آچر
آچر هفتي جوستون ۽ آخري ڏينهن ۽ تقريبن دنيا جي سڀني ملڪن ۾ هن ڏينهن تي عام موڪل هوندي آهي. آچر ڇنڇر ۽ سومر جي وچ وارو ڏينهن آهي.
لفظ آچر[سنواريو]
آچر = هن ڏينهن جو نالو جو بنياد سنسڪرت لفظ آدتيه مان ورتل آهي جنهن جو مطلب سج آهي. علم نجوم ۾ هن ڏينهن جو گرھ سج آهي. جيڪو اردو ۾ آدتيه وار مان تبديل ٿيندو اتوار ٿي ويو آهي. هندي ۾ هن ڏينهن جو نالو پڻ رَوِي - سورِيا ديوتا (سج جو ديوتا) جي نالي سان منسوب آهي ۽ ان کي رَوِي وار چوندا آهن.[1]
شيخ اياز پنهنجي ڪويتا ۾ آچر کي آڏيت پڻ ڪوٺيو آهي.
آچر< آڏيت < اڏتوار< آدِتيوار< آدِتيه (سنسڪرت) =
سنڌي ماڻهو آچر نالو پڻ رکن ٿا.
عيسائيت ۾ آچر جي مقدس حيثيت آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ آچر تي موڪل هوندي هئي، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دؤر ۾ بدلائي جمعو ڪري ڇڏي. بعد ۾ ميان محمد نواز شريف ان کي وري بحال ڪري ڇڏيو جيڪا اڃا تائين بحال آهي.
انگريزي Sunday[سنواريو]
انگريزي ۾ ساڳي نسبت سان Sunday سنڊي (سج جو ڏينهن) آهي.جنهن کي منڍ ۾ پراڻي رومي مذهب Sól / Sunna / Sunne سول نالي سان سڏيو ويندو هو پر پوءِ جرمنيڪ ماڻهن Sunday جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. اولھ جي ملڪن ۾ ڇنڇر ۽ آچر ويڪ اينڊ جو حصو آهي.
سج Sun + وار = ڏينهنday.
گيلري[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
- ↑ سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
هفتي جا ڏينهن |
---|
آچر| سومر | اڱارو | اربع | خميس |جمعو | ڇنڇر |
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |