آتش فشان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٻرندڙ جبل، جنهن جي اندران باهه جا اُلا ۽ وگهريل مادو (لاوا- Lava) زور سان ٻاهر اُڀامي ۽ آسپاس جي جهنگن ۽ آباديءَ کي ڀسم ڪري ڇڏي. آتش فشان کي انگريزي ۾ Volcano چوندا آهن. پر اهو لاطيني لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ باهه جو ديوتا آهي. جيئن ته زمين جي اندر گرم ۽ پٽڙو مادو موجود هوندو آهي، جيڪو وقت بوقت زمين مان ڦاٽي نڪرندو آهي، پر جڏهن ان گرم مادي تائين پاڻي پهچندو آهي ته اهو ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ٻاڦ ئي اها قوت آهي، جيڪا ٻين مادن ۽ گئس کي ٻاهر ڌڪيندي آهي، تنهنڪري جتان به کيس ٻاهر نڪرڻ لاءِ جاءِ ملندي آهي ته ڌماڪا ڪري پاڻ سان گڏ زمين اندر زهريلين گئسن، پٿرن، وگهريل لوهه ۽ گندرف به گڏ ڪڍندي آهي. اهڙي عمل کان پوءِ اهو ٿڌو ٿي ڄمي ويندو آهي ۽ سالن جي وقفي کانپوءِ وري اهڙو عمل ٿيڻ ڪري جبل ٺهي پوندو آهي، جنهن جي مٿان هڪ چوٽي ٺهي ويندي آهي، جنهن کي انگريزي ۾ Carter چون ٿا. ان ئي ڍير يا جبل کي آتش فشان چئبو آهي. دنيا ۾ ڪجهه اهڙا به جبل ملن ٿا، جيڪي هزارين سال اڳ ٻرندڙ جبل هئا، انهن کي هاڻي مئل آتش فشان (Extinct) چيو وڃي ٿو. جاپان جو فيوجي جبل به ڪنهن زماني ۾ڦاٽندو هو. ڪجهه جبل ماٺيڻا هوندا آهن، جيڪي اندر ئي اندر اٻڙڪا کائيندا آهن، پر ٻاهر لاوا نه ڪڍندا آهن، تن کي ماٺيڻا يا Dromant چئبو آهي. پر اهڙن جبلن کي سمجهڻ ڏکيو هوندو آهي. ڇو ته اٽليءَ جي شهر نيپلز ڀرسان موجود وسو ويو Visvvio جبل کي مئل جبل قرار ڏنو ويو هو، پر اوچتو 1979ع ۾ ڦاٽي پيو ۽ سندس لاون سان پومپيا ۽ هرڪيونيم شهر به تباهه ٿي ويا. هن وقت دنيا ۾ 1500 کن جيئرا ٻرندڙ جبل موجود آهن، جن جو گهڻو انگ انڊونيشيا ۾ آهي، جتي ٻه سئو کن آتش فشان آهن. ان کان سواءِ اٽلي، چلي، جاپان ۽ اتر پورپ ۾ به ٻرندڙ جبل موجود آهن.[1]