امینه خميساڻي
امینه خميساڻي Amina Khamisani | |
|---|---|
| ڄمڻ | امینه خميساڻي اپريل 16 1919 پاٽ شريف، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
| وفات | 12 ڊسمبر 2007 (عمر 88 سال) ڪراچي |
| پيشو | پروفيسر ،ليکڪ |
| ٻولي | سنڌي |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | ايم اي انگريزي |
| مادرِ علم | سنڌ يونيورسٽي |
| صنف | مضمون |
| نمايان ڪم | Drama Between two World Wars |
امینه خميساڻي (انگريزي:Amina Khamisani) (جنم:16 اپريل 1919ع- وفات: 12 ڊسمبر 2007ع) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ليکڪ، پروفيسر ۽ تعليمي ماهر هئي.
زندگي جو احوال
[سنواريو]تعليمي ماھر ۽ استاد، پروفيسر امینه خميساڻي ضلعي دادوءَ جي پاٽ شھر ۾، 16 اپريل 1919ع تي ڄائي، سکر جو اڳوڻو ڪليڪٽر علي بخش چنو سندس والد ھو، مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي سينٽ جوزف اسڪول مان پاس ڪيائين. بي اي 1943ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان ۽ ايم اي انگلش، 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ ساڳئي ئي سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي شعبي جي ليڪچرر مقرر ٿي، سموري حياتي تعليم جي خدمت لاءِ وقف ڪندڙ ھن خاتون، 1963ع ۾، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ’سترھين صديءَ جي انگريزي ادب‘ جي موضوع تي ڊپلوما ڪئي. 1969ع کان 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي سان وابسته رھي. هن سبجيڪٽ ايڪسپرٽ طور پشاور يونيورسٽي، بلوچستان يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پڻ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. 1983ع ڌاري اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي اٺٽيھين اجلاس ۾ نمائندگي ڪيائين. پاڻ عورتن واري رتبي جي پاڪستاني ڪميشن جي ميمبر ۽ ساڳي ڪميشن جي 1984ع واري ڇپيل رپورٽ جي سھڪاري ايڊيٽر پڻ رھي. آمنه خميساڻيءَ مختلف موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيا، جن مان ’سنڌ جي عورت‘،’ڪربلا کان اڳ ۽ پوءِ‘،’اسلام ۾ عورت جو مقام‘ ۽ ٻيا موضوع شامل آھن، ان کان سواءِ انگريزي ادب ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي معاملن تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾
- “Drama Between Two World Wars”,
- “Casual Peeps at English Literature”,
- “Sindh‘s Contribution to English”,
مشهور آھن. تعليمي ميدان ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندڙ امینه خميساڻي 1985ع ۾ وزٽنگ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿي. سندس وڏو ڪارنامو شاهه جي رسالي جو نثر ۾ مڪمل انگريزي ترجمو آهي، جيڪو ثقافت کاتي سنڌ پاران 2001ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هيءَ وڏي تعليمي ماهر 12 ڊسمبر 2007ع ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪري ويئي.[1][2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ آمنه خميساڻي : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ "=> HYDERABAD, Dec 12: The University of Sindh has app | Pakistan Press Foundation (PPF)", www.pakistanpressfoundation.org (انگريزي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 31 مئي 2020۔