امام نسائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امام  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو honorific prefix (P511) وڪي ڊيٽا تي
امام نسائي
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 829  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 28 آگسٽ 915 (85–86 سال)[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
مدفن بيت المقدس  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام دفن (P119) وڪي ڊيٽا تي
شھريت خلافت عباسيہ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
استاد امام ابو دائود  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو student of (P1066) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي حديثي ادب،فقه  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
نمایان ڪم سنن نسائي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو notable work (P800) وڪي ڊيٽا تي

مشهور شيخ -الاسلام- ۽ حافظ حديث ابو عبدالرحمان عرف -امام نسائي- خراسان جي هڪ ڳوٺ نسا ۾ 215ھ/ 830ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي -تعليم- اباڻي شهر مان حاصل ڪيائين، پوءِ پندرهن سالن جي عمر ۾ علم جي تحصيل لاءِ خراسان، عراق، حجاز، شام ۽ مصر جي وڏن عالمن جي صحبت ۾ گهڻو ڪجهه پرايائين. -امام نسائي- اسلامي دنيا جي سڀني علمي مرڪزن کان فيضياب ٿيو ۽ آخرڪار مصر ۾ رهائش اختيار ڪيائين، پر پوءِ لڏي وڃي دمشق ۾ رهيو. دمشق ۾ رهائش دوران هڪ ڏينهن مسجد جي ڪجهه ماڻهن کانئس پڇيو ته -امير- معاويه جي شان ۾ ڪا حديث ٻڌايو. -امام نسائي- هڪدم چيو ته مون کي ڪا خبر نه آهي. آءٌ ڇا ٻڌايان ۽ وڌيڪ هي لفظ چيائون: ’لا اشبع -الله- بطنه‘ اهو -ٻڌي- دمشق جي ماڻهن -امام- نسائيءَ کي مسجد ۾ ڏاڍو ماريو ۽ انهيءَ مار کان پوءِ هي عالم دين سخت بيمار ٿي پيو. بيماريءَ جي حالت ۾ -امام نسائي- پنهنجن شاگردن کي چيو ته مون کي مڪي کڻي هلو. جڏهن مڪي پهتا ته اتي -امام نسائي- 303ھ/915ع ۾ رحلت ڪئي، وصيت مطابق کين صفا ۽ مروه جي وچ ۾ دفن ڪيو ويو. امام نسائيءَ جي شهرت سندن ڪتاب ’السنن‘ جي ڪري تمام گهڻي ٿي. ڪتاب ’السنن‘ جو مقام صحاح سته جي ڪتابن ۾ پنجون ۽ سندن ڪتابن ۾ ٽيون آهي. -امام نسائي- ڪتاب ۾ زندگيءَ جي هر پهلوءَ متعلق حديثون جمع ڪيون آهن. ايستائين جو رڪوع ۽ سجدا ۽ هر قسم جي دعائون ڪثرت سان روايت ڪيون آهن. ”السنن“ ۾ پندرهن هزار ست سؤ ايڪهٺ (15761) حديثون موجود آهن. هي ڪتاب ڪيترائي دفعا شايع ٿي چڪو آهي. -ان- کان سواءِ -امام- نسائيءَ جي هڪ مشهور -تصنيف- ”خَصَائص علي رضه“ پڻ تمام گهڻي مشهور آهي، -ان- ڪتاب جو ترجمو ”مناقب مرتضوي“ جي نالي سان مطبع محمدي لاهور مان 1310ھ/ 1892ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.[3]

تعارف[سنواريو]

امام نسائي جو پورو نالو احمد بن شعيب النسائي آهي. اوهان جو نسب احمد بن شعيب بن علي بن سنان،بن بحرين دينار النسائي الخراساني آهي. اوهان جي ولادت نساءِ شهر ۾ ٿي تنهن جي ڪري اوهان کي نسائي سڏيو ويندو آهي. اوهان جو لقب الحافظ الحديث آهي.

سن پيدائش[سنواريو]

امام نسائي جي سن پيدائش ۾ اختلاف آهي ڪجهه جي نظرن ۾ اوهين 214 هجري ۾ پيدا ٿيا ۽ ڪجهه لکن ٿا تہ اوهين 215 هجري ۾ پيدا ٿيا.

استاد ۽ تعليم[سنواريو]

اوهان پندرھن سالن جي عمر کان ئي علم جي سفر لاءِ پنڌ ڪيا حديثن کي گڏ ڪرڻ لاءِ عراق،شام ۽ مصر جا سفر ڪيا.اوهان جي استادن ۾ امام بخاري.امام ابو دائود، امام احمد، امام قتبيه سعيد ۽ امام ابو حنيفه شامل آهن.

ڪتاب[سنواريو]

اوهان جو مشهور ڪتاب سنن نسائي شريف جيڪو صحاح سته ۾ شامل آهي ان کان علاوه اوهان هي ڪتاب لکيا آهن.

  • السنن الڪبري
  • المجتبي
  • خصائص علي
  • مسند علي
  • مسند مالڪ
  • ڪتاب التميز
  • ڪتاب المدلسين
  • ڪتاب الغعفاء
  • ڪتاب الاخوت
  • مسند منصور
  • مسيحت انسائير
  • اسماءالروات
  • مناسڪ حج

وفات[سنواريو]

امام نسائي جڏهن اهل بيت جي فضائلن تي ڪتاب لکيو ۽ خواهش ڪيائين تہ دمشق جي مسجد ۾ هن ڪتاب کي پڙهان ته جيئن ماڻهو اهل بيت کي سمجهن پوءِ ڇا ٿيو تہ هڪ ماڻهو اوهان کان پڇو تہ معاويہ جي فضيلت ۾ ڪجهه لکيو آهي يا نه اوهان جواب ڏنو تہ مون کي معاويہ جي فضيلت ۾ ڪجهه نہ مليو تہ هن اوهان کي شيعو شيعو ڪري مارڻ شروع ڪيو ۽ هن واقعي کان پوءِ اوهان جو موت واقع ٿيو. اوهان جي قبر صفا ۽ مروه جي وچ ۾ آهي اوهان جي وفات جو سن سفر مھينو 303 هجري آهي.

پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. GND ID: https://d-nb.info/gnd/11946263X — اخذ شدہ بتاریخ: 14 آگسٽ 2015 — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  2. subject named as: Aḥmad ibn Shuʻayb Nasāʼī — SELIBR ID: https://libris.kb.se/auth/33533 — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  3. امام نسائي : (Sindhianaسنڌيانا)

امام نسائي جي زندگي تي مختصر نظر آرڪائيو ڪيا ويا 2016-03-04 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.