اڱارو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا

اڱارو هفتي جو ٻيو ڏينهن آهي. اکارو سومر ۽ اربع جي وچ وارو ڏينهن آهي.

تاريخ[سنواريو]

هفتي جو ٽيون ڏينهن جنهن کي هندو منگلوار چون، -اڱارو- هڪ قديم سنڌي لفظ آهي. -ان- سان ملندڙ لفظ هندستان جي ٻين ٻولين جي قديم ادب مان به مليا آهن. جيئن راجسٿانيءَ ۾ ”آڱري وار“، مرهٽيءَ ۾ ”اڱاروار“ ۽ پراچين مهاراشٽر ۾ ”انگارء وار“، جيڪو -ان- ٻوليءَ جي ٻه هزار سال پراڻي ڪتاب ”ستسئي“ ۾ ڪم آيل آهي. سنسڪرت جي مشهور لغت ”امر ڪوش“ ۾ اهو ساڳيو لفظ ”انگارڪ وار“ معنيٰ ”منگلوار“ ڏنل آهي. -اڱارو- هندي لفظ منگل جي برابر آهي. منگل -آسمان- ۾ نظر ايندڙ ڳاڙهو تارو آهي، جنهن کي ’منگل ديوتا‘ جي حيثيت حاصل آهي. اهو ئي تارو قديم يونان ۽ روم جو “Mars” (ديوتا) آهي.[1]

هفتي جا ڏينهن
آچر| سومر | اڱارو | اربع | خميس |جمعو | ڇنڇر


Incomplete-document-purple.svg ھي ھڪ ڪچو مضمون آھي۔ توھان ھن ۾ اضافو ڪري وڪيپيڊيا کي سنواري سگھو ٿا۔
  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%B1%D8%A7%D8%B1%D9%88