ارل اسٽين
| ارل اسٽين | |
|---|---|
| (مجارستاني ۾: Stein Márk Aurél) | |
| معلومات شخصيت | |
| ڄم جو نالو | (مجارستاني ۾: Stein Márk Aurél) |
| ڄم | |
| موت | ڪابل |
| مدفن | ڪابل |
| شھريت | |
| عملي زندگي | |
| پيشو | |
| ڪم جي ٻولي | |
| دلچسپي | |
| آجر | پنجاب یونیورسٽي |
| مؤثر | |
| اعزازات | |
| ترميم | |
ارل سٽين Aurel Stein: -آثار قديمه- جي هن مشهور ماهر جو پورو نالو سَر مارڪ -ارل اسٽين- هو. سندس جـنـم 26 نـومـبـر 1862ع تي بـرطـانـيـا جــي شـهر بداپـسـٽ (Budapest) ۾ ٿيو. هي برطانيا جي هنگري نسل مان هو. مذهبي حـوالي سـان تـعـلق يــهــودي گهراڻي سان هو، پر بعد ۾ پنهنجي -ڀاءُ- ارنيسٽ ايڊورڊ سـان گـڏ جـرمـن مذهـبـي مـصـلـح مـارٽـن لـوٿـر جـو پيروڪـار ٿـي لوٿرين (Lutherans) فرقي ۾ شامل ٿيو. -ارل اسٽين-، ابتدائي طور وچ -ايشيا- جي قديم آثارن تي تمام گهڻي کوجنا ڪئي. هي دنيا جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پروفيسر جي عهدي تي پڻ فائز رهيو. هن ڪجهه عرصو اورينٽيل ڪاليج لاهور جي پرنسپال طور ڪم ڪيو. -ان- کان سواءِ پنجاب يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار رهيو. 1904ع ۾ کيس انسپيڪٽر جنرل آف ايجوڪيشن اينڊ آرڪيالاجيڪل سروي آف -بلوچستان- مقرر ڪيو ويو. 1910ع کان 1917ع تائين لارڊ ڪرزن گورنر جنرل هندستان طرفان کيس اتر- اولهه سرحدي صوبن جي آرڪيالاجيءَ جو سپرنٽينڊنٽ ۽ -پشاور- ميوزيم جو ڪيوريٽر مقرر ڪيو ويو. هن -برطانيا- حڪومت جي تعاون سان -آثار قديمه- متعلق سائنسي -تحقيق- ۽ کوجنا ڪندي تمام گهڻو مشهور ٿيو. -ارل اسٽين- تي -ان- وقت جي آثار قديمــه جـي مـاهـرن سويـن هـڊن (Sven Hedin) ۽ زانـگـيـنـگ (Xuangang) جو تمام گهڻو اثر رهيو. 1920ع کان 1930ع ۾ هن وچ -ايشيا- (ننڍي کنڊ) مان کوجنا دؤران نوادرات ڳولهي لڌائين، جيڪي -برطانيا- جي لائبريري ۾ موجود آهن، -جن- ۾ چين مان هٿ آيل قديم ٻولين تبتي (Tibetan) ۽ تانگٽ (Tangut) ٻولين جـا مسودا، جيڪي ڪاٺ جي ٽـڪـيـن تـي لـکـيـل آهـن، جـيـڪي يـوگـر (Uyghur)، سـوگدي (Sogdian) ۽ ٻين التائي ٻولين ۾ لکيل آهن، محفوظ ٿيل آهن. -ان- کان علاوه هن جي اهم کوجنا ۾ پهرين صدي عسيوي جي وچ -ايشيا- جي ماڻهن جي متروڪ هند- يورپي (-تخاري-) ٻولين کي سائنسي -تحقيق- وسيلي ڳولي لهڻ جو ڪم به شامل آهي. ارل سٽين، ننڍي کنڊ جي -ايران- ۽ -بلوچستان- جي آثارِ قديمه تي تمام گهڻي -تحقيق- کانپوءِ -آثار قديمه- جي ماڳن تي لاتعداد رپورٽون تحرير ڪيون. هن سڪندر اعظم جي اچڻ وڃڻ جي شاهراهه، جنهن ۾ پنجاب، -ايران-، مڪران، سنڌ ۽ ڏکڻ -اوڀر- -ايران- تي به ڪم ڪيو. 1907ع ۾ هن موگاؤ (Mogao Caves) نالي غارن جي کوجنا ڪئي، جيڪي چين جي دوهانگ (Dunhuang) ۾ موجود هيون. اهي غارون ٻوڌي دؤر جا قديم آثار آهن. عام طور انهن غارن کي (Caves of Thousand Buddhas ) جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هن جي ڪيل -تحقيق- ۾ 24 مختلف ٻولين جي قديم مسودن، آثارِ قديمه مان هٿ آيل مصوري جي فن پارن، آڳاٽي وقت ۾ استعمال ٿيندڙ قديم ۽ دلچسپ شين تي -تحقيق- ۽ 1906ع کان 1908ع ڌاري مغربي چائنا ۾ موجود Kunlon Mountains جي سروي جوڪم قابل ذڪر آهن. 3 کان 4 صدي جو مليل قالين جو هڪ ڇڳل ٽڪرو پڻ ارَل اسٽين جي -تحقيق- جو نتيجو آهي اهو ٽڪرو (Frogment of Carpet Loulan Xinjiang) مان هٿ آيو، جيڪو برٽش ميوزيم ۾ رکيل آهي. سندس کوجنا دوران مليل نوادرات برٽش لائبريري، سرينگر ميوزيم، نئين دهلي جي نيشنل ميوزيم ۽ برٽش ميوزيم لنڊن ۾ رکيل آهن. سندس گڏ ڪيل شيون ۽ فن پارا وچ -ايشيا- ۽ ٻڌمذهب جي -تاريخ- -تهذيب- ۽ ادب کي سمجهڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيا آهن. هن -بلوچستان-، بلوچي -ايران- ۽ سنڌو -تهذيب- تي به واکاڻ جوڳو ڪم ڪيو، 1977ع ۾ جينيٽ مرسڪي ۽ 1995ع ۾ اينابل والـڪر (Annabel Walker) نالي مشهور سوانح نگارن، -ارل اسٽين- جي شخصيت، زندگي ۽ -تحقيق- جي حوالي سان سندس سوانح عمري لکي، جنهن ۾ سندس ڪم کي ساراهيو آهي. 1943ع ۾ هن -انگريز- حڪومت کان -افغانستان- جي کوٽائي جي اجازت ورتي. 26 -آڪٽوبر- 1943ع تي ڪم ڪندي 80 سالن جي عمر ۾هن ڪابل ۾ وفات ڪئي، اتي ئي کيس دفنايو ويو. -ايشيا- ۾ خاص ڪري ننڍي کنڊ ۾ ڪيل کوجنا يا لاڳاپيل آثارن بابت کوجنا وارن سندس ڪجهه ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.[1]
- 1898. Detailed Report on an Archaeological Tour with the Buner Field Force, Lahore, Punjab Government Press.
- 1905. Report of Archaeological Survey Work in the North-West Frontier Province and Baluchistan, Peshawar, #Government Press, N.W. Frontier Province.
- The Thousand Buddhas: ancient Buddhist paintings from the cave-temples of Tung-huang on the western frontier of China.
- 1921 “A Chinese Expedition Across the Pamirs and Hindukush, A.D. 747.” Indian Antiquary 1923.
- 1929. On Alexander\\\\\\\'s Track to the Indus: Personal Narrative of Explorations on the North-West Frontier of #India. London, Macmillan & Co. Reprint: New York, Benjamin Blom, 1972.
- 1940 Old Routes of Western Iran: Narrative of an Archaeological Journey Carried out and Recorded, MacMillan and #Co., limited. St. Martin\\\\\\\'s Street, London.
- 1944. \\\\\\\"Archaeological Notes from the Hindukush Region\\\\\\\". J.R.A.S.