امر سنڌو
| امر سنڌو Amar Sindhu | |
|---|---|
امر سنڌو | |
| ڄم | سلمه لغاري 28 آگسٽ 1968 (عمر 57 سال) دودو لغاري، ميرپور خاص ضلعو، پاڪستان |
| قلمي نالو | امر سنڌو |
| ڌنڌو | شاعر، ڪالم نگار ، پروفیسر |
| ٻولي | سنڌي |
| رهائش | ڄامشورو |
| شهريت | پاڪستاني |
| تعليم | ماسٽر ڊگري فلاسافي، آيل آيل بي |
| مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
| جُڳ | هاڻوڪو |
| موضوع | شاعري، ڪالم |
| مُکيه ڪم | اوڄاڳيل اکين جا سپنا |
امر سنڌو(انگريزي:Amar Sindhu)سنڌ، پاڪستان جي مشهور شاعر، ليکڪ، ڪالم نگار ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سان گڏ سنڌ يونيورسٽي ۾ فلاسافي جي پروفيسر آهي.
زندگي جو احوال
[سنواريو]امر سنڌو جو اصل نالو سلميٰ ۽ سندس والد جو نالو حسين بخش لغاري آهي. سندس جنم ميرپور خاص ضلعو جي تعلقي ميرپورخاص جي ڳوٺ دودو خان لغاري ۾ 28 آگسٽ 1968ع تي ٿيو.
تعليم
[سنواريو]امر ڊبل ايم.اي ۽ ايل.ايل.بي آهي.
علمي ادبي خدمتون
[سنواريو]سنڌُو هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڊپارٽمينٽ آف فلاسافيءَ جي پروفيسر ۽ چيئرپرسن آهي. سندس مستقل رهائش سيٽلائيٽ-ٽائون، ميرپورخاص ۾ آهي. امر سنڌو باشعور ۽ باصلاحيت ليکڪا آهي.[1] هن جي شاعري، مضمون ۽ ڪالم مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ ڇپجندا رهندا آهن. اڪثر ادبي ڪانفرنس ۾ مقالا پڙهندي رهندي آهي ۽ سخت نقاد ۽ باشعور ليکڪا طور مڃتا حاصل ڪري چڪي آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ادب تي سٺي دسترس رکي ٿي ۽ سماجي ۽ ادبي حوالي سان نهايت سرگرم ڪارڪن آهي. عورتن جي سجاڳيءَ ۽ سندن حقن لاءِ هر وقت پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي. سندس ڪجهه شاعري شيخ اياز جي نوٽ سان ”ڏيئا ڏيئا لاٽ“ ۾ ڇپيل آهي ۽ هڪ شعري مجموعو اوڄاڳيل اکين جا سپنا ڇپيل آهي.[2][3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ وساري نه ڇڏجو. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16461&BookTitle=Wisary-Na-Chhadjo.
- ↑ امر سنڌو : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ "سنڌ جي بيباڪ ليکڪه محترمه امر سنڌو", SindhSalamat, حاصل ڪيل 28 آگسٽ 2020۔