مواد ڏانھن هلو

قوالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:Infobox music genre

اجمير شريف درگاھ تي قوالي

قوالي (Qawali) اردو ۽ پنجابيءَ ۾ مذهبي شاعريءَ جو درجو رکي ٿي. قواليءَ ۾ پيغمبر رسول الله صلي الله عليه وسلم، اصحاب سڳورا، ۽ الله جي ولين جي ثنا، تعريف ۽ ڪرامتون بيان ڪيون وينديون آهن. امير خسرو (1253-1325ع) اسلامي تعليمات کي گيتن جي صورت ۾ پيش ڪيو هو تہ انهيءَ کان بعد اهو سلسلو جاري رهيو جيڪو اڄ ڪلهہ (قوالي) جي صورت ۾ آهي. سيد علي هجويري رحمت الله عليه (990-1077ع) پنھنجي مشھور ڪتاب (ڪشف المحجوب) ۾ قواليءَ جا ڪجهہ شرط بيان ڪيا. اڄڪلهہ اردو توڙي سنڌيءَ ۾ مزاحيہ قوالين جو رواج پيو آهي، جنھن ۾ ملڪي حالتن کان ويندي سياستدانن ۽ آفيسرن تي طنز ٿيل هوندي آهي. اهڙيون مزاحيہ قواليون ٽي-وي تي مزاحيہ ڊرامن ۾ پيش ڪيون وينديون آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.