ڇنڇر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇنڇر هفتي ڇهون ڏينهن آهي. آچر ۽ جمع جي ڏينهن جي وچ وارو ڏينهن آهي.

لفظ ڇنڇر[سنواريو]

ڇنڇر = هن کي ڪٿي ڇنڇار به چوندا آهن. هي لفظ آهي سنڌي پر هن جو بنياد پڻ سنسڪرت لفظ شنيھ مان ملي ٿو. شنيھُ هندن جو ديوتا آهي. جيڪوانصاف جو ديوتا آهي، ۽ بُرن اعمالن تي دنيا ۾ سزائون ڏيندو آهي. علم نجوم جي حساب هن جو گرھ زحل آهي. جيڪو نحوست جو ڪارڻ سمجهيو وڃي ٿو. هندي ۾ پڻ ساڳي نسبت سان شنيھ وار مان تبديل ٿيندي شني وار موجود آهي

جامع سنڌي لغت مطابق؛[سنواريو]

ڇنڇر

ذ. [سن. شَنِهه] هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن جو نالو. هڪ گرهه جو نالو. زُحل (جو عام طرح نَحسُ سمجهيو ويندو آهي). نُحُوسَت ، نڀاڳ ، ڪمبختي.

ان لاء سنڌي چوڻيون پڻ هن ڳالھ نسبت ڪن ٿيون ؛[سنواريو]

ڇنڇر پيرن ۾ هُئڻ[سنواريو]

هڪ هنڌ ٽِڪاءُ نه هئڻ ، نَحُوست جو اثر هئڻ ، چڪرن ۾ هئڻ.

ڇنڇرِي[سنواريو]

ث. ڇنڇر گِرههَ جي نُحُوسَت. نِڀاڳُ ، بَدبَختي. (اسم خاص). ٻانڀڻن جو هڪ گروهه (جي ڇنڇر گرهه جي نحوست لاهين).

ڇنڇرِي لاهِڻ[سنواريو]

نحوست لاهڻ. نڀاڳ ڪڍڻ. سخت سزا ڏيڻ (اهو خيال آهي ته ڇنڇر گرهه جو اثر پيل ماڻهو بَد مزاج ٿيندو آهي). ڏاڍي مارَ ڏيئي سڌو ڪرڻ. مغرور جي دماغ مان غرور ڪڍڻ.

انگريزي Saturday[سنواريو]

رومن ديوتا Saturn جي نالي سان منسوب آهي. ۽ انگريزي ۾ زحل گرھ کي به Saturn چئبو آهي. جيڪو مال، زراعت، آزاديء ۽ وقت جو ديوتا آهي.

گيلري[سنواريو]

.

هفتي جا ڏينهن
آچر| سومر | اڱارو | اربع | خميس |جمعو | ڇنڇر