ايلون مسڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايلون مسڪ انگريزي(Ellon Musk) 28) جون 1971ع ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ پيدا ٿيو. اڄڪلھ ھڪ جڳ مشھور ڪينيڊيائي-آمريڪي واپاري، انجنيئر، ايجادي ۽ سرمائيڪار آھي. بجلي تي هلڻ وارين گاڏين، ٻيهر ڪتب لائق راڪيٽن جي تياري ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي وڏن انقلابي منصوبن پٺيان ايلون جو ئي انقلابي دماغ ڪم ڪري رهيو آھي.  ايلون نہ فقط اسپيسX ۽ ٽيسلا موٽرز جو CEO آھي پر شمسي شھر(Solar city) جو چيئرمين ۽ پي-پال، زپ-2 جو بہ ڀاڱيوار ۽ پايو وجهندڙ آھي. انهن مِڙني منصوبن کان مٿي ايلون هائيپرلُوپ جي نانءُ سان هڪ نئين ڪلپناتي اچ وڃ جي سرشتي جي پيشڪش ڪئي آھي، جنهن جي سوڀ کان پوءِ اچ وڃ جي دنيا جو روپُ ئي ٻيو هوندو. جنوري 2016ع ۾ ايلون جي ڌَن جي اثاثن جو انگ 12.4 ارب ڊالر ٿيو، جنهن سبب هو ڌرتيءَ جي شاهوڪار ماڻھن جي لسٽ ۾ اٺيتاليهين نمبر تي آيو. جنوري 2021ع ۾ ايلون مسڪ دنيا جو شاھوڪار ترين ماڻھو بڻجي ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "Real Time Billionaires". Forbes. حاصل ڪيل 2021-01-11.