آرائين (ذات)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


آرائين (انگريزي ٻولي: Aaraeen or Arain)آرائين بنيادي طور ھڪ 'ڪرت' يا 'پيشو' آھي. سنڌوماٿريءَ ۾ اڪثر 'ڪرتون' يا 'پيشا' ڪٽنبن ۾ ھلندا ھئا، ان ڪري اڳتي ھلي 'ذاتيون' ٿي ويا.ڪ ذات جو نالو آهي. پنجاب ۾ ”آرائين“ ذات جا تمام گھڻا ماڻھو آباد آھن. سنڌ ۾ به آرائين وڏي انگَ ۾ رهن ٿا[1][2]، جيڪي گھڻو ڪري درگاھ اچ شريف جا مريد آھن. آرائين عام طرح باغن ھڻڻ يا بَڪر ڀاڄي ۽ گلن پوکڻ جو ڪم ڪن. مشهور صوفي شاعر بلا شاهه (Bulla Shah)، شاهه عنايت آرائينءَ جو مريد هو.[3]

مها ڀارت (Mahabharata) جي مطابق آرائين قبيلي جو لاڳاپو اُر (اوڀر پنجاب) ڪورو شيترا (Kurukshetra) جنگ ۾، ڪوروئن (Kauravas) جو ساٿ ڏنو هو، جن کي پانڊوئن (Pandavas) شڪست ڏني هئي. هن قبيلي جي فردن جي اکين جو ناسي ۽ سائو رنگ ٻڌائي ٿو ته اهي سامي (عرب) يا درواڙ نسل مان نه پر آريا (Arian) نسل مان آهن. انگ اکرن مطابق انڊيا ۾ هن وقت 21 هزار سکَ آرائين (Sikh Arain) ۽ ٻه لک 87 هزار هندو آرائين (Hindu Arain) موجود آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي عرب نسل مان نه آهن، ڇو جو قبيلي جي هڪ دفعو مسلمان ٿيڻ کان پوءِ وري هندو ٿيڻ جي روايت موجود ڪونهي. مسلمان آرائين هڪ ڪروڙ ست لکَ آهن، جيڪي پنجاب، سنڌ، بلوچستان (ڊهارڙ) ۾ آباد آهن.[4][5][6] [1]

آرائين اصل ۾ سنڌو تھذيب جو تمام پراڻو قبيلو آھي, جنھن لاء شيخ اياز چيو هو ته،


’عشق اسان وٽ آرائين جيئن آيو جھول ڀري، ڪو ڪيئن ڪري‘.- (شيخ اياز)

[7]

سنڌي ٻوليءَ ۾ آرائين جي معنا[سنواريو]

سنڌي ٻوليءَ ۾ آرائين مان مراد مالهيءَ جي طور تي پڻ ورتي ويندي آهي. اڳي بهار جي منڌ يا بست رُت ۾ آرائين (مالهي) گل کڻي در در تي وڃي ماڻهن کي ڏيندا هئا. اها سنڌ ۾ بهار جي منڌ اچڻ جي رسم ۽ نياپو هوندو هو. [8] جڏھن ته

حوالا[سنواريو]