مواد ڏانھن هلو

امام ترمذي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امام   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو honorific prefix (P511) وڪي ڊيٽا تي
امام ترمذي
 

معلومات شخصيت
ڄم
موت
شھريت
ڌرم
عملي زندگي
استاد
پيشو
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي
نمایان ڪم

امام ترمذي (206ھ/821ع) ۾ ايران جي ’بوغ‘ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. محدث امام ترمذيءَ جو نالو فقہ جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جو اصل نالو محمد بن عيسيٰ بن سوده بن موسيٰ بن ضحاڪ هو ۽ سندس ڪنيت ابوعيسيٰ هئي. ترمذ ۾ رهائش سبب ترمذي مشھور ٿيو.

امام ترمذي، امام بخاريءَ جو شاگرد هو. بعد ۾ امام مسلم، امام ابودائود ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن ۽ استادن کان علمي استفادو حاصل ڪيائين. حديث جي طلب ۾ ڪيترن ئي علمي مرڪزن جو سفر ڪيائين ۽ حديثن جو هڪ مجموعو مرتب ڪيائين، جيڪو ”جامع ترمذيءَ“ جي نالي سان مشھور آهي ۽ حديث جي ڇهن مستند ڪتابن: ”صحاح ستہ“ ۾ شامل آهي. جامع ترمذيءَ کان علاوه هن ”شمائل ترمذي“ بہ لکيو. ”جامع ترمذيءَ“ جون 17 شرحون آهن ۽ ”شمائل ترمذي“ جون 14 يا 15 شرحون آهن.

امام ترمذيءَ جي باري ۾ اها بہ روايت آهي تہ پاڻ پيدائشي نابين هو. ٻيءَ روايت موجب، خدا جي خوف جي ڪري مسلسل روئڻ سبب نابين ٿي ويو هو. 17 رجب 279ھ/13 آڪٽوبر 892ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا

[سنواريو]