مواد ڏانھن هلو

اسلامي تاريخ جو خاڪو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسلامي تاريخ جو هي خاڪو اسلام جي تاريخ ۾ انگريزي ۽ اسلامي ڪئلينڊرن سان لاڳاپيل آهي. هي خاڪو نبي صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگيءَ سان شروع ٿئي ٿو، جيڪا غير مسلمن مطابق اسلام جي شروعات آهي، [1] پر مسلمانن مطابق اسلام شروع کان الله جو چونڊيل دين آهي. [2] [3]

ڇهين صدي عيسويء (501–600ع)

[سنواريو]

هيءَ صدي هجرت کان تقريباً 126 کان 23 سال اڳ واري آهي.

  • 576ع: حضرت عثمان بن عفان، نبي صلي الله عليه وآله وسلم جو ٻه ڀيرا داماد، جي ولادت.
  • 578ع: عبدالمطلب، نبي صلي الله عليه وآله وسلم جي ڏاڏي جي وفات (تقريبن جي تاريخ).
  • 579 کان 582ع: نبي صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي چاچي، ابو طالب سان گڏ شام جو سفر ڪيو. اتي، "بحيره" نالي جو هڪ عيسائي راهب، دعويٰ ڪري ٿو ته محمد وٽ هڪ ابراهيمي نبيءَ جو نشان آهي (تقريبن تاريخ).
  • 582ع: حضرت عمر بن خطاب، سندس سسر ۽ بزرگ صحابي جي ولادت.
  • 594ع: محمد بي بي خديجه جي ملڪ، شام جي طرف واپاري قافلي جي اڳواڻي ڪئي ۽ واپس آيا (تقريبن تاريخ).
  • 595ع: محمد جي شادي بي بي خديجه سان گڏ ٿي (تقريبن تاريخ).
  • 598: محمد ۽ بي بي خديجه جي پهرين ٻار، قاسم بن محمد جي پيدائش.
  • 599ع: حضرت علي بن ابي طالب، محمد جو سوٽ ۽ داماد، بي بي فاطمه زهرا جو مڙس، جي ولادت مڪي شهر ۾ ٿي.
  • 600ع: محمد ۽ خديجه جي وڏي ڌيءَ ۽ ٻيو ٻار زينب جي پيدائش.
  • 600ع: نبي صلي الله عليه وآله وسلم جي پهرئين پٽ، قاسم جي وفات.

حوالا

[سنواريو]
  1. Watt, William Montgomery (2003). Islam and the Integration of Society. Psychology Press. p. 5. ISBN 978-0-415-17587-6. https://books.google.com/books?id=AQUZ6BGyohQC. 
  2. Esposito, John (1998). Islam: The Straight Path (3rd ed.). Oxford University Press. pp. 9, 12. ISBN 978-0-19-511234-4. 
  3. Peters, F.E. (2003). Islam: A Guide for Jews and Christians. Princeton University Press. p. 9. ISBN 0-691-11553-2. https://archive.org/details/islamguideforjew00fepe/page/9.