مواد ڏانھن هلو

امر سنڌو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
امر سنڌو
Amar Sindhu
امر سنڌو
امر سنڌو
ڄمڻسلمه لغاري
(1968-08-28) August 28, 1968 (age 57)
دودو لغاري، ميرپور خاص ضلعو، پاڪستان
قلمی نالوامر سنڌو
پيشوشاعر، ڪالم نگار ، پروفیسر
ٻوليسنڌي
رهائشڄامشورو
شهريتپاڪستاني
تعليمماسٽر ڊگري فلاسافي، آيل آيل بي
مادرِ علمسنڌ يونيورسٽي
دورهاڻوڪو
موضوعشاعري، ڪالم
نمايان ڪماوڄاڳيل اکين جا سپنا

امر سنڌو(انگريزي:Amar Sindhu)سنڌ، پاڪستان جي مشهور شاعر، ليکڪ، ڪالم نگار ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سان گڏ سنڌ يونيورسٽي ۾ فلاسافي جي پروفيسر آهي.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

امر سنڌو جو اصل نالو سلميٰ ۽ سندس والد جو نالو حسين بخش لغاري آهي. سندس جنم ميرپور خاص ضلعو جي تعلقي ميرپورخاص جي ڳوٺ دودو خان لغاري ۾ 28 آگسٽ 1968ع تي ٿيو.

تعليم

[سنواريو]

امر ڊبل ايم.اي ۽ ايل.ايل.بي آهي.

علمي ادبي خدمتون

[سنواريو]

سنڌُو هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڊپارٽمينٽ آف فلاسافيءَ جي پروفيسر ۽ چيئرپرسن آهي. سندس مستقل رهائش سيٽلائيٽ-ٽائون، ميرپورخاص ۾ آهي. امر سنڌو باشعور ۽ باصلاحيت ليکڪا آهي.[1] هن جي شاعري، مضمون ۽ ڪالم مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ ڇپجندا رهندا آهن. اڪثر ادبي ڪانفرنس ۾ مقالا پڙهندي رهندي آهي ۽ سخت نقاد ۽ باشعور ليکڪا طور مڃتا حاصل ڪري چڪي آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ادب تي سٺي دسترس رکي ٿي ۽ سماجي ۽ ادبي حوالي سان نهايت سرگرم ڪارڪن آهي. عورتن جي سجاڳيءَ ۽ سندن حقن لاءِ هر وقت پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي. سندس ڪجهه شاعري شيخ اياز جي نوٽ سان ”ڏيئا ڏيئا لاٽ“ ۾ ڇپيل آهي ۽ هڪ شعري مجموعو اوڄاڳيل اکين جا سپنا ڇپيل آهي.[2][3]

حوالا

[سنواريو]
  1. وساري نه ڇڏجو. اصل نسخو مان 2021-09-25 تي محفوظ ڪيل. 2020-08-28 تي حاصل ڪيل. {{cite book}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد) آرڪائيو ڪيا ويا 2021-09-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  2. امر سنڌو : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2020-11-17 تي محفوظ ڪيل, 2020-08-28 تي حاصل ڪيل
  3. "سنڌ جي بيباڪ ليکڪه محترمه امر سنڌو". SindhSalamat. 2020-08-28 تي حاصل ڪيل.