سرءُ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سرء کان چوريل)

سرء (انگريزي: Autumn) خزان - سرءُ- خريف وڻن جي پنن ڇڻڻ واري مند جنهن کي پن ڇڻ به چئبو آهي.[1][2] سال جي مُندن مان هڪ مُند جو نالو آهي. اردو ۾ ان کي خزاں ۽ پتجھڑ ۽ انگريزي ۾ فال(انگريزي: Fall ) پڻ سڏين ٿا ڇوتہ ان موسم ۾ وڻن جا پن ڇڻندا رھندا آھن. ڌرتيءَ جي اترئين اڌ گول واري حصي ۾ ھي موسم سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر وارن مھينن اندر ھوندي آھي ۽ ڊسمبر ۾ سيارو شروع ٿي ويندو آهي ۽ ڏاکڻي اڌ گول ۾ وري مارچ، اپريل ۽ مئي مھينن دوران ٿيندي آهي ۽ جون ۾ سيارو شروع ٿي ويندو آهي. ھن مند ۾ آسمان عام طرح صاف ھوندو آھي ۽ ڏسڻ جوڳائي تمام چٽي ھوندي آھي[3]. سنڌ ۾ سراسري گرمي پد 70 کان 80 ڊگريون فارنھائيٽ وچ ۾ رھندو آھي ۽ روزاني نسبتي گھم 47 کان 50 سيڪڙو تائين ھوندي آھي ۽ ڪل برسات 0.10 انچ پوي ٿي ۽ سال جو خشڪ ترين مھينو نومبر ھوندو آھي[3].

سرءُ

اتر آمريڪا ۾ سرء جي شروعات 21 سيپٽمبر کان 24 سيپٽمبر تائين ٿي ويندي آهي[4] ۽ 21 کان 22 ڊسمبر تائين جاري رهندي آھي جنھن بعد سيارو شروع ٿيندو آهي[5] ڏينھن ۽ رات جو گرمي پد گھٽجڻ سبب وڻن جي پنن جو رنگ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اھي ڇڻڻ لڳندا آهن[6] اوڀر ايشيا ۾ سرء 8 آگسٽ کان شروع ٿي 7 نومبر تي ختم ٿيندو آهي. آئرلينڊ جي ريپبلڪ ۾ سرء جا مھينا سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر آھن[7][8][9]

سرءُ جي موسم ۾ هڪ باغ جو ڏيک

عام طور تي ھن موسم کي لاباري جي موسم پڻ سڏيو ويندو آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Autumn | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2021-07-09. 
  2. "Autumn word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2021-07-09. 
  3. 3.0 3.1 [ سنڌ گزيٽيئر جلد پھريون، مصنف: ايڇ ٽي سورلي، 1996 ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 20 ]
  4. Kanalley, Craig (22 September 2010). "First Day Of Fall 2010: Autumn Equinox Photos". HuffPost. http://www.huffingtonpost.com/2010/09/22/first-day-of-fall-2010-au_n_734692.html. 
  5. "The First Day of Winter: Winter Solstice 2018". Old Farmer's Almanac. 
  6. Arnold, Kathy. "Travel". Fall in North America: autumn colour in New England and beyond. حاصل ڪيل 15 October 2015. 
  7. "The Weather of Autumn 2007 (September, October & November summary)" (PDF). Met Éireann - The Irish Meteorological Service Online. وقت 30 December 2010 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 October 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. O'Connell, Hugh. "Summer, it's literally not what it used to be". The Daily Edge. 
  9. "Autumn in Ireland - Everest Language School".