اسٽيفن زويگ
اسٽيفن زويگ | |
---|---|
(المانيہ نمساويہ ۾: Stefan Zweig) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 28 نومبر 1881 [1][2][3][4][5][6][7][8][9][10][11][12][13][14][15][16][17][18] ويانا [19][20] |
موت | 22 فيبروري 1942 (61 سال)[1][21][20] |
مدفن | برازيل |
رهائش | سلزبرگ (–صدي 20ء)[22] |
شھريت | آسٽريا |
عملي زندگي | |
تعليمي سندون | پي.ايڇ.ڊي. |
پيشو | ليکڪ [17]،صحافي ،شاعر [17]،مؤرخ |
ڪم جي ٻولي | جرمن ٻولي [23][24]،فرانسيسي ٻولي ،انگريزي ٻولي ،اطالوي ٻولي ،اسپيني ٻولي |
مؤثر | سگمنڊ فرائيڊ |
دستخط | |
ويب سائٽ | |
IMDB تي صفحو | |
ترميم |
جنم
[سنواريو]اسٽيفن زويگ (Stefan Zweig) جو جنم آسٽريا جي گادي واري هنڌ ويانا (Vienna) ۾ 28 نومبر 1881ع ۾ ٽيڪسٽائيل جي صنعت سان لاڳاپيل هڪ امير يهودي ڪارخانيدار جي گهر ٿيو.
تعليم
[سنواريو]اسٽيفن زويگ فلسفي ۾ ڊگري ويانا يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.
سوانح
[سنواريو]هن اٿڻ ويهڻ پنهنجي دور جي وڏين شخصتين سان هوندو هو جن ۾ سگمنڊ فرائيڊ (Sigmund Freud) به شامل هو. ويانا، تن ڏينهن ۾، يورپي تهذيب جو مرڪز هو. ويانا جي آفاقي روايتن، علمي ۽ ادبي ماحول، ٿيئٽر ۾ ٿيندڙ اوپيرا ۽ ڪافي هائوسز ۾ ٿيندڙ ڪچهرين کي اسٽيفن زويگ پنهنجي جنم ڪٿا ڪلهوڪي دنيا ۾ ڏاڍي سٺي نموني سان بيان ڪيو آهي. انهيءَ ڪتاب مان هڪڙو ٽڪرو ولي رام ولڀ پنهنجي ترجمن جي ڪتاب “کير ڌارا” ۾ به ڏنو آهي.
اسٽيفن زويگ پنهنجي دور جو گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ هو، جيڪو يورپ، اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جي کنڊن ۾ پڻ مشهور هو. هُن جي لکڻين ۾، تاريخ، ترجما، تقابلي ادب، جيونيون، ڊراما، آکاڻيون ۽ ناولٽ شامل آهن. سندس ناولٽ پنهنجي موضوعن ۽ سڌي ۽ چهنڊڙي پائيندڙ اسٽائل سبب ڏاڍا مشهور ٿيا. سندس انهن مشهور ناولٽن ۾ اموڪ (Amok)، پوسٽ آفيس واري ڇوڪري (The Post Office Girl)، شطرنج واري راند، اڻڄاڻ عورت وٽان آيل خط (Letter from an Unknown Woman)، رحم مان خبرداري مشهور ٿيا. سندس آکاڻين ۽ ناولٽن تي ڪو 70 کن فلمون به ٺهيون. اهي فلمون نه رڳو جرمن ٻولي ۾، پر فرانسيسي، انگريزي، سوئس، ۽ چيني (مينڊيرين) ٻولين ۾ به آهن. زويگ جي ناولٽ اڻڄاڻ عورت وٽان آيل خط تي ٺهيل چيني فلم ڏاڍي ڀلي آهي ۽ ڏسڻ وٽان آهي. سندس رڳو انهيءَ ناولٽ تي چار مختلف فلمون ٺهيون هيون. اسٽيفن زويگ جون آکاڻيون به پڙهڻ وٽان آهن. انهن مان هڪڙي آکاڻي رشيد ڀٽي انڌي جي ميراث جي نالي سنڌي ۾ ترجمو ڪئي، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل دنيا جا عظيم افسانا ۾ شامل آهن.
پنهنجي ڪيريئر جي اوج تي اسٽيفن زويگ وٽ هر شئي هئي، جنهن جي ڪو ماڻهو خواهش ڪري سگهي ٿو. هُو شهرت جي اوچاين تي هو. سندس چاهيندڙن جو هڪ تمام وڏو انگ هو. عورتون ۽ مرد سندس هڪڙو ڏيک ڏسڻ لاءِ سندس گهر جي ٻاهران بيٺا هوندا هئا. وٽس دولت جي ڪا کوٽ نه هئي، جيڪا کيس پنهنجي ڪتابن جي رائلٽي ۽ سندن ڪاروبار مان ملندي هئي. مختلف شهرن ۾ وٽس عاليشان گهر هئا. دنيا جا وڏا ليکڪ، فلاسافر ۽ اداڪار سندس دوست هئا جن ۾ رلڪي، فرائڊ، جيمس جوائس، ييٽس، روڊن به شامل هئا. کيس گهر جو سک هو. پر اهو سڀ تڏهن ختم ٿيڻ لڳو جڏهن هٽلر ۽ سندس نازي پارٽي اقتدار ۾ آئي.
پهرين مهاڀاري جنگ (World War II) کانپوءِ جرمني معاشي طور تي تباهه ٿي ويو ۽ جرمني جو دنيا ۾ اثر ختم ٿي ويو. ايڊلوف هٽلر (Adolf Hitler) جي خيال ۾ انهي ۾ هڪڙو هٿ يهودين جو به هو. هُن انهيءَ ڪري يهودين جي خلاف تحريڪ هلائي وئي. انهي دوران مکيه يهودي ۽ هٽلر مخالف ٻين ليکڪن جي ڪتابن تي بندش وڌي وئي ۽ سندن ڪتاب ساڙيا ويا. رڳو 10 مئي 1933 تي برلن جي شهر ۾ 25000 ڪتاب ساڙيا ويا. جن جا ڪتاب ساڙيا ويا انهن ۾ ڪارل مارڪس، آئنسٽائن، ٿامس مان. سگمنڊ فرائڊ، پرائوسٽ، آندري گدي ۽ اسٽيفن زويگ شامل هئا.
جيتوڻيڪ اسٽيفن زويگ ڪنهن هنڌ لکيو هو ته، “اسان ڏوهاري آهيون، جيڪر اسان خاموش رهون ٿا” پر هُن انهيءَ جي باوجود به هٽلر جي ڪا کلي مخالفت يا نندا نه ڪئي. هُن ڪافي احتياط به ڪيو. پر نازي حڪمران کيس بخش ڪرڻ وارا نه هئا. اهڙي ماحول ۾ اسٽيفن زويگ کي ملڪ ڇڏڻو پيو ۽ 1933 ۾ هو جلاوطن ٿي مختلف ملڪن ۾ ڦرندو رهيو. پويان سندس گهر جي جاچ ورتي وئي، مٿس الزام هنيا ويا.
هيءُ اهو دور هو جو زويگ ۽ سندس زال جا تعلقات به خراب هئا. انهيءَ جو سبب اسٽيفن زويگ جي سيڪريٽري هئي، جنهن سان زويگ جو عشق ٿي ويو. هاڻ سندس زال کان به طلاق ٿي وئي. سندس گهر به ويو. ملڪ به ويو. ڪوبه پبلشر سندس ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. سندس ڪتابن کي ڪتاب گهرن ۽ لئبريرن ۾ رکڻ به ڏوهه ٿي پيو. رڳو ڪجهه سال اڳ واري دنيا جنهن ۾ هو راڄ ڪندو سا دنيا هاڻ بدلجي وئي ۽ هو مختلف هنڌن تي ڀٽڪڻ لڳو.
اتان کان زويگ جي زندگي جو ڏکويل آخري دور شروع ٿيو. هن جلاوطني جا ڪجهه سال مختلف ملڪن ۾ گهاريا پر پوءِ سندس نئين زال لوتي التمان سان لنڊن ۾ رهڻ لڳو. پر حالتون تڏهن بگڙڻ لڳيون، جڏهن 1939 ۾ پولينڊ تي قبضي کانپوءِ برطانيا، جرمني سان جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ برطانوي حڪومت جي نظر ۾ زويگ هڪ دشمن ملڪ جو ماڻهو هو. کيس پنهنجا ڪاغذ ۽ شناخت جي پڙتال لاءِ چيو ويو. کيس اها ڳالهه ڪافي ڏکي لڳي. هُو اتان نيويارڪ هليو ويو. جتان وري برازيل ۾ وڃي رهيو. اسٽيفن زويگ، جنهن جو اهو خيال هو ته نازي ازم ۽ جنگ ڪي عارضي مظهر آهن، جيڪي جلد ختم ٿيندا سو هٽلر جي اڀار ۽ جنگ جي تباهه ڪارين کان مايوس ٿي ويو.
هُن لکيو هو ته “رڳو جلاوطني جي بدقسمتي ئي ماڻهو کي دنيا جي حقيقت سمجهائي سگهي ٿي.“ پرجتي ٻين ليکڪن لاءِ جلاوطني سندن اندر هڪ نئين روح ڦڪجڻ جو سبب بڻيي، اتي هن آسودي ۽ حساس ليکڪ لاءِ جلاوطني هڪڙو ڪرب وارو تجربو ٿي آئي. جنهن يورپ تي کيس ناز هو ۽ جنهن يورپ جي قدرن جو هو نمائيندو هو، انهيءَ يورپ ۽ انهن قدرن جي تباهي کيس مايوس ڪري ڇڏيو ۽ نيٺ 22 فيبروري 1942 تي اسٽيفن زويگ ۽ سندس زال برازيل جي شهر ريو ڊي جينرو ۾ ننڊ آڻيندڙ گورين جو گهڻو مقدار ڦڪي خودڪشي ڪري ڇڏي. هُن پنهنجي آتم هتيا واري نوٽ ۾ لکيو؛
ٻئي ڏينهن پوليس کي سندس ۽ سندس زال جو لاش هڪٻئي جي ڀرسان مليو. کيس برازيل ۾ سرڪاري اعزاز سان دفنايو ويو. سندس جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ کيس ڀيٽا ڏني.
1945 ۾ ٻي مهاڀاري جنگ ختم ٿي. جرمني کي هارَ ٿي. هٽلر خودڪشي ڪئي. جيتوڻيڪ جو هن جي ڪتابن تان پابندي لاٿي وئي، پر هاڻ اسٽيفن زويگ جا ڪتاب انهيءَ انگ ۽ چاهه سان نه ڇپجڻ لڳا. ۽ نيٺ آهستي آهستي سندس نالو ماڻهن جي دلين تان مسارجي ويو. اهي ڪهڙا سبب هئا جو اسٽيفن زويگ ايترو جلدي ماڻهن کان وسري ويو. انهيءَ جو هڪڙو سبب اهو به هو ته ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ اها دنيا نه رهي، جنهن کي هُن پنهنجي لکڻين ۾ چٽيو. سندس لکڻيون يورپ جي انهن آفاقي ادبي روايتن جي پسمنظر ۾ هيون جن ۾ ٽالسٽائي، دوستوسڪي، زولا، موپسان ۽ هيوگو جون لکڻيون هيون. پر جنگ کانپوءِ اهي روايتون نه رهيون. جنگ کانپوءِ يورپ تباهه ٿي ويو. انهيءَ تباهي يورپي ذهن کي جهوري وڌو. انهيءَ ڪاوڙ ۽ پيڙا جي نتيجي ۾ هڪڙو ٻيو ادب سرجيو. انهيءَ ماحول ۾ زويگ جي لاءِ ڪا به جڳهه نه هئي. هاڻ اهي پڙهندڙ به نه رهيا هئا. آهستي آهستي سندس ڪتابن جي گهرج ختم ٿي وئي، جيتوڻيڪ جرمن ٻولي ۾ سندس ڪتاب ٿوري انگ ۾ ڇپبا هئا پر انگريزي ٻولي ۽ اڌ صدي تائين سندس ڪتاب ڇپجڻ بند ٿي ويا. ۽ هُو گمنامي ۾ هليو ويو.
هاڻ وري جڏهن پراڻي يورپ ۾ ماڻهن جي دلچسپي وڌي آهي ۽ اصلوڪيون يورپي روايتون بحال ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته اسٽيفن زويگ کي وري مڃتا ملي آهي. سندس ڪتابن جا نوان ترجما اچي رهيا آهن. هڪ دفعو وري مختلف ملڪن ۾ سندس ڪم تي فلمون ٺهي رهيون آهن. سندس لکڻين ۾ ماڻهن جي دلچسپي وڌي رهي آهي. ۽ هڪ دفعو وري اسٽيفن زويگ جو جنم ٿي رهيو آهي.
ديهانت
[سنواريو]اسٽيفن زويگ 22 فيبروري 1942ع ۾ هن دنيا ۾ ديهانت ڪري ويو.[25] [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb119297638 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
- ↑ Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Stefan-Zweig — subject named as: Stefan Zweig — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
- ↑ SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6m61k54 — subject named as: Stefan Zweig — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ Internet Broadway Database person ID: https://www.ibdb.com/broadway-cast-staff/9757 — subject named as: Stefan Zweig — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/19895 — subject named as: Stefan Zweig — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ subject named as: Stefan Zweig — IMSLP ID: https://imslp.org/wiki/Category:Zweig,_Stefan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — اجازت نامو: Creative Commons Attribution-ShareAlike 4.0 International
- ↑ Internet Speculative Fiction Database author ID: https://www.isfdb.org/cgi-bin/ea.cgi?208789 — subject named as: Stefan Zweig — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ Discogs artist ID: https://www.discogs.com/artist/648500 — subject named as: Stefan Zweig — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ subject named as: Stefan Zweig — Filmportal ID: https://www.filmportal.de/c4db22d608aa4ee8b19a713851ae5f32 — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ BD Gest' author ID: https://www.bedetheque.com/auteur-46501-BD-.html — subject named as: Stefan Zweig — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ https://brockhaus.de/ecs/julex/article/zweig-stefan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ Gran Enciclopèdia Catalana ID (former scheme): https://www.enciclopedia.cat/ec-gec-0073474.xml — subject named as: Stefan Zweig — عنوان : Gran Enciclopèdia Catalana — ناشر: Grup Enciclopèdia
- ↑ Roglo person ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=7929&url_prefix=https://roglo.eu/roglo?&id=p=stefan;n=zweig — subject named as: Stefan Zweig
- ↑ Salzburgwiki ID: https://www.sn.at/wiki/index.php?curid=9682 — subject named as: Stefan Zweig
- ↑ Babelio author ID: https://www.babelio.com/auteur/wd/1963 — subject named as: Stefan Zweig
- ↑ 17.0 17.1 17.2 https://cs.isabart.org/person/32769 — اخذ شدہ بتاریخ: 1 اپريل 2021
- ↑ Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000000395 — subject named as: Stefan Zweig — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ 20.0 20.1 مدیر: Alexander Prokhorov — عنوان : Цвейг Стефан — اشاعتسوم — ناشر: The Great Russian Encyclopedia حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; name "d83eadf001a7249608453fea7a49b03d1f263fd0" defined multiple times with different content - ↑ IMDb ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=345&url_prefix=https://www.imdb.com/&id=nm0959003 — اخذ شدہ بتاریخ: 21 جُولاءِ 2015
- ↑ خالق: Gunter Demnig
- ↑ http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb119297638 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
- ↑ CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/12375139
- ↑ جلاوطن ٿيل ليکڪ اسيفن زويگ خودڪشي ڇو ڪئي؟ منوج ڪمار، ڪاوش ميگزين، آچر، 25 شيپٽمبر 2016.
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- مضمون جن ۾ لاطيني ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ ڪاتالان ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ روسي ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ المانيہ نمساويہ ٻولي جو متن شامل آھي
- 1881ع جون پيدائشون
- 28 نومبر جون پیدائشون
- صفحات مع وڪي ڊيٽا حوالو
- 1942ع جون وفاتون
- 22 فيبروري جون پیدائشون
- رهائش وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- تعليمي سند وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- ڪم جي ٻولي وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- مؤثر شخصيتون وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- Imdb ڳنڍڻو وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- فلم
- ناول
- تاريخ دان
- شخصيتون
- 1942ع جون فوتگيون