ادو عبدالرحمان (ڪتاب)
| ليکڪ | امر لعل هنڱوراڻي |
|---|---|
| ملڪ | برٽش انڊيا |
| ٻولي | سنڌي ٻولي |
| موضوع | صوفي فڪر، سماجي انصاف، اخلاقي قدر |
| صنف | ڪهاڻيون |
| جڳھ | سنڌ |
| شايع ٿيو | تقريباً 1930ع |
| ناشر | ، نيو فيلڊس پبليڪيشن (انگريزي ايڊيشن) |
| انگريزي اشاعت | 1981ع |
| ذريعي جو قسم | ڪتاب |
| صفحا | 99 (انگريزي ايڊيشن) |
| ڪهاڻين جو مجموعو جنهن ۾ 11 ڪهاڻيون شامل آهن | |
هيءُ ڪتاب ليکڪ امر لعل ھنڱوراڻي جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ مکيه ڪهاڻي ”ادو عبدالرحمان“ سان گڏ ٻيون 11 ڪهاڻيون به شامل آهن. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز جي 99 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت ڇهه رپيا آهي. هيءَ ڪتاب سنڌي ٽائيمس الهاس نگر-3 بمبئيءَ وارن 1981ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. جنهن جو ٻيو ڇاپو نيو فيلڊس پبليڪيشن طرفان 1985ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هي ڪتاب انگريزيءَ کان سواءِ هندستان جي ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ به ڪيئي ڇاپا پڌرا ٿيا آهن.[1]ادو عبدالرحمان سنڌي افسانوي ادب جي هڪ مشهور ڪهاڻي آهي، جيڪا سنڌي ليکڪ امرلال هنگوراڻي لکي، ۽ سندس مجموعي پلواري ۾ 1930ع ۾ شايع ٿي[2].
ڪهاڻيءَ جو خلاصو
[سنواريو]هي ڪهاڻي سنڌ جي هڪ صوفي درويش عبدالرحمان جي ڪردار کي مرڪز بڻائي ٿي، جيڪو دنياوي حالتن بابت پنهنجي اندروني آواز سان گفتگو ڪندو رهي ٿو. هو روحاني دانائي، سادگي ۽ عاجزيءَ جي علامت طور پيش اچي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ غريب ماڻهوءَ تي چوريءَ جو ڪوڙو الزام لڳايو وڃي ٿو، جيڪو هڪ ڪيني ڀري واپاري طرفان هن تي مڙهيو وڃي ٿو. ادو عبدالرحمان عدالت ۾ ان غريب جي پاسي ۾ بيهي، پنهنجي صاف گوئي ۽ پاڻ سان مڪالمو ڪندي سماجي رياڪاري ۽ ڪوڙ کي وائکو ڪري ٿو.
ثقافتي ۽ فڪري اهميت
[سنواريو]هي افسانو سماجي ناانصافين، نوآبادي دور جي عدالتي نظام، ۽ انساني بناوٽي حيثيتن تي تنقيد ڪري ٿو. درويش ۽ مجسٽريٽ جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه وسيلي “دنياوي ڪوڙ” نروار ڪيا وڃن ٿا، ۽ سنڌي صوفي روايت جي اخلاقي روح، سچ، انصاف ۽ انسان دوستي، کي ساراهيو وڃي ٿو. حقيقت پسنديءَ تي ٻڌل هي ڪهاڻي پنهنجي فڪري گهرائي سبب هڪ ڪلاسيڪ حيثيت ماڻي، 1940ع ۾ ٻيهر ڇپي، ۽ بعد واري سنڌي افسانوي ادب تي به اثرانداز ٿي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AF%D9%88%20%D8%B9%D8%A8%D8%AF%D8%A7%D9%84%D8%B1%D8%AD%D9%85%D8%A7%D9%86
- ↑ A DICTIONARY OF SINDHI : Jt. LITERATURE MOTILAL JOTWANIFirst Edition : 13 January, 1996 New Delhi, page:6