ارل اسٽين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ارل اسٽين
(مجارستاني ۾: Stein Márk Aurél خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (مجارستاني ۾: Stein Márk Aurél خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 26 نومبر 1862[1][2][3][4][5][6][7][8]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 26 آڪٽوبر 1943 (81 سال)[1][2][3][4][5][6][7][8]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڪابل  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
مدفن ڪابل  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام دفن (P119) وڪي ڊيٽا تي
شھريت عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت
گڏيل بادشاھت  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو تلاش ڪندڙ[9]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي[10][11]،جرمن ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي قديم آثار،لسانيات  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
مؤثر هيونسانگ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو influenced by (P737) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
فاؤنڊز ميڊل (1909)[12]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو award received (P166) وڪي ڊيٽا تي

ارل سٽين Aurel Stein: -آثار قديمه- جي هن مشهور ماهر جو پورو نالو سَر مارڪ -ارل اسٽين- هو. سندس جـنـم 26 نـومـبـر 1862ع تي بـرطـانـيـا جــي شـهر بداپـسـٽ (Budapest) ۾ ٿيو. هي برطانيا جي هنگري نسل مان هو. مذهبي حـوالي سـان تـعـلق يــهــودي گهراڻي سان هو، پر بعد ۾ پنهنجي -ڀاءُ- ارنيسٽ ايڊورڊ سـان گـڏ جـرمـن مذهـبـي مـصـلـح مـارٽـن لـوٿـر جـو پيروڪـار ٿـي لوٿرين (Lutherans) فرقي ۾ شامل ٿيو. -ارل اسٽين-، ابتدائي طور وچ -ايشيا- جي قديم آثارن تي تمام گهڻي کوجنا ڪئي. هي دنيا جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پروفيسر جي عهدي تي پڻ فائز رهيو. هن ڪجهه عرصو اورينٽيل ڪاليج لاهور جي پرنسپال طور ڪم ڪيو. -ان- کان سواءِ پنجاب يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار رهيو. 1904ع ۾ کيس انسپيڪٽر جنرل آف ايجوڪيشن اينڊ آرڪيالاجيڪل سروي آف -بلوچستان- مقرر ڪيو ويو. 1910ع کان 1917ع تائين لارڊ ڪرزن گورنر جنرل هندستان طرفان کيس اتر- اولهه سرحدي صوبن جي آرڪيالاجيءَ جو سپرنٽينڊنٽ ۽ -پشاور- ميوزيم جو ڪيوريٽر مقرر ڪيو ويو. هن -برطانيا- حڪومت جي تعاون سان -آثار قديمه- متعلق سائنسي -تحقيق- ۽ کوجنا ڪندي تمام گهڻو مشهور ٿيو. -ارل اسٽين- تي -ان- وقت جي آثار قديمــه جـي مـاهـرن سويـن هـڊن (Sven Hedin) ۽ زانـگـيـنـگ (Xuangang) جو تمام گهڻو اثر رهيو. 1920ع کان 1930ع ۾ هن وچ -ايشيا- (ننڍي کنڊ) مان کوجنا دؤران نوادرات ڳولهي لڌائين، جيڪي -برطانيا- جي لائبريري ۾ موجود آهن، -جن- ۾ چين مان هٿ آيل قديم ٻولين تبتي (Tibetan) ۽ تانگٽ (Tangut) ٻولين جـا مسودا، جيڪي ڪاٺ جي ٽـڪـيـن تـي لـکـيـل آهـن، جـيـڪي يـوگـر (Uyghur)، سـوگدي (Sogdian) ۽ ٻين التائي ٻولين ۾ لکيل آهن، محفوظ ٿيل آهن. -ان- کان علاوه هن جي اهم کوجنا ۾ پهرين صدي عسيوي جي وچ -ايشيا- جي ماڻهن جي متروڪ هند- يورپي (-تخاري-) ٻولين کي سائنسي -تحقيق- وسيلي ڳولي لهڻ جو ڪم به شامل آهي. ارل سٽين، ننڍي کنڊ جي -ايران- ۽ -بلوچستان- جي آثارِ قديمه تي تمام گهڻي -تحقيق- کانپوءِ -آثار قديمه- جي ماڳن تي لاتعداد رپورٽون تحرير ڪيون. هن سڪندر اعظم جي اچڻ وڃڻ جي شاهراهه، جنهن ۾ پنجاب، -ايران-، مڪران، سنڌ ۽ ڏکڻ -اوڀر- -ايران- تي به ڪم ڪيو. 1907ع ۾ هن موگاؤ (Mogao Caves) نالي غارن جي کوجنا ڪئي، جيڪي چين جي دوهانگ (Dunhuang) ۾ موجود هيون. اهي غارون ٻوڌي دؤر جا قديم آثار آهن. عام طور انهن غارن کي (Caves of Thousand Buddhas ) جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هن جي ڪيل -تحقيق- ۾ 24 مختلف ٻولين جي قديم مسودن، آثارِ قديمه مان هٿ آيل مصوري جي فن پارن، آڳاٽي وقت ۾ استعمال ٿيندڙ قديم ۽ دلچسپ شين تي -تحقيق- ۽ 1906ع کان 1908ع ڌاري مغربي چائنا ۾ موجود Kunlon Mountains جي سروي جوڪم قابل ذڪر آهن. 3 کان 4 صدي جو مليل قالين جو هڪ ڇڳل ٽڪرو پڻ ارَل اسٽين جي -تحقيق- جو نتيجو آهي اهو ٽڪرو (Frogment of Carpet Loulan Xinjiang) مان هٿ آيو، جيڪو برٽش ميوزيم ۾ رکيل آهي. سندس کوجنا دوران مليل نوادرات برٽش لائبريري، سرينگر ميوزيم، نئين دهلي جي نيشنل ميوزيم ۽ برٽش ميوزيم لنڊن ۾ رکيل آهن. سندس گڏ ڪيل شيون ۽ فن پارا وچ -ايشيا- ۽ ٻڌمذهب جي -تاريخ- -تهذيب- ۽ ادب کي سمجهڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيا آهن. هن -بلوچستان-، بلوچي -ايران- ۽ سنڌو -تهذيب- تي به واکاڻ جوڳو ڪم ڪيو، 1977ع ۾ جينيٽ مرسڪي ۽ 1995ع ۾ اينابل والـڪر (Annabel Walker) نالي مشهور سوانح نگارن، -ارل اسٽين- جي شخصيت، زندگي ۽ -تحقيق- جي حوالي سان سندس سوانح عمري لکي، جنهن ۾ سندس ڪم کي ساراهيو آهي. 1943ع ۾ هن -انگريز- حڪومت کان -افغانستان- جي کوٽائي جي اجازت ورتي. 26 -آڪٽوبر- 1943ع تي ڪم ڪندي 80 سالن جي عمر ۾هن ڪابل ۾ وفات ڪئي، اتي ئي کيس دفنايو ويو. -ايشيا- ۾ خاص ڪري ننڍي کنڊ ۾ ڪيل کوجنا يا لاڳاپيل آثارن بابت کوجنا وارن سندس ڪجهه ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.[13]

  1. 1898. Detailed Report on an Archaeological Tour with the Buner Field Force, Lahore, Punjab Government Press.
  2. 1905. Report of Archaeological Survey Work in the North-West Frontier Province and Baluchistan, Peshawar, #Government Press, N.W. Frontier Province.
  3. The Thousand Buddhas: ancient Buddhist paintings from the cave-temples of Tung-huang on the western frontier of China.
  4. 1921 “A Chinese Expedition Across the Pamirs and Hindukush, A.D. 747.” Indian Antiquary 1923.
  5. 1929. On Alexander\\\\\\\'s Track to the Indus: Personal Narrative of Explorations on the North-West Frontier of #India. London, Macmillan & Co. Reprint: New York, Benjamin Blom, 1972.
  6. 1940 Old Routes of Western Iran: Narrative of an Archaeological Journey Carried out and Recorded, MacMillan and #Co., limited. St. Martin\\\\\\\'s Street, London.
  7. 1944. \\\\\\\"Archaeological Notes from the Hindukush Region\\\\\\\". J.R.A.S.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  2. 2.0 2.1 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb12130251p — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  3. 3.0 3.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Aurel-Stein — subject named as: Sir Aurel Stein — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  4. 4.0 4.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w69k4xr1 — subject named as: Aurel Stein — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  5. 5.0 5.1 KNAW past member ID: http://www.dwc.knaw.nl/biografie/pmknaw/?pagetype=authorDetail&aId=PE00003142 — subject named as: M.A. Stein — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  6. 6.0 6.1 Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/stein-mark-aurel — subject named as: Mark Aurel Stein — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مدیر: Bibliographisches Institut & F. A. Brockhaus۽ Wissen Media Verlag
  7. 7.0 7.1 subject named as: Sir (Marc) Aurel Stein — عنوان : Stein, Sir (Marc) Aurel — شائع شدہ از: Grove Art Online — https://dx.doi.org/10.1093/GAO/9781884446054.ARTICLE.T081211
  8. 8.0 8.1 Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000001183 — subject named as: Sir Aurel Stein — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  9. عنوان : Archaeology and Language — صفحہ: 64 — ناشر: Pimlico — ISBN 0-7126-6612-5
  10. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb12130251p — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  11. CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/84188771
  12. full work available at URL: https://www.rgs.org/CMSPages/GetFile.aspx?nodeguid=64c1cdb4-2f4b-44a3-9e3c-695983da880f&lang=en-GB — مصنف: Royal Geographical Society — عنوان : Gold Medal Recipients — ناشر: Royal Geographical Society
  13. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ارل%20اسٽين