امر لعل ھنڱوراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(امر لال ھنڱوراڻي کان چوريل)
امر لعل هنڱوراڻي
Amarlal Hingorani
پيدائش 1907ع
ڳوٺ کاهي راهو نوشهرو فيروز ضلعو، سنڌ، برطانوي هندستان
وفات 1956ع (عمر 51)
ڀارت
پيشو ڪھاڻيڪار
سَرگَرمُ سالَ 1907–1956

امر لعل يا امر لال هنڱوراڻي (انگريزي:Amar Lal Hingorani) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ اديب هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

سنڌي زبان جو عظيم ڪهاڻيڪار امرلعل ولد وسڻمل هنڱوراڻي، ضلعي نوشهري فيروز جي شهر نوشهرو فيروز ڀرسان ڳوٺ کاهي راهو ۾ 1907ع ۾ ڄائو.[1]

تعليم[سنواريو]

امر لال ابتدائي تعليم نوابشاهه ۾ ورتائين. هن 1930ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان بي. اي ڪئي. -ان- کان پوءِ ايل. ايل. بي ڪراچيءَ مان ڪري وڪالت شروع ڪيائين.

خدمتون[سنواريو]

امر لعل هنڱوراڻيءَ کي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل جديد ڪهاڻي نويسيءَ جي فن جو باني چيو وڃي ٿو. ورهاڱي کان اڳ سندس ڪهاڻيون ’ڦلواڙي‘، ’ساقي‘، ’مهراڻ‘، ‘آشا‘ ۽ ’سنڌو‘ رسالن ۾ شايع ٿيون ۽ عوام ۾ تمام گهڻيون مقبول ٿيون. پاڻ ڪهاڻي نويس هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو مضمون نگار پڻ هو. ”ميرمحمد عربي“ جي نالي سان حضور اڪرم صلي -الله- عليه وسلم جي سوانح حيات لکيائين، جيڪو ڪتاب ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيو. هن 1930ع ۾ ’ڦلواڙي‘، ’مخزن‘ ۽ 1940ع ۾ ’ساقي‘ رسالا -جاري- ڪيا. امرلعل هنڱوراڻيءَ جي ڪهاڻي ”-ادو عبدالرحمان-“ عالمي معيار جي ڪهاڻي آهي، جيڪا ڪيترين زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. انهي نالي سان ادو عبدالرحمان ڪتاب پڻ ڇپيل آهي. سندس -ان- ڪهاڻيءَ واري عنوان سان ڪهاڻين جو مجموعو ڪيترا ڀيرا سنڌ ۽ هند ۾ ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪو آهي.[2]

ديهانت[سنواريو]

امر لال وسڻ مل هنڱوراڻي 1956ع ۾ ڀارت ۾ ديهانت ڪري ويو.[1][3]

حوالا[سنواريو]