بجلي گھر

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

بجليءَ جي وڌندڙ کپت کي نظر ۾ رکندي. -ان- ڳالهه جي سخت ضرورت محسوس ٿي ته بجليءَ کي وڏي پئماني تي محفوظ ڪري اُن کي ضروت -آهر- استعمال ڪجي، اُن مقصد جي پورائي لاءِ -جنوري-، 1882ع ڌاري لنڊن ۾ دنيا جو پهريون -بجلي گهر- قائم ڪيو ويو. ساڳئي ئي سال نيويارڪ شهر ۾ به -بجلي گهر- قائم ٿيو. ٻنهي -بجلي- گهرن ڊائريڪٽ ڪرنٽ سسٽم (D.C) تحت ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، اُن کان پوءِ، 1890ع جي شروعات ڌاري ”لافن پاور -اسٽيشن- -جرمني-، Lauffen Power Station Germany پاران A.C ”الٽرنيٽنگ ڪرنٽ سسٽم“ جنريٽر ٺاهيو ويو. سنڌ ۾ 1922ع ڌاري سکر ۾ -بجلي گهر- قائم ڪيو ويو، جيڪو 1962ع تائين سکر شهر ۽ قدري آسپاس جي علائقن جون ضرورتون پوريون ڪندو رهيو. پر -پاڪستان- جي قيام کان پوءِ نون ڪارخانن کلڻ ڪري شهر ۾ بجليءَ جو کاپو وڌڻ لڳو، تنهن ڪري مارچ 1962ع ۾ ڪولمبو پلان موجب ٿرمل پاور جي تعمير لاءِ معاهدي تي صحيحون ٿيون. هن رٿا موجب -اتر- سنڌ جي مکيه شهرن سان گڏ سوين ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ -بجلي- مهيا ڪئي وئي آهي. -پاڪستان- جي سڀ کان وڏي -بجلي گهر- گڊو ٿرمل جو تعميراتي ڪم، 1969ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1980ع تائين هن -بجلي گهر- 439 ميگا واٽ تائين -بجلي- پيدا ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اڄڪلهه هتان 1655 ميگا واٽ -بجلي- پئدا ڪئي وڃي ٿي. سنڌ ۾ موجود -بجلي- گهر: (1) ڄامشورو پاور جنريشن ڪمپني (GENCO-I). هي -بجلي گهر- حيدرآباد کان 18 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي دادو روڊ تي، سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي، جنهن ۾ 4 يونٽ آهن. هن -بجلي گهر- مان 850 ميگا واٽ -بجلي- پئدا ڪئي وڃي ٿي. (2) سينٽرل پاور جنريشن ڪمپني (GENCO-II) گڊو، جيڪو ضلعي جيڪب -آباد- ۾ گڊو -بئراج- وٽ واقع آهي. جنهن مان 1655 ميگا واٽ -بجلي- پئدا ڪئي وڃي ٿي.

(3) لاکڙا پاور -اسٽيشن- (GENCO-IV)، کاڻوٺ، ضلعي دادو ۾ واقع هن -بجلي گهر- ۾ 50 ميگا واٽ جا 3 يونٽ 150 ميگا واٽ تائين -بجلي- پئدا ڪري سگهن ٿا.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%AC%D9%84%D9%8A%20%DA%AF%D9%87%D8%B1