بجلي

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

بجلي برقيات (انگريزي ۾ Electricity) هڪ توانائي جو ذريعو آهي جيڪو مختلف وسيلن مان پيدا ڪيو ويندو آهي. بجلي يا برقيات فزڪس جي اهڙي شاخ آهي جنهن ۾ برقي چارج جي عمل ۽ اثر جو ذڪر ڪيو ويندو آهي.

لفظ -بجلي- اصل ۾ بِجر يا وِجر يا وِڄَ آهي، جنهن کي اسان کنوڻ به چوندا آهيون. هندي ڏند ڪٿائن ۾ وڄ (وِجر) اندر ديوتا جو خاص هٿيار آهي، جنهن سان هن ڪيئي راڪاس ۽ -اسر- ماريا. سائنسي لحاظ کان -بجلي- توانائيءَ جو هڪ قسم آهي جيڪو قدرتي ۽ هٿرادو ذريعن مان حاصل ٿئي ٿو. هاڻُوڪي اصطلاح ۾ اها طاقت، جيڪا مصنوعي طرح ڊائنامو جي ذريعي پيدا ڪئي ويندي آهي. -ان- جي طاقت سان ضرورت جون شيون هلايون وڃن ٿيون. بجلي ٺاهڻ يا گڏ ڪرڻ جو تصور ته انسان وٽ قديم دور کان موجود هو، جيڪو هن ۾ وڄ يا کنوڻ کي ڏسي پيدا ٿيو هو، پر اهو خواب ارڙهين صدي عيسويءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ پورو ٿيو، جڏهن ايڊيسن -تار- واري -تند- سان جهڙالي ۾ لغڙ اڏايو، جيڪو ڪڪرن ۾ وهندڙ بجليءَ (وڄ) کي پسيل ڏور جي ذريعي ايڊيسن تائين کڻي آيو. -ان- کان پوءِ -بجلي- ٺاهڻ ۽ -ان- کي محفوظ ڪرڻ تي تجربا ٿيندا رهيا. اڄ -بجلي- سڄيءَ دنيا جي اهم ضرورت آهي. ايتري قدر جو -ان- کان سواءِ هاڻي جياپي جو تصور ناممڪن آهي. هن زمين تي پاڻيءَ جي وجود ۾ اچڻ سان گڏ بجليءَ جو نظام غيرمحسوس طريقي سان شروع ٿي ويو. ڌرتيءَ تي ڪا اهڙي شيءِ ناهي، جنهن ۾ بجليءَ جو وجود نه هجي. جيئن بجليءَ جي ماپ جي اِڪائي کي ’اليڪٽران‘ جو نالو ڏنو ويو آهي. بجليءَ ۾ به خصوصيت آهي، اُها به پاڻيءَ وانگر وهندي آهي. ڪڪرن ۾ وڄ (کنوڻ) انهيءَ ڪري ٿيندي آهي جو گهڻن اليڪٽرانن وارن ڪڪرن مان زياده الڪيٽران ڊوڙي ٿورن اليڪٽرانن وارن ڪڪرن سان وڃي گڏبا آهن. اليڪٽرانن جو وَهُڪرو اسان کي کنوڻ جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. -بجلي-، جنريٽر جي وسيلي سان متحرڪ ڪئي ويندي آهي. اصل ۾ جنريٽر سان -بجلي- پيدا ڪانه ٿي ٿئي، ڇوته -بجلي- هر مادي شيءِ ۾ موجود هوندي آهي. جنريٽر جو ڪم هوندو آهي مادي جي اليڪٽرانن کي متحرڪ ڪرڻ. اليڪٽران جڏهن حرڪت ڪن ٿا، تڏهن انهن جي توانائيءَ (طاقت) کي گهڻن ڪمن ۾ استعمال ڪري سگهبو آهي. انهن جي ڪم ڪرڻ جي طاقت کي ”پاور“ چئبو آهي ۽ استعمال ٿيندڙ اليڪٽران جي ايڪي جو نالو ”واٽ“ رکيو ويو آهي. جيڪڏهن استعمال ٿيل بجليءَ جو حساب ڏسڻو هجي ته -ان- جي پيمائش جو -ايڪو- ”ڪِلو واٽ“ ٿيندو، جنهن ۾ هڪ هزار واٽ جي طاقت سمايل ٿيندي آهي. بجليءَ جو وَهڪرو هميشه هڪ رخ وٺي هلندو آهي. بجليءَ جي انهيءَ وهڪ کي ”ڊائريڪٽ ڪرنٽ سسٽم“ (D.C) به چوندا آهن. پر ضروري ناهي ته وهڪرو هميشه هڪجهڙو ڪم آڻجي، -ان- جي وهڪري جي رُخ کي تبديل به ڪري سگهجي ٿو. اهڙي متبادل نظام کي ”الٽرنيٽنگ ڪرنٽ سسٽم“ (AC) چوندا آهن. جنهن شيءِ مان بجليءَ جو وهڪرو آسانيءَ سان گذري وڃي، -ان- کي پسرائيندڙ يا وهڪرو -جاري- رکندڙ چئبو آهي. سڀئي ڌاتو جهڙوڪ چاندي، لوهه، -ٽامو-، -جست- عمدا -بجلي- پسرائيندڙ ڌاتو آهن. ڪي شيون -جن- مان -بجلي- لنگهي ڪانه سگهندي آهي، اُنهن ۾ شيشو، رٻڙ ۽ گندرف آهن. بجليءَ جي وهڪري جو خاص اثر مقناطيسي ڪشش پيدا ڪرڻ آهي، جنهن مان گرمي پيدا ٿئي ٿي. -بجلي- اوڻيهين صديءَ جو سڀ کان پراسرار عطيو آهي. ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ ”وولٽا“ بيٽري تيار ڪئي وئي. -ان- کان ڪجهه عرصو پوءِ ”اورسيڊ“ ڏيکاريو ته برقي لهر سان مقناطيسي قوت پيدا ڪري سگهجي ٿي. ”امپيئر“ ڳولي لڌو ته تارن جي هڪڙي ويڙهي مان ڪنهن رابطي کان سواءِ ٻئي ويڙهي ۾ بجليءَ جو وهڪرو پيدا ڪري سگهجي ٿو. آخر ۾ ”فيراڊي“ دريافت ڪئي ته هڪڙيءَ -تار- جي ويجهو مقناطيس حرڪت ڪري ته -تار- ۾ -بجلي- پيدا ٿي پوندي آهي. اهڙيءَ طرح اها سڀ معلومات ملي ويئي، -جن- مان وڏيون وڏيون ايجادون وجود ۾ آيون؛ يعني ٽيلي گراف، جيڪو 1844ع ۾ ’مارس‘ ايجاد ڪيو؛ -ٽيليفون- جيڪو 1876ع ۾ ”-اليگزينڊر گراهم بيل-“ ايجاد ڪيو؛ ڊائنامو، جيڪو فيراڊي 1841ع ۾ ايجاد ڪيو ۽ بجليءَ جو -بلب- جيڪو -ٿامس ايڊيسن- 1879ع ۾ ايجاد ڪيو. بجليءَ جي توانائيءَ، اسان وٽ -توانائي- جي اهم قسمن مان هڪ آهي. اها اسان جي زندگيءَ ۾ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته اها گهرن ۽ ڪارخانن ۾ روزمره استعمال ٿيندڙ بجليءَ جي اوزارن ۾ استعمال ٿيندي آهي.[1]