امر لعل ھنڱوراڻي
| امر لعل هنڱوراڻي Amarlal Hingorani | |
|---|---|
| پيدائش | 1907ع ڳوٺ کاهي راهو نوشهرو فيروز ضلعو، سنڌ، برطانوي هندستان |
| وفات | 1956ع (عمر 51) ڀارت |
| پيشو | ڪھاڻيڪار |
| سَرگَرمُ سالَ | 1907–1956 |
امر لعل يا امر لال هنڱوراڻي (انگريزي:Amar Lal Hingorani) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ اديب هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.
زندگي جو احوال
[سنواريو]سنڌي زبان جو عظيم ڪهاڻيڪار امرلعل ولد وسڻمل هنڱوراڻي، ضلعي نوشهري فيروز جي شهر نوشهرو فيروز ڀرسان ڳوٺ کاهي راهو ۾ 1907ع ۾ ڄائو.[1]
تعليم
[سنواريو]امر لال ابتدائي تعليم نوابشاهه ۾ ورتائين. هن 1930ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان بي. اي ڪئي. -ان- کان پوءِ ايل. ايل. بي ڪراچيءَ مان ڪري وڪالت شروع ڪيائين.
خدمتون
[سنواريو]امر لعل هنڱوراڻيءَ کي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل جديد ڪهاڻي نويسيءَ جي فن جو باني چيو وڃي ٿو. ورهاڱي کان اڳ سندس ڪهاڻيون ’ڦلواڙي‘، ’ساقي‘، ’مهراڻ‘، ‘آشا‘ ۽ ’سنڌو‘ رسالن ۾ شايع ٿيون ۽ عوام ۾ تمام گهڻيون مقبول ٿيون. پاڻ ڪهاڻي نويس هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو مضمون نگار پڻ هو. ”ميرمحمد عربي“ جي نالي سان حضور اڪرم صلي -الله- عليه وسلم جي سوانح حيات لکيائين، جيڪو ڪتاب ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيو. هن 1930ع ۾ ’ڦلواڙي‘، ’مخزن‘ ۽ 1940ع ۾ ’ساقي‘ رسالا -جاري- ڪيا. امرلعل هنڱوراڻيءَ جي ڪهاڻي ”-ادو عبدالرحمان-“ عالمي معيار جي ڪهاڻي آهي، جيڪا ڪيترين زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. انهي نالي سان ادو عبدالرحمان ڪتاب پڻ ڇپيل آهي. سندس -ان- ڪهاڻيءَ واري عنوان سان ڪهاڻين جو مجموعو ڪيترا ڀيرا سنڌ ۽ هند ۾ ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪو آهي.[2]
ديهانت
[سنواريو]امر لال وسڻ مل هنڱوراڻي 1956ع ۾ ڀارت ۾ ديهانت ڪري ويو.[1][3]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 http://www.sindhishaan.com/article/literature/lite_05_03.html
- ↑ امرلعل هنڱوراڻي : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ "India Public Domain 2017: 18 Indian authors whose works entered public domain in 2017", Booknomics (ٻولي ۾ en-US), 11 جنوري 2017, حاصل ڪيل 18 سيپٽمبر 2020۔