سڪندر سرواڻ سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سڪندر سرواڻ سومرو

سڪندر سرواڻ سومرو (انگريزي: Sikandar Sarwan Soomro) سنڌي ٻولي جو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ صحافي آھي جنھن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

سرواڻ سومرو جو پورو نالو سڪندر علي ولد ڪوڙو خان سومرو آهي. هيءُ 22 جون 1957ع تي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ قديم ڳوٺ هيرو خان ۾ پيدا ٿيو.[1][2]

تعليم[سنواريو]

سڪندر سرواڻ پريمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پرائي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان پاس ڪيائين.سرواڻ سومري ڪامرس ۾ ڊپلوما گورنمينٽ ڪمرشل انسٽيٽيوٽ دادو مان 1980ع ۾ پاس ڪئي. سرواڻ 1983ع ۾ بي اي اڪنامڪس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين. هن ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان 1988ع ۾ پاس ڪئي.[1]

ادبي خدمتون[سنواريو]

سڪندر سرواڻ سومرو جي ادبي نالي سان ادبي ميدان ۾ 1976ع ۾ قدم رکيو. شروع ۾ هن جو مواد روزانه آفتاب حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي گل ڦل ۽ اخبارن ۾ ڇپيو. 1989ع ۾ هن پنهنجي ادارت هيٺ مرڪ نالي هڪ ادبي رسالو ڪڍيو، جيڪو 1996ع تائين جاري رهيو. سرواڻ 1992ع کان 1994ع تائين اردو رسالي ’ٽوٽ بٽوٽ‘ جي سنڌي واري ڀاڱي جو جو انچارج رهيو. هن جا روزاني پڪار، سنڌ سجاڳ، روزانه هلال پاڪستان ۾ هفتيوار ڪالم پڻ ڇپيا آهن. موجوده وقت ۾ سندس ڪالم روزاني ڪوشش، عبرت ۽ جيجل اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. 1982ع کان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ڪمپيئرنگ به ڪندو رهيو آهي.[1]

ڪتاب[سنواريو]

سندس شاعري جو ڪتاب سرها گل ساڻيھ جا ڳڻپ جوڳو آهي جيڪو 1992ع ۾ شايع ٿيو.

ڊرما نگاري[سنواريو]

سڪندر سرواڻ جا ڪيترائي ڊراما نجي چئنل ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تان ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 "سڪندر سرواڻ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-18. 
  2. "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2019-12-18.