مڌيا پرديش
مڌيا پرديش | |||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
رياست | |||||||||
مٿان کان ھيٺ ، کاٻي کان ساڄي طرف:يادگارن جو کجراھو گروپ, سانچي وارو عظيم اسٽوپا, مانڊو وارو قديم شھر, ڪانھا نيشنل پارڪ ۾ ھڪ ھرڻ، ماربل جون ٽڪريون، ڀيمڀيٽڪا پھاڙي پناھگاھون ۽ ڪنڊالپور جين مندر | |||||||||
ڀانڃ: مڌيا ( معنيَ: ' وچيون') ۽ پرديش (معني: 'صوبو يا خطو') | |||||||||
مڌيا پرديش انڊيا جي نقشي ۾ ڏيکاريل | |||||||||
جاگرافي بيهڪ: 23°15′00″N 77°25′01″E / 23.25°N 77.417°E | |||||||||
ملڪ | ڀارت | ||||||||
خطو | مالوا , بنديل کنڊ , باغيل کنڊ, نمار , مھاڪوشال ۽ گرد ( گرد واري خطي ۾ چمبل پڻ شامل آهي ) | ||||||||
قيام | 1 نومبر 1956 | ||||||||
گاديءَ جو هنڌ | ڀوپال | ||||||||
وڏي ۾ وڏو شھر | اندور | ||||||||
مڌيا پرديش ۾ ڪل ضلعا | 52 | ||||||||
حڪومت | |||||||||
• مجلس | مڌيا پرديش جي حڪومت | ||||||||
• گورنر | آنندبين پٽيل | ||||||||
• وزيراعلي | ڪمل ناٿ (آء اين سي) | ||||||||
• ليجسليچر | ھڪ ايواني (230 سيٽون) | ||||||||
• ھاء ڪورٽ | مڌيا پرديش ھاء ڪورٽ | ||||||||
پکيڙ | |||||||||
• رياست | 308,252 ڪ.م2 (119,017 ميل2) | ||||||||
پکيڙ ۾ درجو | پکيڙ مطابق انڊيا جي رياستن ۾ ٻيون نمبر | ||||||||
آبادي (2011)[1] | |||||||||
• رياست | 72,626,809 | ||||||||
Symbols | |||||||||
ٻولي | ھندي | ||||||||
گانو | مڌيا پرديش گان | ||||||||
ناچ | مانچ | ||||||||
جانور | ٻارھن سڱو | ||||||||
پکي | انڊين پيراڊائيز فلاء ڪيچر | ||||||||
مڇي | مھسير [2] | ||||||||
گل | اڇو للي | ||||||||
ميوو | انب | ||||||||
وڻ | بڙ جو وڻ |
مڌيا پردیش (انگريزي: Madhya Pradesh (MP)) جنھن جو پراڻو نالو "سينٽرل پراونس" يا "سي پي" ھيو؛ وچ انڊياجي ھڪ رياست جو نالو آهي جنھن جي گادي جو هنڌ ڀوپال شھر آھي ۽ وڏي ۾ وڏو شھر اندور آهي ۽ ٻيا وڏا شھر جبلپور، گواليار، اجئين ۽ ساگر آھن. ھن رياست کي ان جي مقام جي ڪري انڊيا جي دل پڻ چوندا آهن. پکيڙ ۾ ھي انڊيا جي ٻين ۽ آبادي ۾ پنجين وڏي رياست آھي جنھن ۾ ساڍا ست ڪروڙ ماڻهو رھن ٿا.
جاگرافي
[سنواريو]ھن رياستجي اتر اوڀر ۾ اتر پرديش، ڏکڻ اوڀر ۾ ڇتيس ڳڙھ، ڏکڻ ۾ مھاراشٽر، اولھ ۾ گجرات، اتر اولھ ۾ راجھستان آھي. ھن رياست جي ڪل پکيڙ 308,252 km2 آھي. سن 2000 عيسويءَ کان اڳ جڏهن ڇتيس ڳڙھ مڌيا پرديش جو حصو ھيو تہ ھي رياست ملڪ جي سڀ کان وڏي رياست ھئي. ھن رياست جي اوڀر کان اولھ طرف نرمدا درياء وھي ٿو. ھن رياست جو بلند ترين مقام ڌوپ ڳڙھ آھي جيڪو سامونڊي سطح کان 4429 فٽ بلند آھي.[7]
-
نرمدا ندي
-
سون ندي، اميريا ضلعو، مڌيا پرديش
-
اجئين لڳ شپرا ندي تي شري رام گھاٽ
مڌيا پرديش جي سڀ کان وڏي ندي نرمدا آهي ان جي شاخن ۾ بنجر، تاوا ندي، مچنا, شاڪار ندي، دينوا ۽ سون ڀادرا نديون شامل آهن. ھي ندي علائقي م مقدس سمجھي ويندي آهي۽ ان جي پوڄا پڻ ڪئي ويندي آهي
تاريخ
[سنواريو]-
ڀيمڀيٽڪا ۾ پٿرن تي مصوري ، عالمي ورثو قرار ڏنل
-
ڪنداريا مھاديو، کجراھو
-
باٽيشور مندر جو ڪامپليڪس پداولي، مورينا
-
شاستريا باھو مندر، گواليار قلعو
-
تيلي وارو مندر، گواليار قلعو
-
ڀوڄپور ۾ شو جو مندر
-
اورڇا ۾ لڪشمي وارو مندر
-
امرڪانٽڪ ۾ قديم مندر
-
گواليار قلعو ، گواليار شھر لڳ
ڇھين صدي ق م ۾ اجئين ھن علائقي جي ھڪ وڏي مرڪز طور اڀريو ھيو ء اھو ايوانتي بادشاھت جو گاديءَ جو هنڌ ھيو. ٻين بادشاھتن جھڙوڪ:, دسارنا، مالوا، ڪاروشا ۽ نشاد جو ذڪر پراڻن رزميہ قصن ۾ مليو آهي جيڪي پڻ ھن موجوده رياست جو حصو آهن. 320 ق م ۾ ھي علائقو چندر گپت موريا جي ايمپائر جو حصو ٿي ويو. ھي علائقو اشوڪ موريا جي ايمپائر جو پڻ حصو رھيو. موجوده رياست جي علائقي ۾ قديم مھاجنپدا وارو خطو پڻ شامل آهي. ارڙھين صدي جي شروعات ۾ ھي علائقو ڪيترين ئي ننڍہن بادشاھتن ۾ ورھايل ھيو جن تي پوء برٽش ايمپائر قبضو ڪيو. انگريزن انھن سڀني کي ملائي سينٽرل پراونسز اينڊ بيرار ۽ سينٽرل انڊين ايجنسي قائم ڪيا. انڊيا جي آزادي بعد مڌيا پرديش رياست قائم ڪري ناگپور ۾ ان جي گادي جو هنڌ رکيو ويو. ان نئين رياست ۾ موجوده رياست جو ڏاکڻو حصو ۽ موجودہ مھاراشٽر جو اتر اوڀر وارو حصو شامل ھيا. 1956 ۾ اسٽيٽس ري آرگنائيزيشن ايڪٽ تحت ھن رياست جي ان وقت جي حصن کي مڌيا ڀارت ، ونڌيا پرديش ۽ ڀوپال رياست سان ملائي نئين مڌيا پرديش رياست قائم ڪئي وئي. ان م مراٺي يا مرھٽي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻھن جو ودارڀا علائقو ھن رياست کان ڌار ڪري بمبئي رياست م شامل ڪيو ويو. 2000 ۾ ھن رياست جي ھڪ حصي کي ڌار ڪري ڇتيس ڳڙھ رياست قائم ڪئي وئي.
معيشت
[سنواريو]انڊيا جي معيشت ۾ ھن رياست جي معيشت جو ڏھون نمبر آھي، 8.9 لک پائونڊ ۽ ان جي گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ يا جي ڊي پي في ڪس 90,000 ({{INRConvert/اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "[".|90|3||USD|year={{{year}}}}}) آھي. انساني ترقي جي اشاريي مطابق انديا جي رياستن م ھن رياست جو مقام ڇويھون آهي.ھن رياست ۾ انڊيا جا سڀ کان وڌيڪ ھيرا ۽ ٽامو نڪرن ٿا. ھن رياست جي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ زمين ٻيلن تي مشتمل آهي. ھتان جي سياحتي صنعت ۾ بہ ڪافي واڌارو آيو آهي.
انتظامي ورھاست
[سنواريو]مڌيا پرديش جي ورھاست ڏھ ڊويزنن ۾ ٿيل آهي جن ۾ 52 ضلعا واقع آھن.[8]
شمار | [[مڌيا پرديش جا ضلعا | ضلعو]] | Pop. | ||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
[[اندور]] [[ڀوپال]] |
1 | [[اندور]] | [[اندور ضلعو]] | 2,167,447 | [[جبالپور]] | ||||
2 | [[ڀوپال]] | [[ڀوپال ضلعو]] | 1,883,381 | ||||||
3 | [[جبالپور]] | [[جبالپور ضلعو]] | 1,267,564 | ||||||
4 | [[گواليار]] | [[گواليار ضلعو]] | 1,101,981 | ||||||
5 | [[اجئين]] | [[اجئين ضلعو]] | 593,368 | ||||||
6 | [[ساگر]] | [[ساگر ضلعو]] | 370,296 | ||||||
7 | [[ديواس]] | [[ديواس ضلعو]] | 289,438 | ||||||
8 | [[ساتنا]] | [[ساتنا ضلعو]] | 283,004 | ||||||
9 | [[رتلام]] | [[رتلام ضلعو]] | 273,892 | ||||||
10 | [[ريوا]] | [[ريوا]] | 235,422 |
شمار | نالو | ضلعو | قسم* | آبادي 2011 | مرد | عورتون | آبادي
|
تعليمي شرح |
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
1 | اندور | اندور ضلعو | شھر | 2,167,447 | 1,129,348 | 1,038,099 | 254,108 | 86.73 |
2 | ڀوپال | ڀوپال ضلعو | شھر | 1,883,381 | 985,408 | 897,973 | 217,415 | 85.29 |
3 | جبالپور | جبالپور ضلعو | شھر | 1,267,564 | 663,096 | 604,468 | 128,679 | 89.13 |
4 | گواليار | گواليار ضلعو | UA | 1,101,981 | 588,752 | 513,229 | 120,347 | 85.10 |
5 | اجئين | اجئين ضلعو | شھر | 515,215 | 265,291 | 249,924 | 57,630 | 85.55 |
6 | ساگر | ساگر ضلعو | UA | 370,296 | 194,659 | 175,637 | 43,835 | 89.98 |
7 | ديواس | ديواس ضلعو | شھر | 289,438 | 150,193 | 139,245 | 34,435 | 85.83 |
8 | ساتنا | ساتنا ضلعو | شھر | 283,004 | 149,460 | 133,544 | 34,435 | 86.33 |
9 | رتلام | رتلام ضلعو | UA | 273,892 | 139,766 | 134,126 | 29,397 | 87.89 |
10 | ريوا | ريوا ضلعو | شھر | 235,422 | 124,634 | 110,788 | 24,234 | 87.74 |
11 | مروارا(ڪاٽني) | ڪاٽني ضلعو | شھر | 221,875 | 115,463 | 106,412 | 25,168 | 87.42 |
12 | سنگرائولي | سنگرائولي ضلعو | شھر | 220,295 | 117,276 | 103,019 | 29,569 | 77.35 |
13 | برھانپور | برھانپور ضلعو | شھر | 210,891 | 108,234 | 102,657 | 28,107 | 81.70 |
14 | کانڊوا | کانڊوا ضلعو | شھر | 200,681 | 102,873 | 97,802 | 24,079 | 86.98 |
15 | ڀنڊ | ڀنڊ ضلعو | شھر | 197,332 | 105,394 | 91,938 | 24,486 | 84.20 |
16 | ڇندوارا | ڇندوارا ضلعو | UA | 190,008 | 97,040 | 92,968 | 19,227 | 89.25 |
17 | گونا | گونا ضلعو | شھر | 180,978 | 94,645 | 86,333 | 23,757 | 81.71 |
18 | شوپوري | شوپوري ضلعو | شھر | 179,972 | 95,227 | 84,745 | 22,683 | 79.24 |
19 | ڇترپور | ڇترپور ضلعو | UA | 147,688 | 78,070 | 69,618 | 18,312 | 78.46 |
21 | داموھ | داموھ ضلعو | UA | 147,515 | 76,951 | 70,564 | 17,519 | 86.94 |
22 | مانڊسئور | مانڊسئور ضلعو | شھر | 141,468 | 72,370 | 69,098 | 15,721 | 86.79 |
23 | کارگوني | کارگوني ضلعو | UA | 133,361 | 68,672 | 64,689 | 16,662 | 83.01 |
24 | نيموچ | نيموچ ضلعو | UA | 128,575 | 67,566 | 61,009 | 15,008 | 85.88 |
25 | پٿامپور | ڌار ضلعو | شھر | 126,09 | 70,577 | 55,522 | 20,438 | 82.73 |
26 | ھوشنگ آباد | ھوشنگ آباد ضلعو | شھر | 117,956 | 61,610 | 56,346 | 13,012 | 87.97 |
27 | اتارسي | ھوشنگ آباد ضلعو | UA | 114,430 | 59,382 | 55,058 | 11,832 | 90.30 |
28 | سيھور | سيھور ضلعو | UA | 109,025 | 56,397 | 52,628 | 12,869 | 85.48 |
29 | بيتل | بيتل ضلعو | شھر | 103,341 | 52,902 | 50,439 | 11,005 | 90.27 |
30 | سيئوني | سيئوني ضلعو | شھر | 102,377 | 52,354 | 50,023 | 10,413 | 91.16 |
31 | داتيا | داتيا ضلعو | شھر | 100,466 | 52,931 | 47,535 | 12,218 | 80.54 |
32 | ناگدا | اجئين ضلعو | شھر | 100,036 | 51,410 | 48,626 | 11,053 | 81.61 |
تصوير خانو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 "2011 Census of India" (PDF). Censusindia.gov.in. وقت 17 October 2011 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 14 September 2012.
- ↑ "MP declares endangered 'Mahasheer' breed as state fish". Deccan Herald. وقت 6 August 2016 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 April 2016.
- ↑ "MOSPI Gross State Domestic Product". Ministry of Statistics and Programme Implementation, Government of India. حاصل ڪيل 9 June 2019.
- ↑ "Sub-national HDI – Area Database". Global Data Lab. Institute for Management Research, Radboud University. وقت 23 September 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 September 2018.
- ↑ List of Indian states by sex ratio
- ↑ "Report of the Commissioner for linguistic minorities: 47th report (July 2008 to June 2010)" (PDF). Commissioner for Linguistic Minorities, Ministry of Minority Affairs, Government of India. صفحا. 122–126. وقت 13 May 2012 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 February 2012.
- ↑ Madhya Pradesh for sight-seeing and shikar. Directorate of Information and Publicity, Madhya Pradesh. 1964. OCLC 8112689.
- ↑ "MPOnline: Contact Government". Mponline.gov.in. وقت 2 August 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 August 2018.
- ↑ "Urban Agglomerations/Cities having population 1 lakh and above" (PDF). Provisional Population Totals, Census of India 2011. وقت 13 November 2011 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 13 February 2016.