٻانگو به هو.

ننڍپڻ ۾ شيخ اياز جو ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ پڙهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان ملڻ لاءِ ويو ۽ پوءِ لاڳيتو وٽس ويندو رهندو هو. هن 1955ع تائين پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مسلم اسڪول حاجي لعل بخش شيخ ۾ ورتائين جيڪو خليفو محمود ھلائيندو ھو، پوءِ اٽڪل 13 ڪلو ميٽر پنڌ يا -سائيڪل- تي وڃي گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري ۾ پڙهندو هو. 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. انور 1963ع کان 1968ع تائين، موجوده ڏوڪري تعلقي ۾، مھين جي دڙي اسڪول، -ٽڳڙ- -باغبان- (کچي کيڙا اسڪول)، حاجي مشوري اسڪول ۽ شيرمحمد جوڻيجي اسڪول ۾ پرائمري استاد ٿي رهيو. انور، ٽڳڙ, باغبان ۾ نوڪري دوران، ڳوٺ جي وڏيري سيد خادم حسين شاهه جي اوطاق ۾ رهندو هو. اُن وڏيرڪي ماحول جي مشاهدي جو اظهار اڳتي هلي هن هفتيوار ’برسات‘ ۾ ”وڏيري جي اوطاق مان“ عنوان سان لکيل ڪالمن ۾ ڪيو آهي.

انور 1969ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. ايم اي پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1970ع ۾ پاڪستان ايئرفورس ۾ پائلٽ آفيسر جي ٽريننگ لاءِ چونڊيو ويو، ڇهن مهينن جي ٽريننگ ڪري ڊيوٽيءَ تي چڙهڻ وارو هو ته مٿس ”فيلڊ ڪورٽ مارشل“ ۾ بغاوت جو ڪيس هلايو ويو ۽ کيس ست سال سخت پورهئي سان سزا ڏيئي پشاور سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو. انور جو ڏوهه اهو هو ته هن بنگلاديش خلاف آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي ۽ شيخ مجيب الرحمان کي ”20 صديءَ جو عظيم جنگجو“ قرار ڏنو هو.

فيلڊ ڪورٽ مارشل دوران ونگ ڪمانڊر ۽ ايئر وائيس مارشل يوسف خان کيس آزاد ڪرڻ جي سفارش ڪئي. اهڙيءَ طرح ستن مهينن جي قيد کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. انور لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جا دروازا بند ٿي چڪا هئا، تنهنڪري امرجليل جي سفارش سان کيس هلال پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. 1975ع ۾ هلال پاڪستان ڇڏي روسي سفارتخاني ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ بليٽن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1980ع ۾ روسي سفارتخاني بند ٿيڻ سبب، ان سال ئي ”ڊان“ اخبار جو لاڙڪاڻي جو عيوضي ۽ ”دي اسٽار“ سکر جو بيورو چيف ٿيو. ايم. آر. ڊي هلچل دوران هڪڙي خبر هلائڻ جي ڏوهه ۾ 6 مهينا سزا ڀوڳيائين. ان کان پوءِ جدا جدا اخبارن ”دي اسٽار“، ”عوامي آواز“، ”جاڳو“، ”سنڌ سجاڳ“، ”-برسات-“، ”سنڌ ٽربيون“ ۽ روزاني ”سچ“ سان لاڳاپيل رهيو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري ۽ سرگرم ڪارڪنن به رهيو.

انور پيرزادو، ڪهاڻيڪار به هو. هوچي من جي شاعريءَ کان متاثر ٿي شاعري به ڪيائين. هن ڪيترن ڪتابن جا سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا، جن ۾ ”تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي“ (فيڊرل ڪاسٽرو جي تاريخي تقرير) ۽ ”شاهه جي رسالي جو سماجي مقصد“ اهم آهن. هيل تائين سندس ڇپيل ڪتاب هي آهن، ”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“، ”متان وساريو“(2007ع)، ”سنڌ“(ڊسمبر2008) ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران سندس ڪتاب ”Sindhi Language and Literature- A brief account“ پڻ ڇپجي چڪو آهي. پاڻ 7 جنوري 2007ع تي ڪينسر جي بيماريءَ وگهي وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ئي آهي. -انور پيرزادي ستر واري ڏهاڪي جي شروع ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1973ع کان سنڌي ادبي سنگت کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ ۾ سندس حصو رهيو. هو مُهم جُو صحافي رهيو آهي. هن نومبر 1989ع ۾ رٻڙ جي ٻيڙين تي جهانگيره کان پورٽ قاسم تائين سنڌوءَ جو سفر ڪيو. کيرٿر ۾ ڪتي جي قبر تائين پنڌ ڪيائين ۽ گورک چوٽيءَ تي انهن ڏينهن ۾ پهتو جڏهن روڊ رستا ڪو نه ٺهيا هئا. -ٿر- ۽ سنڌو ڊيلٽا جا به تفصيلي پنڌ ڪيائين. ادبي دنيا ۾ هُو تاج بلوچ-، بدر ابڙي، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمان نقاش، هدايت منگي، ڪيهر شوڪت، ستار پيرزادي ۽ مير محمد پيرزادي کي گهڻو ويجهو رهيو. هن جي تحريرن جو پسنديده موضوع، سنڌ، شاهه لطيف، مھينن جو دڙو ۽ ٿر هئا.[1]

حوالا[سنواريو]