دماغ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دماغ (Brain) اهو عضوو آهي جنهن سان سوچڻ ۽ سمجهڻ جو ڪم وٺبو آهي.دماغ عام طور تي جسم جي منڍي واري حصي ۾ هوندو آهي ۽ اربين نيورانز مان ٺهيل هوندو آهي.

اسان جا سمورا حواس پنهنجا احساس، اولڙا، عڪس، فوٽو ڪٿي ٿا پهچائن؟ ڏسڻ، ٻڌڻ، ڇهڻ، چکڻ ۽ سنگهڻ جا حواس جيڪي به عڪس قبولين ٿا، اهي دماغ تائين پهچائين ٿا. هر تصور، هر احساس، هر اولڙو، هر عڪس، هر خيال، هر سوچ، عقيدو، ايمان، وهم، وسوسو، ارادو، عزم، جوش جذبو وغيره سڀ ڄاڻ دماغ ۾ آهي. آڱر ڪٽجي وڃڻ سان سمجهه، ڄاڻ گهٽجي نه ويندي، اکيون نڪرڻ، ٻوڙو ٿيڻ وغيره وقت به اڳ موجود ڄاڻ ۾ کوٽ ڪا نه ٿيندي، پر جيڪڏهن ڪو ڊاڪٽر آپريشن ڪري ميڄالي جو مٿيون تهه يا ياد وارو مرڪز کوٽي، ڪپي ٻاهر ڪڍي ته ماڻهوءَ وٽ سڀ عضوا هئڻ باوجود ڪا به ڄاڻ، ڪا به ياد موجود نه رهندي.

اڄ کان پنج لک سال اڳ ٽيهن سالن جي نوجوان جي جسماني قد بت جي ڀيٽ ۾ ان جي کوپڙيءَ يا دماغ جو جيڪو وزن هو ان جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي ٽيهن سالن جي نوجوان جو دماغ گهڻو وڏو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته پنج لک سال اڳوڻي نوجوان جيتري ڄاڻ ماڻي پئي ان جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي انسان جي ڄاڻ لکين ڀيرا وڌيڪ سڌريل آهي.

جڏهن کان انسان اپائڻ، پيدا ڪرڻ، پورهيو ڪرڻ سکيو آهي، تڏهن کان هن وٽ دنيا ۾ موجود شين بابت ٻين ساهوارن جي ڀيٽ ۾ نئين ڄاڻ به وڌي.

پورهيي جو ڪو هڪ گهڙيءَ جو عمل سوين نوان تصور پيدا ڪري سگهي ٿو، سوين ڀيرا ساڳيو ڪم سوين ڀيرا ساڳيا تصور ۽ سوين ڀيرا مختلف تصور ڏئي سگهي ٿو. انهن جي ڀيٽ، فرق وغيره وري اڃا نوان تصور ڏي ٿو.

اسان پنهنجي حياتيءَ ۾ هر ڏيهاڙي ڪيترا ئي نوان تصور ايندا رهن ٿا. هن وقت ڌرتيءَ جي آبادي پنج يا ڇهه ارب آهي ۽ اڄوڪي ڏينهن ۾ هر هڪ انسان جي ذهن وٽ ڪيترا نوان تصور اُڀريا هوندا ۽ اهي سڀ گڏ ڪجن ته ڪيترا نوان تصور ٿيندا. انسان جو هر ڏهاڙي سوين هزارين نون تصورن سان واسطو پوندو رهي ٿو ۽ اهو عمل ماڻهوءَ جي معاملي ۾ گذريل ٽيهن سالن کان هلي رهيو آهي. نون نون عڪسن جو ٺهڻ، انهن جي ٽوڙ ڦوڙ، انهن جو ميلاپ، انهن جي ڪجهه حصن جي ٽٽوڙ ڦوڙ، انهن جي ڪجهه حصن جو ميلاپ، نون عڪسن جو ٻاهرين معاملن سان عمل وسيلي واهپو.

جڏهن ٻار ڄمي ٿو تڏهن وٽس ٻين عضون جيان هڪ عضوو، دماغ به آهي. جيئن ڏسڻ يا ٻڌڻ جي عضوي جو ڪم حواسن وسيلي پهچندڙ عڪسن کي سانڍڻ، سنڀالڻ ۽ ياد رکڻ آهي. جيڪڏهن ڪنهن به عضوي کان ڪو به عڪس دماغ تائين نه پهچندو، ته دماغ وٽ ڪو به تصور، ڪو به خيال نه هوندو. نئين ڄاول ٻار وٽ دماغ آهي، جيئرو آهي، حياتياتي ڪم ڪري ٿو پر وٽس ڪو به تصور، خيال، سوچ، ڄاڻ، سمجهه ڪانهي. جيڪڏهن سمورا حواس بيڪار هجن ته دماغ وٽ پنهنجي ليکي ڪو تصور ڪونهي. دماغ خيالَ، تصور، عڪس، اولڙا پنهنجو پاڻ پيدا نه ٿو ڪري پر حواسن وسيلي حقيقتن کان وٺي ٿو، سانڍي ٿو، سنڀالي ٿو، ياد ٿو ڪري.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-07-15 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-11 
  2. ڪتاب: شعور، ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو