گل شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گل شاھ (سجاول جوڻيجو)
ديھ گل شاھ
ديھ
Deh Gul Shah
گل شاھ (سجاول جوڻيجو) is located in سنڌ
گل شاھ (سجاول جوڻيجو)
گل شاھ (سجاول جوڻيجو)
گل شاھ (سجاول جوڻيجو) is located in Pakistan
گل شاھ (سجاول جوڻيجو)
گل شاھ (سجاول جوڻيجو)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°53′06″N 68°02′18″E / 27.88500°N 68.03833°E / 27.88500; 68.03833مڪانيت: 27°53′06″N 68°02′18″E / 27.88500°N 68.03833°E / 27.88500; 68.03833
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو سجاول جوڻيجو تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 3,277


ديھ شاھ(انگريزي: Deh Gul Shah ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي سجاول جوڻيجو تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا سجاول تپي ۾ واقع آهي. ھن ديھ جو نالو ڳوٺ پير گل شاھ جي نالي تان پيل آھي جيڪو ھن ديھ جو اوڀرندي دنگ سان لڳولڳ وھندڙ شھدادڪوٽ برانچ يا ٽانوري شاخ جي پرئين ڪپ تي ديھ محمدي ٽانوري ۾ واقع آهي. اھو ڳوٺ برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني جي دؤر يا ان کان اڳ جو آھي ۽ 1880 جي روينيو رڪارڊ جي نقشي م پڻ ڏيکاريل آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1882ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڀرڳڙي، ڳوٺ لقمان سيال، ڳوٺ سھراب سيال ۽ ڳوٺ حسڻ ڀٽي واقع ھيا[2]. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ حسن ڀٽي، ڳوٺ علي حسن بروھي ۽ لقمان سيال معروف آھن.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڪلر، اوڀر ۾ ديھ فتح خان ڌامراھو ديھ حيات گوپانگ، ديھ محمدي ٽانوري، اولھ ۾ ديھ کوسا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ لال خان مستوئي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,277 ھئي جيڪا 524 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]