ڳوٺ سم
ڏيک
ڳوٺ سِم (انگريزي:Village Simm) سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي ۾ يونين ڪائونسل ٽوڙ ۾ هڪ قديم ڳوٺ آهي. سِم لفظ سِمڻ مان نڪتل لڳي ٿو. هت پاڻي زمين مان سِمِي ٻاهر ايندو هوندو جنهن ڪري مٿس نالو سم پيو هوندو ۽ ان ڀرسان ٻَڌل ڳوٺ سِم سڏيو هوندو. بھرحال هيءُ ڳوٺ تمام پراڻو آهي ۽ غالبن ڪتاب چچنامو ۾ سيسم جو بگاڙ سِم آهي. مورخن موجب سيسم جو قلعو هن ئي ڳوٺ وٽ هو.[1][2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "تاريخ (حصو پهريون) ... جوهي تعلقي ۾ سيسم جو قلعو ... عزيز ڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-21.
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2020-09-22 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-09-21