ابوبڪر احمد حليم
| ابوبڪر احمد حليم | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | بھار |
| موت | |
| وجه موت | |
| رهائش | |
| شھريت | |
| ڌرم | |
| عملي زندگي | |
| مادر علمي | |
| پيشو | پروفيسر |
| ڪم جي ٻولي | اردو ،انگريزي ٻولي |
| دلچسپي | |
| آجر | |
| تحريڪ | آل انڊيا مسلم ليگ |
| ترميم | |
پروفيسر ابوبڪر احمد حليم (اي. بي حليم) نامور ماهر -تعليم- و -تاريخ- ۽ -تحريڪ پاڪستان- جو ڪارڪن 1 مارچ 1897ع ۾ جهان -آباد- (-بهار-) ۾ پيدا ٿيو. پروفيسر ابوبڪر احمد حليم علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ جو سابق پرووائيس چانسلر ۽ شعبه -تاريخ- جو صدر رهڻ کانسواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسلر (51-1947) ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو پڻ پهريون وائيس چانسلر رهيو. هي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو رڪن به رهيو هو. هن نامور هستي 20 -اپريل- 1975ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.[1]
مشهور تعليمي ماهر ۽ محقق پروفيسر ابوبڪر احمد حـليم پهرين مارچ 1897ع تي ڀارتي رياست -بهار- جي علائقي ارڪي جهان -آباد- ۾ -جنم- ورتو هو. هو -تحريڪ پاڪستان- جو سرگرم ڪارڪن به رهيو آهي. کيس -تاريخ- جي موضوع سان گهڻي دلچسپي هئي. اعليٰ -تعليم- بعد علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ -تاريخ- جي شعبي جو سربراهه ٿيو ۽ اڳتي هلي اتي پرو وائيس چانسلر به رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام کانپوءِ -ان- جو 1947ع کان 1951ع تائين وائيس چانسلر مقرر ٿيو. جڏهن سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد منتقل ٿي ته کيس بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. هن 20 -اپريل- 1995ع تي وفات ڪئي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ابوبڪر%20احمد%20حليم%20پروفيسر[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2023-11-03 تي محفوظ ڪيل, 2020-07-08 تي حاصل ڪيل
- وڪي ڊيٽا سانچو ۾ خرابي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- ڪم جي ٻولي وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- تحريڪ وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from July 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- 1897ع جون پيدائشون
- 1975ع جون فوتگيون