احمد بن حنبل
| احمد بن حنبل | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | 23 نومبر 780 |
| موت | 2 آگسٽ 855 (75 سال) |
| ڌرم | |
| ٻارن جو تعداد | |
| عملي زندگي | |
| نمايان شاگرد | امام بخاري ،امام مسلم ،امام ابو دائود |
| پيشو | |
| مادري ٻولي | عربي ٻولي |
| ڪم جي ٻولي | |
| دلچسپي | |
| ترميم | |
امام احمد بن حنبل رحه فقہ جي اُنهن چئن امامن مان هڪ هو، جنهن جي پيروي ڪرڻ ۾ مسلمان سعادت سمجهن ٿا.
امام صاحب جي ولادت 163ھ/ مطابق 780ع ڌاري بغداد ۾ ٿي. تعليم وڏن محدثن وٽ حاصل ڪيائين. وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ مڪي، مديني، شام، بصري، يمن ۽ ڪوفي به ويو. 185ھ/801ع ڌاري حديث جي عنوان تي هڪ ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ هڪ لک ويهه هزار حديثون شامل هيون. سندس شاگردن ۾ امام بخاري رحه ۽ امام مسلم رضا رحه قابل ذڪر آهن.
خليفي معتصم بالله جي حڪومت جي دؤر ۾، امام صاحب جن ’خلق قرآن‘ جو نظريو رکندڙ هو. انهيءَ ڳالهه تي کيس هٿڪڙيون ۽ ٻيڙيون هڻي، معتصم بالله جي درٻار ۾ آندو ويو، جتي کيس قرآن کي مخلوق چوڻ لاءِ چيو ويو، پر پاڻ نه مڃيائون، جنهنڪري مٿس دُرن (ڦٽڪن) جو وسڪارو ڪرايو ويو. آخر بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ نون (9) ڏينهن کان پوءِ، ڌڪن جو تاب نه سهي، 31 جولاءِ 855ع تي رحلت ڪيائين.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ امام احمد بن حمبل انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012