ڊالر سفارتڪاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
  دنيا جا ملڪ جن ۾ آمريڪي ڊالر جي ڪرنسي استعمال ٿيندي آهي

ڊالر سفارتڪاري يا ڊالر ڊپلو مئسي (Dollar Diplomacy) هڪ اصطلاح آهي، جيڪو پرڏيهي پاليسيءَ ۾ گهڻو ڪري آمريڪا جي سفارتڪاريءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو، جنهن مطابق ڊالر (آمريڪي سڪو) کي سياسي، مالياتي ۽ اقتصادي مقصد ماڻڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. آمريڪا پنهنجي سڪي يا مالي سگهه جي ذريعي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجا مفاد محفوظ بڻائي ٿو. ان سلسلي ۾ هو مُختلف ملڪن ۾ حڪومتي توڙي غير حُڪومتي ڌرين جي مدد ڪري ٿو. اهڙي مدد جي حوالي سان آمريڪي جاسوسي ادارو C.I.A دُنيا ۾ وڏي شهرت رکي ٿو. هيءُ اصطلاح آمريڪي صدر وليم هاورڊ ٽئفٽ (13-1909ع) طرفان لاطيني ۽ وچ آمريڪا لاءِ اختيار ڪيل پاليسيءَ جي حوالي سان به استعمال ڪيو. پر جديد دور ۾ هڪ ٻئي آمريڪي صدر ’ٿيوڊور روزويلٽ‘ کي انهيءَ اصطلاح جو موجد سمجهيو وڃي ٿو. اِن طريقي کي ويهين صديءَ جي شروعات ۾ لائبيريا سميت مُختلف هنڌن تي آزمايو ويو، پر تازو افغانستان واري لڙائيءَ ۾ وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿيو. جتي افغان جنگ کٽڻ لاءِ آمريڪا طرفان مڪاني ويڙهاڪ سردارن (War Lords) کي ڊالرن جي صورت ۾ وڏيون رقمون ڏيئي پنهنجي پاسي ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد