انڊلٺ


انڊلٺ (انگريزي ٻولي: Rainbow؛ اردو: دھنک) يا قوس قزح هڪ بصري قدرتي مظهر آهي جيڪو روشني جي پنهنجي اصل رستي کان انحراف (Refraction)، اندرين انحراف (Internal refraction) ۽ روشني جي ڦهلاءَ (پاڻيءَ جي بوندن جو پرزم جي طور تي ڪم ڪندي) جي ڪري ٿئي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مسلسل روشني جو طيف (Spectrum) آسمان تي ظاهر ٿئي ٿو.[1] انڊلٺ هڪ گھڻ رنگي گول قوس جي صورت اختيار ڪري ٿو.[2] سج جي روشني جو عڪس ٿيڻ جي ڪري انڊلٺ سدائين سج جي سامهو واري آسمان جي حصي ۾ ظاهر ٿئي ٿو. انڊلٺ واء، پاڻي جي ڪيترن ئي شڪلن جي ڪري ٿي سگهي ٿو. انهن ۾ نه رڳو برسات شامل آهي، پر ڌوڙ، اسپري ۽ واء ۾ موجود شبنم پڻ شامل آهن.
انڊلٺ هڪ مڪمل دائري جي شڪل ۾، ڌرتي جي مٿان روشن ٿيل بوندن مان ٺهيل آهي، پڻ ڏسڻ وارو عام طور تي صرف هڪ قوس، جيڪا سج ۽ مبصر جي اک تائين هڪ لڪير تي مرڪز آهي، طور ڏسي ٿو.[3]
هڪ پرائمري انڊلٺ ۾، قوس ٻاهرين حصي تي ڳاڙهي روشني ۽ اندروني پاسي تي واڱڻائي روشني ڏيکاري ٿو. هي انڊلٺ ۾ روشني، جڏهن اها پاڻي جي هڪ قطري ۾ داخل ٿئي ٿي، جي ڦيرڦار ۽ پوءِ قطري جي پوئين پاسي روشني جي اندرين انحراف جي ڪري ۽ ان کي ڇڏڻ وقت ٻيهر مڙن تي ٿئي ٿو.
ٻٽي انڊلٺ ۾، هڪ ٻيو قوس بنيادي قوس کان ٻاهر نظر اچي ٿو ۽ ان جا رنگ الٽي ترتيب ۾ هوندا آهن، يعني قوس جي اندروني پاسي تي ڳاڙهي روشني ۽ ٻاهرين پاسي تي واڱڻائي.
تفصيل
[سنواريو]انڊلٺ فطرت جو هڪ مظهر آهي۔جنهن ۾ بارش يا مينهن (برسات) کان بعد فضا ۾ موجود پاڻيءَ جا قطرا هڪ منشور جيطرح ڪم ڪندا آهن. جڏهن انهن منجهان سج جون شعائون گزرنديون آهن ۽ اهي گزرڻ هي بعد ست رنگن ۾ بدلجي ويندي آهي ۽ ائين آسمان جي مٿان هڪ سترنگي ڪمانَ يا انڊلٺ (مُڙيل) دھنڪ بڻجي ويندي آهي۔ انکي قوس و قزح به ڇوندا آهن۔
انڊلٺ جا هي ست رنگ سرخ يا ڳاڙهو (Red)، مالٽائي, گيڙو يا نارنگي (Orange)، پيلو يا ڦِڪو (Yellow)، سائو (Green)، نیرو (Blue)، ڄامني (Indigo) ۽ واڱڻائي (voilet) شامل آهن۔
نموداري
[سنواريو]قوس و قزاح ۾ رنگن جو تعداد
[سنواريو]قوس و قزاح ۾ رنگن جو تعداد ست رنگ آهن ، جِن ۾ سرخ يا ڳاڙهو (Red)، مالٽائي, گيڙو يا نارنگي (Orange)، پيلو يا ڦِڪو (Yellow)، سائو (Green)، نیرو (Blue)، ڄامنئي (Indigo) ۽ گهاٽو نیرو (Violet) شامل آهن۔
وضاحت
[سنواريو]روشني ستن رنگن جي ميلاپ سان ٺهيل هوندي آهي، تيز رفتاريءَ جي ڪري هڪڙي رنگ م ڏسبي آهي ۽ جڏهن بارش پوندي آهي ته پاڻيءَ جا ننڍڙا ننڍڙا ذررا جيڪي هوا ۾ موجود هوندا آهن اهي هڪ پرزم جو ڪم ڏيندا اهن ۽جڏهن روشني انهن ذرڙن مان ٽپندي آهي ته پنهن جي اصلي رنگن ۾ ٽٽي ويندي آهي ۽ ان جا ستئي رنگ پنهن جي اصلي واٽ تي نظر ايندا آهن جنهن کي اسين انڊ لٺ چوندا آهيون۔ اهوئي قدرت جو ڪمال آهي
برسات- کان پوءِ -آسمان- ۾ ظاهر ٿيندڙ ستن رنگن وارو آسماني -پٽو-. انڊلٺ ۾ ترتيبوار ست رنگ ٿيندا آهن: واڱڻائي، نيرو، اڇو، سائو، پيلو، ترنجي ۽ ڳاڙهو. واڱڻائي رنگ مٿان ۽ ڳاڙهو رنگ هيٺيان ٿيندو اٿس. ٻيا رنگ انهن ٻنهي جي وچ ۾ هوندا آهن. -انڊلٺ- جي سائنسي جوڙجڪ هيٺينءَ ريت آهي: مينهن وسڻ کان پوءِ وايومنڊل ۾ مينهن جي سنهي بوندار رهجي ويندي آهي، پوءِ جڏهن سج مان ايندڙ سفيد روشني، انهن سنهين بوندن مان لنگهندي آهي ته اُن جا ست رنگ الڳ الڳ ٿي ويندا آهن. مينهن جون بوندون گول هونديون آهن، تنهنڪري -انڊلٺ- جي شڪل به گولائيءَ ۾ هوندي آهي ۽ اها ڪمان جي صورت ۾، اڌ گول وانگر نظر ايندي آهي. انڊلٺ عام طور تي -ان- صورت ۾ نظر ايندي آهي، جڏهن سج پٺئين طرف ۽ پاڻيءَ جي ڦڙن جو ميڙ اکين جي سامهون هوندو آهي. -انڊلٺ- ظاهر ٿيڻ لاءِ اهو لازمي آهي ته مينهن وسڻ کان پوءِ يڪدم سج نڪري اچي. حقيقت ۾ -انڊلٺ-، سج جي ڪرڻن يعني روشنيءَ جي قدرتي ستن رنگن جي تقسيم آهي. انڊلٺ کي هنديءَ وارا ”اندر ڌنش“ چوندا آهن. فارسيءَ ۾ هن کي ”قوس قزح“ ۽ انگريزيءَ ۾ ”رين بو“ (Rainbow) سڏيندا آهن.[4]
انڊ لٺ جو تمام بهترين نظارو تمام خوبصورت ونڊ
تبدیلي
[سنواريو]مختلف انڊلٺون
[سنواريو]مرڪب يا ڪيترن ئي حصن تي مشتمل انڊلٺون
جاڙيون انڊلٺون
[سنواريو]مڪمل-گول انڊلٺ
[سنواريو]اضافي انڊلٺ
[سنواريو]عڪسي (Reflection) انڊلٺ
[سنواريو]هڪ رنگ واري انڊلٺ
[سنواريو]اونچي-ترتیب انڊلٺون
[سنواريو]چانڊوڪيءَ هيٺ انڊلٺون
[سنواريو]چاندني ،چنڊ جي روشني
دنڌ انڊلٺ Fog-Bow
[سنواريو]افقي مُحیط ۽ چوڌاري اَوج قوس
[سنواريو]نقطہ عروج،سمت الراس
سج ديوتا تي انڊلٺون
[سنواريو]دیو پیڪر سورج دیوتا تي انڊلٺون ٺهنديون آهن جيئن چنڊ ، زحل وغيره تي.
سائنسي تاريخ
[سنواريو]تهذیب، ثقافت
[سنواريو]عڪسي گیلري
[سنواريو]- Rainbow rising over the Atacama Large Millimeter Array.[5]
- A view of a rainbow from a helicopter
- Eruption of Castle geyser, Yellowstone National Park, with double rainbow
- Rainbow after sunlight bursts through after an intense shower in Maraetai, New Zealand
- Alexander's Band.
پڻ ڏسو
[سنواريو]- فضائي بصريات
- سرڪمزنٿل قوس
- افقي قوس
- جلال (بصرياتي مظهر)
- صابن جي بلبلن ۾ چمڪندڙ رنگ
- سن ڊاگ
- ڪوهيڙي جو قوس
- چنڊ جو قوس
- انڊلٺ سنڌي وڪشنري
نوٽس
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Tony Buick (2010). The Rainbow Sky: An Exploration of Colors in the Solar System and Beyond. Springer Science & Business Media. p. 200. ISBN 9781441910530. https://books.google.com/books?id=TKja1yLMLyQC&pg=PA200. Retrieved 28 May 2023.
- ↑ Tony Buick (2010). The Rainbow Sky: An Exploration of Colors in the Solar System and Beyond. Springer Science & Business Media. p. 200. ISBN 9781441910530. https://books.google.com/books?id=TKja1yLMLyQC&pg=PA200. Retrieved 28 May 2023.
- ↑ Tony Buick (2010). The Rainbow Sky: An Exploration of Colors in the Solar System and Beyond. Springer Science & Business Media. p. 200. ISBN 9781441910530. https://books.google.com/books?id=TKja1yLMLyQC&pg=PA200. Retrieved 28 May 2023.
- ↑ انڊلٺ : (Sindhianaسنڌيانا), archived from the original on 2016-04-11, retrieved 2016-06-13
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (help) - ↑ "Rainbow Rising". www.eso.org. European Southern Observatory. Retrieved 15 December 2014.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪي قول ۾ انڊلٺ جي متعلق قول موجود آھي۔ |
| وڪيميڊيا ڪامنز ۾ انڊلٺ سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- The Mathematics of Rainbows آرڪائيو ڪيا ويا 2025-07-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., article from the American mathematical society
- Interactive simulation of light refraction in a drop (java applet)
- Rainbow seen through infrared filter and through ultraviolet filter
- Atmospheric Optics website by Les Cowley – Description of multiple types of bows, including: "bows that cross, red bows, twinned bows, coloured fringes, dark bands, spokes", etc.
- Merrifield, Michael. "Rainbows". Sixty Symbols. Brady Haran for the University of Nottingham.
- Creating Circular and Double Rainbows! – video explanation of basics, shown artificial rainbow at night, second rainbow and circular one.