ابن سينا
ابن سينا (Ibn Sīnā يا Avicenna) | |
---|---|
چاندي جي گلدان ۾ بو علي سينا جي چٽيل تصوير | |
پيدائش | 22 آگسٽ 980[1] افشنه، بخارا, سامانیان شهنشاهت (هاڻي ازبڪستان جو حصو) |
وفات | 21 جون 1037 (عم 56 سال)[1] همدان, ڪاڪويه رياست (هاڻي ايران جو حصو) |
رھائش | |
ٻيا نالا |
|
تعليمي پسمنظر | |
متاثر ڪندڙ | |
علمي خدمتون | |
مُکيه دلچسپي | |
مُکيه ڪم | |
متاثر ماڻهو |
ابن سينا (انگريزي ٻولي: Avicenna يا Ibn Sīnā، جنم: 980، وفات: 1037) جو اصل نالو ابوعلي حسين بن عبدالله ابن سينا هو، کيس بُوعلي سينا به چوندا هئا. تمام وڏو طبيب، فلسفي، سائنسدان ۽ رياضيءَ جو ماهر ٿي گذريو آهي. پاڻ وچ ايشيا بخارا جي هڪ ڳوٺ ’افشنه‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس ڄم جي تاريخ بابت اختلاف آهن. هڪ اندازي موجب آگسٽ يا سيپٽمبر 980ع ۾ ڄائو ۽ 21 جون 1037ع ۾ همدان (ايران) ۾ وفات ڪيائين. هڪ ٻئي اندازي موجب ابن سينا، منصور اول بن نوح اول جي عهد (961_ 976ع) ۾ ڄائو. ارڙهن سالن جي عمر تائين قرآن، شاعري، فلسفي، منطق ۽ طب جهڙن علمن ۾ مهارت حاصل ڪيائين.[5]
تفصيلي احوال زندگي
[سنواريو]شروع کان ئي سندس ڌيان علم جي حصول ڏانهن رهيو. ابتدا ۾ ارسطوءَ جي ڪتاب ’مابعد الطبيعات‘ کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪيائين، پر فارابيءَ کي پڙهڻ کان بعد الطبيعات سمجهڻ لڳو، پوءِ طب ۾ ڪمال حاصل ڪيائين ۽ طبيب جي حيثيت سان دنيا ۾ سندس مشهوري ٿي. ساساني حڪومت جي خاتمي کان پوءِ بخارا ڇڏي سن 1001ع ڌاري ’خوارزم‘ هليو ويو. جتي هن جي وقت جي مشهور عالمن سان ملاقات ٿي، انهن جي صحبت ۾ رهي ٻين به ڪيترن علمن ۾ مهارت حاصل ڪيائين. هن البيرونيءَ سان به علمي بحث ڪيا. 1009ع ۾ عراق آيو، جتان پوءِ سلطان محمود غزنويءَ کيس غزنيءَ ۾ سڏائي ورتو. غالباً هن غزنيءَ وڃڻ کان انهيءَ ڪري انڪار ڪيو، جو پاڻ باطني يعني اسماعيلي عقيدي جو هو. محمود غزنوي باطنين کي پسند نه ڪندو هو، انهيءَ ڪري بعد ۾ هي ’جرجان‘ هليو ويو، 1022ع ۾ اصفهان ۾ آيو، ۽ اتي 14 سال رهيو. آخري ڏينهن ۾ همدان آيو ۽ وفات به اتي ڪيائين.[6]
شخصيت ۽ خدمتون
[سنواريو]فارس جو فلاسافر ۽ طبيب ھيون ھن تعليم والد جي گھر ۾ مشھور استادن کان حاصل ڪئي ۽ 58 سالن جي عمر تائين ھن ھڪ طبيب ء سائنسدان جي حيثيت ۾ پنھنجون خدمتون پيش ڪيون. ھن جا ڪتاب ڏاڍا مشھور ٿيا ۽ يونيورسٽين ۾ 17 صدي عيسويءَ تائين پڙھايا ويا. ھن جو فلسفو ارسطوءَ جي تعليم جي بنياد تي ھيو. ھن کي يوناني ٻولي نہ ايندي هئي ارسطو جي ڪتابن جي انھن جي عربي فارسي جي ترجمن ذريعي ڪيو.ھن جا اھم ڪتاب: طب جا اصول' (انگريزي: Canon of Medicine) ۽ ڪتاب شفا(انگريزي: Book of Healing) جيڪو دراصل ارسطو جي ڪتابن جو ساڳيو متن(انگريزي: paraphrase)ھيو[7].[8][9]
خدا ۽ روح بابت خيال
[سنواريو]خدا بابت ابن سينا جا خيال ساڳيا ارسطوءَ وارا ھئا. ھن جو خيال ھيو تہ خدا وقت جي شروعات اڳ موجود ھيو تنھن ڪري زمان جو ان تي ڪو اثر ڪانہ ھيو. وقت جو آغاز فقط دنيا جي تخليق سان ٿيو. خدا ڪنھن ھڪ واقعي م دلچسپي نہ ٿو رکي پر ھر شئي کي ھلائي پيو. ابن سينا جو خيال ھو تہ دنيا جي تخليق کان اڳ ھر چيز خدا جي سمجھ ۾ موجود ھئي ۽ سموري تخليق کان پوء اھي انساني سمجھ ۾ آيون. ابن سينا جو خيال ھو تہ وقت يا زمان جي رواني ھر انساني روح ۾ ٽٽل آهي. ھر انساني عمل وقت کي ماضيءَ ۽ مستقبل ۾ ورھائي ٿو ۽ حال جو وجود صرف ان عمل جي گھڙي منجھ ھوندو آھي.ھن جي فلسفي مطابق روح ۽ جسم ٻہ الڳ الڳ شيون آهن جن مان جسم فاني ۽ روح لافاني آهي جنھن ڪري جسم جو ٻيھر زنده ٿي اٿڻ وارو عمل حقيقت ناھي. ابن سينا جي فڪر نہ رڳو اسلامي دنيا پر يورپي فلسفي کي بہ وچولي دؤر ۾ متاثر ڪيو، خاص طور تي البرٽس ميگنوس، اڪئينس، مارڪوس پيوڪرٽ کي متاثر ڪيو[7].[8][9]
ڪتاب
[سنواريو]ابن سينا 100 کن ڪتاب لکيا، جن مان ’القانون‘ ۽ ’الشفا‘ کي ڏاڍي شهرت ملي.[10]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 Encyclopedia of Islam: Vol 1, p. 562, Edition I, 1964, Lahore, Pakistan
- ↑ In Bukhara (19 years) then Gurgānj, Khwārazm (13 years).
- ↑ In Gorgān, 1012–14.
- ↑ In Ray (1 year), Hamadān (9 years) and Isfahān (13 years). "D. Gutas, 1987, ''AVICENNA ii. Biography'', Encyclopædia Iranica". Iranicaonline.org. حاصل ڪيل 2012-01-07.
- ↑ "Ibn Sina". www.muslimphilosophy.com. حاصل ڪيل 2018-06-22.
- ↑ "Ibn Sina Biography". www.ediblewildfood.com. حاصل ڪيل 2018-06-22.
- ↑ 7.0 7.1 Encyclopedia of Time (Science, Philosophy, Theology, & Culture) By: H. James Birx Editor Canisius College State University of New York at Geneseo Buffalo Museum of Science-- SAGE Publications Ltd. 1 Oliver’s Yard 55 City Road London EC1Y 1SP United Kingdom--page no: 65
- ↑ 8.0 8.1 Goodman, L. E. (1992). Avicenna. New York: Routledge.
- ↑ 9.0 9.1 Gutas, D. (1988). Avicenna and the Aristotelian tradition. Boston: Brill.
- ↑ ابن سينا : (Sindhianaسنڌيانا)