آئرش ماڻهو
| ڪل آبادي | ||||||||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| دنيا ۾ لڳ ڀڳ 7 کان 8 ڪروڙ ماڻھو[1]
| ||||||||||||||||||||||||
| نمايان آبادي وارا علائقا | ||||||||||||||||||||||||
| اتر آئرلينڊ 1,810,863 (2011)[3] | ||||||||||||||||||||||||
| ||||||||||||||||||||||||
| ٻوليون | ||||||||||||||||||||||||
| مذھبَ | ||||||||||||||||||||||||
|
گھڻي ڀاڱي عيسائيت (رومن ڪيٿولڪ) پروٽسٽينٽ ۽ عيسائيت جا ٻيا فرقا) | ||||||||||||||||||||||||
| لاڳاپيل نسلي گروھ | ||||||||||||||||||||||||
|
آئرش سيلاني، اينگلو آئرش، گيئل، بريٽن، ڪورنش، انگريز، آئس لينڊر[12] مينيخ، نورس، اسڪاٽ، السٿر اسڪاٽ، ويلش |
آئرش ماڻھو (انگريزي: Irish People ) ھڪ نسلي گروھه ۽ قوم جو نالو آهي جنھن جو تعلق آئرلينڊ جي ٻيٽ سان آھي جيڪي ساڳين ابن ڏاڏن، شناخت ۽ ثقافت سان تعلق رکندڙ آھن. آئرلينڊ 12, 500 سال اڳ آباد ٿيڻ شروع ٿيو ھو. آئرش اصل ۾ گيئل نسل سان تعلق رکندا ھئا. نائين صدي عيسويءَ ۾ اتي اسڪينڊينيويا جي نورس ماڻھن جي ننڍي تعداد اچي آباد ٿي، جنهن کي وائي ڪنگ (Vikings) سڏيو ويندو هو. اھي گيئل ماڻھن سان ملي ويا ۽ آبادي نورس-گيئل ٿي وئي. اينگلو نارمن ماڻهو آئرلينڊ جي ڪجهه حصن کي ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ فتح ڪيو ۽ ان کانپوء 16هين ۽ 17هين صدي عيسويءَ ۾ انگلينڊ جي ڪنگڊم آئرلينڊ کي فتح ڪيو، جن کان پوء ھتي انگريزن ۽ اسڪاٽ ماڻھن جي آمد وڌي خاص طور تي اترئين پاسي انھن جو اضافو ٿيو. اڄ اھو اتريون علائقو اتر آئرلينڊ يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۾ شامل آهي ۽ باقي آئرلينڊ جو ڏاکڻو وڏو حصو آئرلينڊ جي ريپبلڪ جي نالي سان ھڪ آزاد رياست آھي.
آئرش ماڻھو پنھنجي الڳ ثقافت؛ ريتون ۽ رسمون، معاشرت، ٻولي، موسيقي، ثقافتي رقص، کاڌا، رانديون ۽ لباس رکن ٿا. انھن جي مادري ٻولي گهڻو ڪري انگريزي ٿي چڪي آهي، پر آئرش ٻولي به بطور مادري ٻولي ڳالھائي وڄي ٿي ۽ اها آئرلينڊ جمهوريا جي پھرين سرڪاري ٻولي آھي. ھتان جا ماڻھو پھرين بت پرست مقامي مذھبن سان تعلق رکندڙ ھئا، پوء چوٿين کان اٺين صدي عيسويءَ جي وچ ھتي جا ماڻھو عيسائيت ۾ داخل ٿي ويا. ھنن ماڻھن کي عيسائي درويشن ۽ عالمن جي قوم پڻ سڏيو ويندو هو. اڪثريت رومن ڪيٿولڪ چرچ سان تعلق رکي ٿي، پر اتر آئرلينڊ ۾ چرچ آف انگلينڊ (پروٽسٽنٽ) سان تعلق رکندڙ اڪثريت ۾ آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ ceu@scotland.gsi.gov.uk, Scottish Government, St. Andrew's House, Regent Road, Edinburgh EH1 3DG Tel:0131 556 8400 (29 May 2009). "The Scottish Diaspora and Diaspora Strategy: Insights and Lessons from Ireland". www.scotland.gov.uk.
{{cite web}}: CS1 maint: multiple names: authors list (link) CS1 maint: numeric names: authors list (link) - ↑ Ethnic Irish at Ethnologue (22nd ed., 2020)
- ↑ Demography of Northern Ireland
- ↑ American FactFinder, United States Census Bureau. "U.S. Census Bureau, 2007". Factfinder.census.gov. Archived from the original on 10 April 2010. Retrieved 2010-05-30.
- ↑ Maybin, Simon (2 September 2016). "How many Britons are entitled to an Irish passport?" – via www.bbc.co.uk.
- ↑ "Department of Foreign Affairs - Emigrant Grants". 28 July 2013. Archived from the original on 28 July 2013.
{{cite web}}: CS1 maint: bot: original URL status unknown (link) - ↑ "Ethnic Origin (264), Single and Multiple Ethnic Origin Responses (3), Generation Status (4), Age Groups (10) and Sex (3) for the Population in Private Households of Canada, Provinces, Territories, Census Metropolitan Areas and Census Agglomerations, 2011 National Household Survey". Statistics Canada. 2011.
- ↑ "The Irish in New Zealand: Historical Contexts and Perspectives - Brian Easton". www.eastonbh.ac.nz.
- ↑ "Flying the Irish flag in Argentina". Western People. 14 March 2008. Archived from the original on 14 October 2007. Retrieved 4 July 2008.
- ↑ O'Higgins Tours. "Los irlandeses en Chile". Retrieved 10 January 2010.
- ↑ "Présentation de l'Irlande". France Diplomatie : : Ministère de l'Europe et des Affaires étrangères.
- ↑ Helgason, Agnar (2000). "Estimating Scandinavian and Gaelic ancestry in the male settlers of Iceland". The American Journal of Human Genetics 67 (3): 697–717. doi:. PMID 10931763.
