نم

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
نم
Scientific classification
Kingdom: Plantae
Order: Sapindales
Family: Meliaceae
Genus: Azadirachta
Species: A. indica
Binomial name
Azadirachta indica

نم (انگريزي ٻولي: Neem Tree) گهاٽي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ آهي. هن کي هندي (اردوءَ) ۾ نيم چون ٿا. هن کي بنگالي ٻولي ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ وانگر (নিম) نم ئي چيو وڃي ٿو. هن کي ملئي ٻولي ممبو (Mambu) ۽ سومالي ٻوليءَ (Geed Hindi) سڏيو وڃي ٿو. هن جو ناباتاتي نالو Azadirachta indica آهي. [1]

بڪائن جھڙو وڻ۔ بڪائن وانگر گھاٽي ڇانو رکي ٿو. ھي وڻ بڪائڻ وانگر صرف ڇانو جي خاطر ھر دلعزيز نہ آھي بلڪہ ھن فائدا ٻيا بہ آھن۔ نم جو ميوو بہ بڪائن وانگر ھوندو آھي۔ ۽ ان کي نموري چون ٿا۔ جڏھن ھي پچڻ تي ايندو آھي تہ ھن ۾ مٺاڻ اچي ويندي آھي۔ ان ڪري ھن تي پکي مڙي پوندا آھن۔ ھي وڻ، بڙ وانگر چئني طرفن ۾ پکڙبو آھي۔ ھن جو ٿڙ بہ ٿلھو ھوندو آھي۔ جڏھن ھي وڻ پراڻو ٿي ويندو آھي تہ ان مان ھڪ قسم جي رس خارج ٿيڻ شروع ٿي ويندي آھي۔ جيڪا نھايت مٺي ھوندي آھي۔ ماڻھو ان کي جمع ڪري بطور خوراک استعمال ڪندا آھن۔ ھن جا پن بہ طبي خاصيتون رکن ٿيون۔ ھن جي جوشاندي ۾ وھنجڻ سان خارس ختم ٿي ويندي آھي۔ زخمن تي بہ ٻڌا ويندا آھن۔ ھي بھترين جراثيم ڪش وڻ آھي۔ ۽ جراثيم مارڻ ۾ استعمال ٿيندو آھي۔ جوشاندو معدي کي بہ درست ڪندو آھي۔ رت کي صاف ڪندو آھي۔ پر ڪوڙو ضرور ھوندو آھي ھن جي ڪاٺي بڪائن کان مضبوط ٿيندي آھي. جيڪڏھن تختن مان صندق ٺاھي ڪري ڪپڙا رکيا وڃن تہ ان کي جيت نٿو لڳي۔ ھن جي ٽام مان ڏندڻ بہ ٺاھيا وڃن ٿا جيڪي پڻ ڏندن کي جيت لڳڻ کان بچائن ٿا.

نم جو وڻ۔

ھن وڻ جا پن بڪائن وانگر ڌاري دار ھوندا آھن پر ھڪ رخ کان ٿورو ڦاٽل ھوندا آھن ۽ بڪائن جي پتوں جي خلاف گوشن ۾ نڪري ايندا آھن۔ جنھن سان ھي وڻ پري کان سڃاڻي سگھجي ٿو۔ ھي وڻ طبي خاصيتن جي لحاظ کان ڏاڍو فائديمند آھي ۽ پاڪستان ۽ ھندستان ۾ بخوبي پوکيو وڃي ٿو۔

استعمال[سنواريو]

روايتي طور تي نم جو استعمال مختلف بيمارين کان بچڻ ۽ انھن جي علاج جي لاءِ بہ ڪيو وڃي ٿو۔ ٻارن ۾ بخار يا چيچڪ جھڙي بيماري جي صورت ۾ نم جا پن انھن جي بستري تي وڇايا ويندا آھن.

خارس، تيزابيت، ۽ سورائسس جھڙي بيماري ۾ نم کي کل تي لڳائڻ سان آرام ملندو آھي ۽ اوٻاري ڪري پيئڻ سان اسھال جي مريض کي فائدو ٿيندو آھي۔

نم جي ڇانو جو گرمي پد ٻين وڻن جي ڇانو کان گھڻو گھٽ ھوندو آھي.

گرمين ۾ سياري جي ڪپڙن کي جيتن کان بچائڻ جي لاءِ نم جي پنن کي ڪپڙي ۾ رکيو ويندو آھي۔ خشڪ سالي جي سبب جن علائقن ۾ چارو پيدا نہ ٿيدو آھي اتي جانور نم جا پن کائيندا آھن ۽ نموري مان عمده قدرتي ڀاڻ ٺاھيو ويندو آھي۔

نم جو سڀ کان وڏو ۽ عام استعمال ڏندڻ جي طور تي ٿيندو آھي۔

جديد سائنٽفڪ دريافت جي مطابق نم جي کل مان نڪرندڙ تيل تمام اھم ھوندو آھي ۽ ان ۾ موجود ڪجھ زھريلن مادن جو استعمال فنگس جي لاءِ ڏاڍو فائديمند ھوندو آھي۔

پاڪستاني سائنسدان ڊاڪٽر سليم الزمان صديقي اھو پھريون سائنسدان آھي، جيڪل نم جي وڻ مان جيت مار، ڦپوندي جش، ۽ بيڪٽيريا مارڻ وارا جزا ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿيو۔ 1942ع ۾ ھن نم جي تيل مان ٽي مرڪب نمب-ين، نمب-نين ۽ نمب-دين تيار ڪيا۔ ھي مرڪب نم ۾ تمام گھڻي مقدار ۾ ملن ٿا۔

هن جو شمار انهن وڻن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي آڪسيجن وڌيڪ خارج ڪن ٿا، ان ڪري هن کي ماحول دوست وڻ به قرار ڏنو ويو آهي. نم هڪ پن ڇاڻيندڙ وڻ آهي. هن کي انساني آبادين ۾ تمام گهڻي چاهه سان پوکيو وڃي ٿو، ٿر جي اسلام ڪوٽ، مٺي، ننگر پارڪر ۽ ٻين ڪجهه شهرن ۾ هٿرادو طور پوکيو ويو آهي. هن وڻ جا به دنيا جي مختلف علائقن جي موسم، آبهوا ، ۽ زميني حساب سان مختلف قسم موجود آهن.

نم جو وڻ پڻ زمين مان پاڻي حاصل ڪري پنن جي ذريعي خارج ڪري ٿو. مينهنَ جي موسم ۾ جڏهن هوا ۾ گهم جو مقدار وڌي ويندو آهي. تڏهن نم جي پنن مان پاڻي ٻاهر خارج ڪرڻ وارو نظام ٻاهرين هوا جي گهم ۽ آبي بخارن جي دٻاءَ سبب متاثر ٿيندو آهي. انهي ڪري پنن مان گهربل پاڻي جا بخار ٻاهر خارج نه ٿي سگهندا آهن. انهي سبب نم جي پنن جو رنگ وڌيڪ گهرو ٿي ويندو آهي. اهو عمل آبي بخارن جي هوا ۾ وڌي وڃڻ سبب برسات وسڻ کان ٿورو وقت اڳ ۾ ٿيندو آهي. پنن جي رڪيل پاڻياٺ پنن مان ٻاهر خارج نه ٿيڻ سبب پنن ۾ رهجي ويندي آهي. جنهن ڪري هڪ طرف نم جي پنن جو رنگ وڌيڪ گهرو سائو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ٻئي طرف نم جا پن ڳرا ٿي ويندا آهن ۽ پن ڀنل پڻ محسوس ٿيندا آهن. [2]

تصويرون[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:پاڪستان جا وڻ