بنياد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:بنياد

گھر جو ھلڪو اونھو بنياد ۽ ھڪ فلڪبوس عمارت جو اونھائي وارو بنياد


بنياد (Foundation)، عمارت جي بنياد جو دارومدار، زمين جي قوت برداشت (Bearing capacity) تي ٻڌل آھي- انھيءَ سبب سڀ کان اڳ ۾ انھيءَ ڳالھھ جي ڄاڻ ڪرڻ گھرجي تھ جنھن پلاٽ تي عمارت ٺاھڻي آھي، انھيءَ جي قوت برداشت (Bearing capacity) ڪيتري آھي. ڪيترن علائقن ۾ تجربيگاھھ نھ ھئڻ سبب زمين جي قوت برداشت جي خبر نھ پئجي سگھندي آھي- اھڙيءَ حالت ۾ زمين جي نوعيت مطابق يا انھيءَ علائقي ۾ ٺھيل ٻين عمارتن جي بنياد جي نوعيت مطابق، بنياد جي اونھائيءَ ۽ ويڪر جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

دراصل بنياد جو مقصد عمارت جي اڏاوت جو وزن مذڪوره زمين تي سلامتيءَ سان اھڙي انداز تي وجھڻو آھي جيئن اھو زمين جي برداشت جي قوت کان وڌي نھ وڃي. بنياد ھميشه پختي زمين تي ھئڻ گھرجي، نھ تھ ٻيءَ صورت ۾ بناوتي ۽ جڙتو طريقن سان زمين کي پختو بنائي، ان جي برداشت جي قوت گھربل انداز تائين آڻي، پوءِ ان مٿان اڏاوت ڪجي.

عمارت جو اھو حصو، جيڪو پلنٿ ليول (Plinth Level) کان ھيٺ آھي، انھيءَ کي عمارت جو بنياد سڏيو وڃي ٿو.[1] عمارت جي بنياد جا ڪيترائي قسم آھن ۽ ھر ڪنھن قسم جو دارومدار عمارت جي نوعيت تي ٻڌل آھي. ھڪ عام رواجي زمين جي حالت ۾ بنياد زمين جي اصلي ۽ قدرتي ليول کان گھٽ ۾ گھٽ ٽي فوٽ ھيٺ ھئڻ گھرجي، جيئن اھو برسات جي پاڻيءَ ۽ ٻين اھڙن قسمن جي موسمي اثرن کي برداشت ڪري سگھي .


ھلڪي اونھي بنياد جو ھڪ نمونو

عام طرح سان اسان وٽ ھڪ منزلہ يا ٻھ منزلہ عمارت ٺاھڻ واسطي زمين کوٽي، سڀ کان پھريائين گھٽ نسبت واري سيمينٽ ڪانڪريٽ جو بلاڪ ڏيئي، جھڙوڪ 10 :5 :1 يا 8 :4 :1 وغيره، انھيءَ جي مٿان سرن جا ڏاڪا ٺاھي، مختلف کسڪا ڏيئي، انھيءَ کي ٿلھي يا چوڪيءَ واري ليول (Plinth Level) تائين آڻي، انھيءَ جي مٿان ڇِت جو بار جھلڻ وارين سرن جون ڀتيون (Load bearing walls)يا فريم اسٽرڪچر (Frame Structure) جو بوتو ٺاھي، عمارت اڏي ويندي آھي. اھڙيءَ صورت ۾ بنياد جي ويڪر، اونھائي ۽ قدرتي زمين مٿان ۽ بنياد جي سڀ کان ھيٺان ڪانڪريٽ بلاڪ جي ماپ، ھيٺ ڄاڻايل دستورن مطابق اختيار ڪئي ويندي آھي.[1]

بنياد جي ويڪر (Width of Foundation)

  • (i) جيڪڏھن ڀت يا ديوار ھيٺان پايا نھ ڏنا وڃن تھ بنياد جي ويڪر، مکيھ ديوار جي ٿولھھ کان ٽيڻي ھئڻ گھرجي.
  • (ii) ديوار (Wall) يا ٿنڀن يا ٺلھن (Piers) مٿان جملي وزن جھڙوڪ ڊيڊ لوڊ (Dead load) لائيو لوڊ (Live load) ۽ ونڊ لوڊ (Wind load) ڪڍيو وڃي ۽ پوءِ ھيٺ ڄاڻايل فارمولا مطابق ويڪر جو اندازو لڳائجي.
    • (الف) ڀتين لاءِ:
بنياد جي ويڪر=(B) ھر ھڪ ميٽر ڊيگھھ مٿان جملي وزن (W)
زمين جي مناسب قوت برداشت (P)

يا Width of foundation (B)= Total load per metre length (W):

Allowable bearing capacity of soil (P)
    • (ب) پاين (Piers) لاءِ:
بنياد جي ويڪر= پايي (Pier) مٿان وزن
زمين جي مناسب قوت برداشت

يا Width of foundation= Total load on the pier 1/2 Allowable bearing capacity of soil

  • (iii) بنياد جي ويڪر (B) = بنياد مٿان ديوار جي ٿولھھ جي ٻيڻ
+ بنياد جي ھيٺئين تھھ جي سيمنٽ
ڪانڪريٽ جي کسڪن جي ٻيڻ

يا Width of foundation (B)= Twice the Thickness of wall + Twice the projection of bed concrete i.e: B=2(t+j) مٿي ڄاڻايل ٽنھي طريقن مان وڌ ۾ وڌ ويڪر جو ملھھ ڏيڻ وارو طريقو استعمال ڪرڻ گھرجي ۽ عام طرح سان بنيادي ڪانڪريٽ جو کسڪو 15 سينٽيميٽر يا 6 انچ ھئڻ گھرجي. بنيادي ڪانڪريٽ جي ٿولھھ چوڪيءَ (Plinth) کان مٿي وارين ديوارن جي ٿولھھ جي تناسب ۾ گھٽ ۾ گھٽ 5/6 حصو ھئڻ گھرجي. عام طرح سان بنياد جي ڪانڪريٽ بلاڪ جي ٿولھھ 22 سينٽيميٽر يا 9 انچ ھئڻ گھرجي. 2: 1-1 بنياد جي اوچائي (Depth of Foundation) ھيٺ ڄاڻايل طريقن مان وڌ ۾ وڌ ملھھ جي حساب سان بنياد جي اوچائي رکڻ گھرجي:-

  • (i) موسمي اثرن کان روڪ جي لحاظ کان بنياد جي گھرائي قدرتي زمين جي سطح کان مکيھ وارين ديوارن لاءِ 3 فٽ ۽ ٻين ديوارن (Secondary Walls) واسطي 2 فٽ ھئڻ گھرجي.
  • (ii) رئنڪين جي دستور Rankine,s Formula) مطابق بنياد جي اوچائي ھيٺ ڏنل قائدي سان ڪڍي وڃي ٿي:-

D=P/W I-Sin j 2 I+ Sinf جنھن ۾: =D بنياد جي اوچائي فٽن ۾ (Depth of Foundation in feet) P = زمين جي بنياد جي ھيٺئين تھھ تي سلامتيءَ وارو وزن (پائونڊ ھر اسڪوائر فوٽ) [Safe permissible pressure on base (soil)in Ib/sq. foot] W = زمين جي تور (پائونڊ ھر ڪعب فوٽ) (Weight of soil in Ib/cu.foot) f = زمين جي آڌار واري يا ساھيءَ واري ڪنڊ ڊگرين ۾ (Angle of repose of soil) ھڪ سراسري سٺي زمين لاءِ: f=300 P=10 tonne sq. meter= 0.914 tons/sq: ft. W= 1600 kg/cu- metre= 99.84 Ibs/cu. ft.

  • (iii) بنياد ايتري گھرائيءَ تائين کنيو وڃي جيئن انھيءَ زمين مٿان وزن جو بار انھيءَ زمين جي برداشت جي قوت (بنياد جي انھيءَ گھرائيءَ تائين) کان گھٽ ھجي.

ڀراءَ واري زمين جي صورت ۾ بنياد کي زمين جي پختي تھھ تائين کنيو وڃي يا بنياد جي آڌار (Piles) تي رکيو وڃي. 3: 1-1 ڪانڪريٽ بلاڪ جي اوچائ [Depth of concrete block (d)] ھيٺ ڄاڻايل طريقن مان وڌ ۾ وڌ ملھھ ورتو وڃي:-

  • (i) ڪانڪريٽ بلاڪ جي اوچائي= 1/58 p j2

m (سينٽيميٽرن ۾) يا= 46.7 p j2 (انچن ۾). m

  • (ii) ڪانڪريٽ بلاڪ جي اوچائي= 5/6t

(سينٽيميٽرن ۾) يا= 0.328 t (انچن ۾) جتي، =p بنياد مٿان وزن جو دٻاءُ kg/m: يا Ib./ft =j ڪانڪريٽ بلاڪ جو کسڪو Cm: “ Inch = m سيف ماڊولس آف رپچر kg/cm: “ Ib./In. (Safe Modulus of rupture) = t چوڪيءَ جي ليول (پلنٿ ليول) کان Cm: “ Inch. مٿي ڀت جي ٿولھ.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءالدين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو