ايشوري جوتواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪا ۽ تعليمدان -ايشوري جوتواڻي-، 11 نومبر 1930ع تي سيوهڻ، سنڌ ۾ -جنم- ورتو. سندس -تعليم- ايم. اي آهي. هن ڪيترائي ناول، ڪهاڻيون، مضمون ۽ سفرناما لکيا آهن. هن انگريزن خلاف -آزاديءَ جي تحريڪ-، ڪئٽ -انڊيا- (Quit India) ۾ ننڍيءَ عمر ۾ حصو ورتو ۽ 1942ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد به رهي. ورهاڱي کان پوءِ هُن هند جي پُوني شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي، -جتي- هن سينٽ ميران هاءِ اسڪول ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس پوني ۾ سنڌيءَ جي -استاد- طور ذميواريون نڀايون. هوءَ پوني يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي بورڊ آف اسٽيڊيز جي چيئرپرسن، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي ميمبر به رهي آهي. واڊيا ڪاليج ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس جي هاسٽل سپريڊنٽ به رهي چڪي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”محبت جو تياڳ“(ناول: 1951ع)، ”الفت جي آڳ“(ناول:1953ع)، ”ڪامل جون ڪهاڻيون“(ڪهاڻيون: 1993ع) ۽ ”امنگن جا -آبشار-“ (مضمون ۽ سفرنامو: 1993ع)، ”ڇتر پتي شوا جي“ (جيوني: 1996ع)، ”آکاڻيون پورب ديس جون“، ”امر چتر ڪٿا“، ”ڪوتڪ گلدستو“ ۽ ”ڪرامتي ڪوتڪ“ وغيره شامل آهن. کيس سنڌي ادب ۾ بهترين خدمتن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) پاران 2000ع ۾ قومي اوارڊ ملي چڪو آهي. هُوءَ ’سنڌي ساهتيه سڀا‘ پوني جي صدر پڻ رهي چڪي آهي. هن وقت شانتي ڪنج، پوني ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]