پاٽ شريف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاٽ شريف(انگريزي:Pat Sharif) سنڌ جي دادو ضلعو جي دادو تعلقو ۾ سنڌو درياھ جي ساڄي ڪناري قديم شهر ۽ پراڻي زماني کان اسلامي علم ۽ ادب جي لحاظ کان اهم ۽ علامن، فقيهن جو مرڪزي شهر رهيو آهي.

تاريخ[سنواريو]

پاٽ شريف سنڌو درياھ جي ڪناري تي انهيءَ هنڌ قائم آهي جتي قديم زماني ۾ گاج ندي (نئي گاج) درياھ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. درياھ ۽ گاج جو وهڪرو زمين پَٽي ويندو هو، اتي آباد ٿيل ڳوٺ تي نالو ان ڪري پاٽ پيل ڀانئجي ٿو . پاٽ ڀرسان “کاٽ” ڳوٺ پڻ آهي. کاٽ اُتي آباد آهي جتي درياھ کاٽ هڻي وهي ٿو. پاٽ شريف سنڌ ۾ مغل دؤر کان به اڳ صفحه هستيءَ تي موجود هو پر ترخان، ارغون ۽ مغل دور ۾ شهر جي قائم هجڻ جي تاريخ تصديق ڪري ٿي.[1] مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ:"پاٽ ۾ مشهور حيدر هروي هو. جنهن جو لقب ڪليجه هو. جو اوائل ۾ ڪليجه يعني زيرانڊيون رڌي وڪڻندو هو. اهو وڏو شاعر ٿي گذريو. سندس ديوان آهي مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ هرات کان سنڌ ۾ آيو ۽ اچي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين."[2]

علم ادب[سنواريو]

پاٽ شريف آڳاٽي وقت کان علم ادب جو مرڪز رهيو آهي. پاٽ شريف جا مدرسا ۽ عالم ۽ فقيه سجڄي سنڌ ۾ مشهور رهيا آهن. علامه آءِ آءِ قاضي جا وڏا پاٽ شريف سان تعلق رکن ٿا. مشهور محقق ۽ اديب حبيب الله صديقي به پاٽ شريف سان تعلق رکي ٿو. تحفته الڪرام جو مصنف، مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته پاٽ سيوستان (سيوهڻ) پرڳڻي جي آس پاس هڪ ڳوٺ آهي. حيدر هروي نالي شاعري جي هڪ “ديوان” جي مالڪ شاعر جو تعلق پاٽ سان آهي. مرزا شاھ حسن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هميشه لاءِ پاٽ ۾ رهيو ۽ گذاري ويو. پاٽ شريف قاضين، عارفن ۽ فقيهن جو شهر رهيو آهي. ڪلهوڙن جي دور تائين پاٽ شريف جو شهر علم ادب جي حوالي سان مشهور رهيو.[3]

موجوده آبادي ۽ علم[سنواريو]

هن وقت به پاٽ شريف علم ادب جو مرڪز آهي. پاٽ شريف ۾ هاءِ اسڪول تائين تعليم جو بندوبست آهي. هن وقت پاٽ شريف جي آبادي 30 هزار جي لڳ ڀڳ آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. Ancient sites, towns and villages | Aziz Kingrani
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع.  ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفته الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2004ع