امام غزالي

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

سندس نالو ”محمد“ ۽ ”حجت الاسلام“ لقب هو. پاڻ خراسان جي پرڳڻي جي ’طوس‘ شهر جي هڪ ڳوٺ طبران ۾ 450 هه /1058ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ سُٽ ڪتڻ ۽ وڪڻڻ جو ڪم ڪندو هو، جنهنڪري پاڻ ’غزاليءَ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو.

امام غزاليءَ جي پيءُ جو نالو به ”محمد“ هو، تنهن پنهنجي وفات کان ٿورو اڳ کيس ۽ سندس ڀاءُ ننڍي”احمد“ کي تعليم ڏيارڻ لاءِ پنهنجي هڪ دوست جي حوالي ڪيو، جنهن کيس هڪ مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي فقہ جي شروعاتي تعليم کانپوءِ ’جرجان‘ ۾ وڃي ابونصر اسماعيليءَ وٽ علم جي تحصيل ڪيائين. امام غزاليءَ جو علمي مايو انهيءَ حد کي پهتو، جو معمولي عالم سندس اُڃ اُجهائي نه سگهيا. انهن ڏينهن ۾ نيشاپور ۽ بغداد جا مدرسا سڀ کان گهڻو مشهور هوندا هئا، جو اتي امام الحرمين عبدالملڪ ۽ علامه ابواسحاق شيرازي تعليم ڏيندا هئا، تنهنڪري پاڻ نيشاپور وڃي امام الحرمين جي نگرانيءَ هيٺ تعليم مڪمل ڪيائين.

امام الحرمين جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس علمي مقام ڏسي، سلجوقي وزير نظام الملڪ کيس بغداد ۾ پنهنجي قائم ڪيل مدرسه نظاميه ۾ صدر مقرر ڪيو. هن عهدي تي فائز ٿيڻ ڪري سندس علم ۽ ڏاهپ جو چرچو عام ٿيو ۽ سڀ وزير امير سندس آڏو جهڪي ويا.

ان وقت بغداد سڀني مذهبن ۽ مذهبي فرقن جو ڳڙهه هو، جتي سُني، شيعا، معتزله، زنديق، مجوسي ۽ عيسائي آزاديءَ سان پنهنجن فرقن جو پرچار ڪندا هئا. امام غزالي، هر فرقي ۽ مذهب جي غور سان اڀياس ڪرڻ کانپوءِ، انهيءَ نتيجي تي پهتو ته تصوف جي راهه سڀ کان ڀلي آهي، ڇو ته ان ۾ علم کان وڌيڪ عمل جي ضرورت آهي، جيڪو زهد ۽ رياضت جو ٻيو نالو آهي. جڏهن پنهنجي درس تدريس ۽ ٻئي ڪاروبار تي غور ڪيائين ته انهن سڀني ۾ کيس جاه پرستي نظر آئي، تنهنڪري گهڻي ڪشمڪش کان پوءِ انهن سڀني سان لاڳاپا ٽوڙي، بغداد کي خيرباد چئي، شام ڏانهن روانو ٿيو، پر اتي به علم جي اُڇ کيس نه ڇڏيو ۽ درس ڏيڻ تي مجبور ڪيو. هتي به سندس تعريف ٿيڻ لڳي، جنهن کي پڻ غرور ۽ تڪبر جي جڙ سمجهي، بيت المقدس طرف رُخ کيائين. ان کان پوءِ مڪي شريف ويو، جتي حج ڪرڻ کان پوءِ دمشق جي جامع مسجد جي مناري اندر اڪيلو ويهي رياضت ۾ مشغول رهيو.

سندس خلوت وارو عرصو ڏهن سالن جو رهيو. ڏهن سالن جي رياضت ۾ اونداهيءَ جا مڙئي پردا هٽائي پري ڪيائين ۽ شين جون اصلي حقيقتون سندس اڳيان کلي ظاهر ٿي پيون. ڏٺائين ته دنيا مذهب کان منحرف ٿي رهي آهي ۽ عقل ۽ فلسفي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي مذهب جي پٺيان ڪاهي پيا آهن، تنهنڪري وقت جي گهرج اها آهي ته گوشه نشيني ڇڏي، تبليغ جو ڪم جاري ڪيو وڃي. هوڏانهن وري درس تدريس جي ڪم کي جاري رکڻ لاءِ سلطان طرفان کيس تاڪيدي حڪم پهتو. آخر نيشاپور ۾ اچي اهو ڪم ٻيهر شروع ڪيائين، پر اتان به ٿوري عرصي گذرڻ کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ طوس موٽي آيو، جتي جمادي الآخر 505هه/ 1111ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هيٺيون تصنيفون مشهور آهن:

’المنقذ من الضلال‘، ۾ پنهنجي ذهني حالت ۽ حقيقت پٺيان جدوجهد جي شرح بيان ڪئي اٿس. فلسفي ۾ سندس ٻيو ڪتاب ’تهافت الفلاسفہ‘ آهي، جنهن ۾ يوناني ۽ اسلامي فيلسفوفن کي رد ڏنو اٿس. منطق ۾ ’معيارالنظر‘ ۽ اخلاق ۾ ’ميزان العمل‘ ڪتاب اٿس، پر سندس ناميارو ۽ وڏو ڪتاب ’احياءِ علوم الدين‘ آهي، جنهن ۾ مسلمانن جي ڇوٽڪاري جا رستا ٻڌايا اٿس ۽ عقيدن جي حقيقت کولي سمجهائڻ سان گڏ معاملات ۽ عبادات کي مفصل طور بيان ڪيو اٿس. -تصوف- ۽ اخلاق ۾ سندس تصنيف ’ڪيميائي سعادت‘ گهڻي مشهور آهي. جنهن جو سنڌيءَ ۾ به ترجمو پروفيسر غلام حسين خاصخيليءَ ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي. انهن ڪتاب کان سواءِ سندس ٻيا به اسي کن ڪتاب آهن، جيڪي پنهنجي نموني ۾ بينظير آهن.[1]


امام غزالي رحمتہ اللہ عليه جا بيان ڪيل 18 نقطا، جيڪي الله عورت تي لاڳو ڪيا[سنواريو]

  1. حيض
  2. ٻار پيدا ڪرڻ
  3. مائٽن کان پري ڌاريئن يا اَسونهوي شخص سان شادي
  4. ڌارئين شخص مان ڳورهاري ٿيڻ
  5. پنهنجو پاڻ تي يا پنهنجي ذات تي پنهنجي وس کان محروم
  6. وراثت ۾ گهٽ حصو
  7. طلاق ڏيڻ جي حق کان محروم
  8. مرد جي چار وهانئن (شادين) جي ڀيٽ ۾ هڪ وهانءَ جي مجبوري
  9. گهر جي چار ديواريءَ ۾ رهڻ جي پابندي
  10. گهر جي اندر به مٿو ڍڪڻ جي پابندي
  11. مرد جي ڀيٽ ۾ اڌ شاهدي
  12. محرم کان سواءِ ٻاهر نڪرڻ جي پابندي
  13. عيد، جمعي ۽ جنازي نماز ۾ وڃڻ جي جهل
  14. حڪمرا ۽ جج (منصف) ٿيڻ جي جهل
  15. مرد جي ڀيٽ ۾ مائيءَ جي اهليت هزار ڀيرا گهٽ هئڻ
  16. جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن عورتن کي گهٽ عذاب به ڏنو ويو ته اهو سڄي امت جي عذاب کان گهٽ ۾ گهٽ اڌ هوندو
  17. بيواهه ٿيڻ جي صورت ۾ چار مهينا، ڏهه ڏينهن عدت جي پابندي
  18. طلاق جي صورت ۾ ٽي مهينا يا ٽي طهرن جي پابندي

[2] [3]

حوالا[سنواريو]