امام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

امام: اصل عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي پيشوا، رهبر يا اهو ماڻهو، جنهن جي پيروي ڪجي. لفظ ”-امام-“ جي مفهوم ۾ وسعت آهي. هي لفظ خليفي ۽ اسلامي معاملن ۽ مسئلن جي متوليءَ لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. ڪنهن علم، خاص ڪري مذهبي علم، -تفسير-، حديث، فقہ، -تصوف-، ڪلام ۽ لغت جي ماهرن کي به -امام- چيو ويندو آهي، جيئن -امام بخاري-، -امام- غزالي، -امام- -ابن تيميه- وغيره. شيعا، -امام- جو خطاب حضرت علي ۽ -ان- جي اولاد مان اوائلي يارهن فردن لاءِ مخصوص سمجهن ٿا، پر -اسماعيلي- شيعا فرقي وٽ سندن امامن جو سلسلو -جاري- رهندو آيو آهي. شيعن جي عقيدي موجب -امام- سڀني مسئلن کان آگاهه ۽ معصوم هوندو آهي. انهن وٽ امامت جو ثبوت فقط ”نص“ آهي، ۽ حضرت علي ”نص“ جي لحاظ سان پهريون -امام- مقرر ٿيو. جيڪا ”خُم غدير“ وٽ نازل ٿي. هنن وٽ -امام- جو هاشمي هجڻ ضروري آهي. ”اماميه“ فرقي جي عقيدي موجب نبي سڳوري کان پوءِ پهريون -امام- حضرت علي هو ۽ هنن وٽ -امام- جي نامزدگيءَ ۾ اختلاف نه هئڻ ضروري آهي. تنهن هوندي به چئن امامن جي امامت بعد ”اماميه“ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو. ”جبائيہ“ ۽ ڪن ٻين فرقن جي عقيدي ۾ -امام- جو قريشي هئڻ لازمي آهي، پر خارجي ۽ معتزله انهن جي خلاف آهن. -اهل- سنت والجماعت جي خيال ۾ امامت جي مقرري حضرت نبي سڳوري جي نص يا اجماع امت جي منظوريءَ سان ٿيندي آهي. امامت جي لاءِ مفتي محمد عهده لکيو آهي ته ”-ان- جي لاءِ -انتخاب- ضروري آهي.“ امامت لاءِ متڪلمين وارن گهٽ ۾ گهٽ 8 شرط پيش ڪيا آهن. ”زيديه“ فرقي وارا وري هڪ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ -امام- هئڻ جا به قائل آهن. عباسين ۾ سڀني کان پهرين ابراهيم -بن- محمد عباسيءَ، -امام- جو لقب اختيار ڪيو. مهدي عباسيءَ جي زماني ۾ اهو لقب عباسين جي مسڪن تي اُڪريل هو. مامون الرشيد عباسيءَ ”-امام- المسلمين“ جو لقب اختيار ڪيو. ڪجهه عباسي خليفا پاڻ کي”الامام الاعظم“ به سڏائيندا هئا. عباسين کان پوءِ مراڪش ۾ ادريسين، اندلس ۾ اُموين ۽ مصر ۾ فاطمين به اهو لقب اختيار ڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]